Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڪلسين 1:3 - Hindu Sindhi Bible

3 اسين جڏهن بہ اوهان لاءِ پرارٿنا ٿا ڪريون، تڏهن هميشہ ايشور جو شڪر ادا ٿا ڪريون، جيڪو اسان جي پرڀو يسوع مسيح جو پتا آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 اسين هميشہ اوهان جي لاءِ دعا گهُري پنهنجي خداوند يسوع مسيح جي خدا جا شڪرانا بجا ٿا آڻيون،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 اسين جڏهن بہ اوهان لاءِ دعا ٿا گھرون، تڏهن هميشہ خدا جا شڪرانا بجا ٿا آڻيون، جيڪو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو پيءُ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

3 اسين جڏھن بہ اوھان لاءِ دعا ٿا گھرون، تڏھن ھميشہ پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي پيءُ، يعني خدا جا شڪرانا بجاءِ ٿا آڻيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڪلسين 1:3
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ لاءِ تہ اوهين سڀ گڏجي هڪ زبان سان ايشور جي مهما ڪريو، جيڪو اسان جي پرڀو يسوع مسيح جو پتا آهي.


ايشور جيڪا ڪرپا يسوع مسيح ۾ اوهان کي بخشي آهي، تنهن جي ڪري آءٌ اوهان لاءِ هميشہ پنهنجي ايشور جو شڪر ڪندو رهان ٿو،


مهما هجي انهيءَ جي، جيڪو اسان جي پرڀو يسوع مسيح جو ايشور ۽ پتا آهي. هو ديا وارو پتا ۽ هر طرح جي دلداري ڏيندڙ ايشور آهي.


اهو ئي سبب آهي جو پرڀو يسوع تي اوهان سڀني جي مضبوط وشواس ۽ مسيح ۾ سڀني چونڊي پوِتر ڪيلن لاءِ اوهان جي پيار بابت ٻڌي


پوِتر آتما جي هدايت سان هر وقت ۽ هر حالت ۾ پرارٿنا ۽ منٿ سان ايشور کان مدد گھرندا رهو. مسيح ۾ سڀني چونڊي پوِتر ڪيلن لاءِ بہ هميشہ ائين ئي پرارٿنا ڪندا رهو، انهيءَ لاءِ سجاڳ رهو ۽ همت نہ هاريو.


سو ڪنهن بہ ڳالهہ جي چنتا نہ ڪريو، بلڪ هر ڳالهہ بابت پنهنجيون وينتيون اوهين پرارٿنا ۽ منٿ جي وسيلي شڪرگذاري ڪندي ايشور جي شرڻ ۾ پيش ڪندا رهو.


هن اسان کي اونداهيءَ جي چنبي مان ڇڏائي پنهنجي پياري پٽ جي راڄ ۾ آندو،


جنهن ڏينهن اسان اوهان جي باري ۾ اهو سڀ ٻڌو، تنهن ڏينهن کان وٺي اوهان لاءِ ايشور کي پرارٿنا ۽ هيءَ وينتي ڪرڻ کان بس نہ ٿا ڪريون تہ شل هو اوهان کي پوِتر آتما جي سموري ڏاهپ ۽ سمجھہ بخشيندي پنهنجي مرضيءَ جي ڄاڻ سان ڀري ڇڏي.


اسين هميشہ اوهان سڀني جي لاءِ ايشور جو شڪر ڪندا ٿا رهون ۽ پنهنجين پرارٿنائن ۾ اوهان کي ياد پيا ڪريون.


جنهن ايشور جي ڀڳتي منهنجي ابن ڏاڏن ڪئي، آءٌ بہ انهن وانگر صاف‌دليءَ سان انهيءَ جي ڀڳتي ڪندي ۽ پنهنجين پرارٿنائن ۾ رات ڏينهن سدائين تو کي ياد ڪندي ايشور جو شڪر ادا ٿو ڪريان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ