Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڪلسين 1:20 - Hindu Sindhi Bible

20 ايشور جي مرضي اها بہ هئي تہ سوليءَ تي وهايل مسيح جي رت جي وسيلي ميل ميلاپ ڪري سندس معرفت سڀني شين جو پاڻ سان رابطو بحال ڪري، پوءِ اهي ڌرتيءَ تي هجن توڙي آڪاش ۾.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 ۽ سندس رت جو صليب تي وهايو ويو، تنهن جي وسيلي صلح ڪري سندس معرفت سڀني شين جو پاڻ سان ميل ميلاپ ڪري، پوءِ اُهي شيون زمين تي هجن خواهہ آسمان ۾.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 خدا جي مرضي اها بہ هئي تہ صليب تي وهايل مسيح جي رت جي وسيلي ميل ميلاپ ڪري سندس معرفت سڀني شين جو پاڻ سان رابطو بحال ڪري، پوءِ اهي زمين تي هجن توڙي آسمان ۾.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 خدا چاھيو ٿي تہ مسيح جي صليب تي وھايل رت جي وسيلي صلح ڪري سندس معرفت سڀني شين جو پاڻ سان صحيح رابطو قائم ڪري، پوءِ اھي زمين تي ھجن توڙي آسمان ۾.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڪلسين 1:20
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن کي پٽ ڄمندو، جنهن جو نالو يسوع رکجانءِ، ڇاڪاڻ تہ هو پنهنجي قوم کي سندن پاپن کان مڪتي ڏيندو.“


”آڪاش تي ايشور جي مهما هجي ۽ ڌرتيءَ تي انهن ماڻهن لاءِ امن وَ شانتي، جن کان هو راضي آهي.“


ڪُرنيليس چيس تہ ”چئن ڏينهن جي ڳالهہ آهي جو آءٌ پنهنجي گھر ۾ هن ساڳي ئي وقت اٽڪل ٽي بجي پرارٿنا ڪري رهيو هئس تہ اوچتو هڪ ماڻهو تجليدار پوشاڪ سان منهنجي اڳيان ظاهر ٿيو.


جيئن تہ اسين وشواس رکڻ جي ڪري ايشور ڏانهن سچار بڻايا ويا آهيون، تنهنڪري اسان جو پنهنجي پرڀو يسوع مسيح جي وسيلي ايشور سان ميل ميلاپ ٿي ويو آهي.


اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيئن زمانن جي پوري ٿيڻ جو اهڙو بندوبست ٿئي جو آڪاش توڙي ڌرتيءَ تي جيڪي ڪجھہ بہ آهي، سو سڀ مسيح جي سنڀال هيٺ اچي وڃي.


اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ يسوع جي نالي تي هر ڪو گوڏا کوڙي، پوءِ اهو آڪاش تي هجي يا ڌرتيءَ تي، يا وري هيٺ پاتال ۾ هجي،


سڀ شيون، آڪاش ۾ توڙي ڌرتيءَ تي، ڏسڻ ۾ ايندڙ توڙي نہ ايندڙ، تخت هجن توڙي طاقتون، حڪومتون هجن توڙي اختياريون، مطلب تہ ايشور سموريون شيون هن ۾ شامل، هن جي وسيلي ۽ هن جي لاءِ پيدا ڪري قائم رکيون آهن.


تنهنڪري اهو لازمي هو تہ هو پاڻ بہ هر طرح پنهنجي ڀائرن ڀينرن وانگر ٿئي، انهيءَ لاءِ تہ ايشور جي سيوا ڪرڻ ۾ هو اهڙو سردار ڪاهن ٿئي، جيڪو ديالو ۽ وفادار هجي ۽ ماڻهن جي پاپن جو ڪفارو ادا ڪري سگھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ