Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڪلسين 1:5 - Hindu Sindhi Bible

5 اوهان جي انهيءَ وشواس ۽ پيار جو دارومدار انهيءَ اميد تي آهي، جيڪا اوهان لاءِ آڪاش تي مخصوص ٿيل آهي. اوهان ان جو ذڪر اڳي ئي انهيءَ خوشخبريءَ جي سچي سنديش ۾ ٻڌو آهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 انهيءَ اُميد جي ڪري جا اوهان جي لاءِ آسمان ۾ رکيل آهي. ۽ جنهن جو ذڪر اوهان اڳيئي انهيءَ خوشخبريءَ جي سچي ڪلام ۾ ٻُڌو آهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 اوهان جي انهيءَ ايمان ۽ پيار جو دارومدار انهيءَ اميد تي آهي، جيڪا اوهان لاءِ آسمان تي مخصوص ٿيل آهي. اوهان ان جو ذڪر اڳي ئي انهيءَ خوشخبريءَ جي سچي پيغام ۾ ٻڌو آهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 اوھان جي انھيءَ ايمان ۽ محبت جو مدار انھيءَ اميد تي آھي، جيڪا خدا اوھان لاءِ آسمان ۾ پوري ڪندو ۽ جنھن جو ذڪر اوھان اڳي ئي خوشخبريءَ جي سچي ڪلام ۾ ٻڌو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڪلسين 1:5
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو جيڪي اٿوَ سو وڪڻي غريبن کي دان ۾ ڏيو ۽ پنهنجي لاءِ اهڙيون ڳوٿريون ٺاهيو جيڪي پئي پراڻيون نہ ٿين، يعني ايشور وٽ پنهنجي لاءِ اهڙو خزانو گڏ ڪريو جيڪو کُٽي ئي نہ، جنهن کي نہ چور ويجھو اچي ۽ نہ ڪينئون ٽُڪي خراب ڪريس،


ايشور جي خوشخبريءَ جو سنديش جيڪو هن بني اسرائيل قوم ڏانهن موڪليو سو هي آهي تہ يسوع مسيح جيڪو سڀني جو پرڀو آهي، تنهن جي وسيلي ايشور سان ماڻهن جو ميل ميلاپ ٿئي.


اي ابرهام جو اولاد، منهنجا هم‌قوم بني اسرائيل وارؤ! ۽ اوهين اي ايشور ڀڳت غير يهوديؤ! انهيءَ مڪتيءَ وارو سنديش اسان سڀني ڏانهن موڪليو ويو آهي.


جڏهن پولس ڏٺو تہ پئنچائت ۾ ڪي صدوقي ۽ ڪي فريسي آهن، تڏهن هن وڏي آواز سان چيو تہ ”اي ڀائرؤ! آءٌ فريسي ۽ فريسين جو اولاد آهيان. هتي مون تي ڪيس هلايو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ تہ منهنجو اهو يقين آهي تہ جيڪي مري ويا آهن سي وري جيوت ٿي اٿندا.“


مون کي ايشور ۾ اهڙي ئي اميد آهي جيڪا خود انهن کي بہ آهي تہ ايشور سڀني نيڪن توڙي بدڪارن کي مرڻ کان پوءِ جيوت ڪري اٿاريندو.


بلڪ اها سچائي هيئن بہ چوي ٿي تہ ”ايشور جون ڳالهيون تنهنجي ويجھو آهن، بلڪ تنهنجي زبان تي ۽ تنهنجي دل ۾ آهن.“ ايشور جون هي ڳالهيون وشواس آڻڻ جو اهو ئي سنديش آهي، جنهن جو اسين پرچار ڪريون ٿا.


مطلب تہ وشواس، اميد ۽ پريم، اهي ٽيئي اٽل آهن. پر انهن ٽنهي مان پريم اُتم آهي.


جيڪڏهن اسين رڳو هن جيون لاءِ مسيح ۾ اميد ٿا رکون تہ پوءِ اسين سڀني ماڻهن کان وڌيڪ ديا جي لائق آهيون.


منهنجو مطلب آهي تہ ايشور مسيح جي وسيلي سنسار جو پاڻ سان ميل ميلاپ ڪندي ماڻهن جي پاپن جو ڪو حساب نہ ڪيو. ميل ميلاپ ڪرائڻ جو اهو سنديش هن اسان جي حوالي ڪري ڇڏيو.


سچو سنديش ٻڌائڻ سان ۽ ايشور جي شڪتيءَ سان اسين پاڻ کي ايشور جا سيوڪ ثابت ڪريون ٿا. حملي ڪرڻ توڙي بچاءُ ڪرڻ لاءِ اسان وٽ سچائيءَ جا هٿيار آهن.


جڏهن مون ڏٺو تہ اهي خوشخبريءَ جي سچائيءَ موجب سنئين راهہ تي نہ ٿا هلن، تڏهن مون انهن سڀني جي اڳيان پطرس کي چيو تہ ”جيتوڻيڪ تون يهودي آهين تڏهن بہ غير يهودين وانگر ٿو گذارين، نڪي يهودين وانگر. تہ پوءِ تون ڪيئن غير يهودين کي زور ٿو ڀرين تہ هو يهودين وانگر گذارين؟“


انهن جي وس هيٺ رهڻ اسان هڪڙي گھڙي بہ قبول نہ ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ خوشخبريءَ جي سچائي اوهان ۾ قائم رهي.


پر اسين پوِتر آتما جي وسيلي وشواس آڻڻ جي ڪري ايشور ڏانهن سچار بڻايا وينداسين. انهيءَ اميد جي پوري ٿيڻ جو اسين وڏي چاهہ سان انتظار ڪري رهيا آهيون.


اوهين غير يهودي بہ مسيح جا ٿيا جڏهن اوهان سچائيءَ جو سنديش يعني خوشخبري ٻڌي مسيح تي وشواس آندو ۽ اها خوشخبري اوهان لاءِ مڪتيءَ جو سبب بڻي. اهڙيءَ طرح ايشور پنهنجو وچن پورو ڪندي اوهان کي بہ پوِتر آتما بخشي، جيڪا سندس مالڪيءَ جي مُهر آهي.


اوهان تہ مسيح بابت سنديش ٻڌو آهي ۽ جيڪا سچائي هن ۾ آهي، تنهن جي سکيا هن جا هئڻ ڪري اوهان کي ڏني ويئي آهي.


پر شرط هي آهي تہ جيڪا خوشخبري اوهان ٻڌي آهي تنهن جي اميد نہ ڇڏيو ۽ اوهان جو وشواس انهيءَ خوشخبريءَ جي بنياد تي مضبوط ۽ قائم رهي. انهيءَ خوشخبريءَ جو پرچار آڪاش هيٺان رهندڙ سڄي مخلوق ۾ ڪيو ويو آهي ۽ آءٌ پولس انهيءَ خوشخبريءَ جو سيوڪ ٿيو آهيان.


انهن تي ايشور اهو ظاهر ڪرڻ ٿي چاهيو تہ انهيءَ ڀيد جي دولت سڀني قومن لاءِ ڪيڏي نہ مهانتا ڀري آهي. اهو ڀيد هي آهي تہ مسيح جيڪو اوهان ۾ آهي، سو ايشور جي جوت ۾ شريڪ ٿيڻ جي اميد آهي.


مسيح بابت سنديش کي پوريءَ طرح پاڻ ۾ رهڻ ڏيو ۽ پوريءَ ڏاهپ سان هڪٻئي کي سکيا ڏيندا ۽ نصيحت ڪندا رهو. ان سان گڏ دل سان ايشور جي شڪرگذاري ڪندي زبور، ڀڄن ۽ آتمڪ گيت ڳائيندا رهو.


انهن ڳالهين کان علاوہ اسين هميشہ ايشور جو شڪر بہ ٿا ڪريون تہ جڏهن اوهان کي ايشور جو سنديش مليو جيڪو اوهان اسان کان ٻڌو، تڏهن اوهان اهو انسان جو نہ پر جيئن حقيقت ۾ آهي تيئن ايشور جو فرمان سمجھي قبول ڪيو، جيڪو اوهان وشواسين تي اثر بہ ڪري رهيو آهي.


هاڻ اسان جو پرڀو يسوع مسيح پاڻ ۽ اسان جو پتا ايشور، جنهن اسان سان پريم رکيو ۽ پنهنجي ڪرپا جي ڪري اسان کي هميشہ جي تسلي ۽ چڱي اميد ڏني،


اها ڳالهہ ڀروسي جوڳي ۽ پوريءَ طرح قبول ڪرڻ جي لائق آهي تہ يسوع مسيح پاپين کي مڪتي ڏيڻ لاءِ سنسار ۾ آيو، جن ۾ سڀني کان وڏو پاپي آءٌ آهيان.


هاڻي سچائيءَ جو تاج مون لاءِ رکيل آهي. اهو تاج، پرڀو يسوع، جيڪو انصاف ڪندڙ جج آهي سو عدالت واري ڏينهن تي مون کي پارائيندو، نہ رڳو مون کي بلڪ انهن سڀني کي بہ، جيڪي سندس ظاهر ٿيڻ لاءِ واجھائي رهيا آهن.


انهيءَ وشواس رکڻ ۽ سچائيءَ جي ڄاڻ مان انهن ۾ هي ڀروسو پيدا ٿو ٿئي تہ کين امر جيون مليو آهي. ايشور، جيڪو ڪوڙ ڳالهائي نہ ٿو سگھي، تنهن سنسار جي شروعات کان ئي انهيءَ جيون جو وچن ڪيو آهي.


ڇاڪاڻ تہ نيم ڪنهن بہ ڳالهہ کي مڪمل ڪري نہ سگھيو. سو انهيءَ جي بدران اسان کي هڪ بهتر اميد ڏني ويئي آهي، جنهن جي وسيلي اسين ايشور وٽ وڃي ٿا سگھون.


انهن جي بدران جيئن نوان ڄاول ٻارڙا نج کير ٿا چاهين، تيئن اوهين بہ ايشور جي فرمانن وارين نج ڳالهين جو چاهہ رکندا تہ انهن جي وسيلي مڪمل مڪتيءَ ڏانهن وڌندا ويندا.


پر مسيح کي پرڀو ڄاڻي پنهنجين دلين ۾ کيس مان ڏيو. جيڪو ماڻهو اوهان کان انهيءَ اميد جو سبب پڇي، جيڪا اوهان کي مسيح ۾ آهي تہ کيس مطمئن ڪرڻ لاءِ هميشہ تيار رهو، پر نماڻائيءَ سان، ايشور جو خوف رکڻ سان


انهيءَ ڪري آءٌ اوهان کي اهي ڳالهيون هميشہ ياد ڏياريندو رهندس، جيتوڻيڪ اوهين انهن کان واقف آهيو ۽ انهيءَ سچ تي مضبوطيءَ سان قائم آهيو، جيڪو اوهان کي مليل آهي.


جنهن کي بہ مسيح ۾ اهڙي اميد آهي، سو پاڻ کي اهڙو پوِتر ڪري جهڙو مسيح پوِتر آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ