Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 9:3 - Hindu Sindhi Bible

3 سفر ڪندي جڏهن هو دمشق جي ويجھو پهتو، تڏهن اوچتو آڪاش مان هڪڙي روشني اچي سندس چوڌاري چمڪڻ لڳي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 ۽ واٽ ويندي جڏهن هو دمشق جي ويجهو آيو، تڏهن اوچتو آسمان مان هڪڙي روشني اچي سندس چوڌاري چمڪڻ لڳي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 سفر ڪندي جڏهن هو دمشق جي ويجھو پهتو، تڏهن اوچتو آسمان مان هڪڙي روشني اچي سندس چوڌاري چمڪڻ لڳي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

3 واٽ ويندي جڏھن ھو دمشق جي ويجھو پھتو، تڏھن اوچتو آسمان مان ھڪڙي روشني اچي سندس چوڌاري چمڪڻ لڳي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 9:3
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”جڏهن آءٌ سفر ڪندو دمشق کي ويجھو ٿيس تڏهن منجھند ڌاري اوچتو ئي اوچتو آڪاش مان هڪڙي تجليدار روشني منهنجي چوڌاري چمڪڻ لڳي.


سو حننياہ ويو ۽ ان گھر ۾ گھڙي سائول تي پنهنجا هٿ رکي چيائينس تہ ”سائول ڀاءُ! پرڀو يسوع پاڻ مون کي موڪليو آهي، جنهن تو کي رستي ۾ درشن ڏنو هو، جڏهن تون هيڏانهن اچي رهيو هئين. هن مون کي انهيءَ لاءِ موڪليو آهي تہ تو کي وري ديد ملي ۽ تون پوِتر آتما سان ڀرجي وڃين.“


تڏهن برنباس هن کي پاڻ سان گڏ خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن وٽ وٺي آيو. هن انهن کي ٻڌايو تہ سائول ڪيئن پرڀو يسوع کي رستي ۾ ڏٺو ۽ ڪيئن پرڀوءَ ساڻس ڳالهايو. هن اهو بہ ٻڌاين تہ سائول دمشق ۾ يسوع جي نالي تي ڪيڏي نہ دليريءَ سان پرچار ڪيو.


سڀني کان پوءِ هن مون کي بہ درشن ڏنو، ڄڻ تہ آءٌ اڌوري وقت تي ڄائو هئس.


ڇا ٻين وانگر آءٌ پنهنجو حق وٺڻ لاءِ آزاد نہ آهيان؟ ڇا آءٌ خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت نہ آهيان؟ ڇا مون يسوع کي نہ ڏٺو آهي جيڪو اسان جو پرڀو آهي؟ ڇا اوهين پرڀوءَ جي لاءِ منهنجي سيوا جو نتيجو نہ آهيو؟


رڳو اهو ئي ابناسي آهي ۽ هو انهيءَ روشنيءَ ۾ ٿو رهي، جنهن تائين ڪوبہ پهچي نہ ٿو سگھي. هن کي نہ ڪنهن ماڻهوءَ ڏٺو آهي ۽ نہ ڪو ڏسي ٿو سگھي. شل انهيءَ ايشور جو مان‌سمان ٿيندو رهي ۽ سندس شڪتي هميشہ تائين قائم رهي. آمين.


انهيءَ شهر کي روشنيءَ لاءِ سج يا چنڊ جي ضرورت ڪانہ هئي، ڇاڪاڻ تہ ايشور جي جوت ان کي روشن ٿي ڪري ۽ گھيٽڙو ان جو ڏيئو آهي.


اتي وري ڪڏهن بہ رات نہ ٿيندي، تنهنڪري انهن کي ڏيئي يا سج جي روشنيءَ جي ضرورت نہ پوندي، ڇاڪاڻ تہ پرڀو پرميشور انهن کي روشن ڪندو ۽ اهي هميشہ هميشہ تائين راڄ ڪندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ