Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 9:21 - Hindu Sindhi Bible

21 جن بہ هن جي اها ڳالهہ ٻڌي، سي سڀ حيران ٿي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”هي اهو ناهي ڇا، جيڪو يروشلم ۾ يسوع جو نالو وٺندڙن کي ستائيندو هو ۽ هتي بہ انهيءَ ارادي سان آيو هو تہ انهن ماڻهن کي گرفتار ڪري سردار ڪاهنن وٽ وٺي وڃي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 ۽ جن هن جي اها ڳالهہ ٻُڌي، سي سڀ حيران ٿي ويا، ۽ چوڻ لڳا تہ هي اهو ناهي ڇا، جو جيڪي يروشلم ۾ هي نالو وٺي دعا گهُرندا هئا، تن کي ستائيندو هو، ۽ هتي بہ انهي ارادي سان آيو هو تہ انهن کي ٻَڌي سردار ڪاهنن وٽ وٺي وڃي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 جن بہ هن جي اها ڳالهہ ٻڌي، سي سڀ حيران ٿي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”هي اهو ناهي ڇا، جيڪو يروشلم ۾ عيسيٰ جو نالو وٺندڙن کي ستائيندو هو ۽ هتي بہ انهيءَ ارادي سان آيو هو تہ انهن ماڻهن کي گرفتار ڪري سردار ڪاهنن وٽ وٺي وڃي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

21 جن بہ ھن جي اھا ڳالھہ ٻڌي، سي سڀ حيران ٿي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”ھي اھو ناھي ڇا، جو جيڪي ⁠بہ يروشلم ۾ عيسيٰ جو نالو وٺندا ھئا تن کي ھو ستائيندو ھو ۽ ھتي بہ انھيءَ ارادي سان آيو ھو تہ انھن ماڻھن کي گرفتار ڪري سردار ڪاھنن وٽ وٺي وڃي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 9:21
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سڀيئي حيران ٿي ويا ۽ مونجھڪاري وچان هڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”هن جو مطلب ڇا آهي؟“


انهن جڏهن اهو آواز ٻڌو تہ اهي وڏي ميڙ جي صورت ۾ اچي گڏ ٿيا. هو سڀيئي حيران ٿي ويا، ڇاڪاڻ تہ هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي ٻوليءَ ۾ انهن کي ڳالهائيندي ٻڌو.


انهن کيس سڃاتو تہ هي اهو پينو فقير آهي، جيڪو هيڪل جي سهڻي دروازي وٽ ويٺو پنندو هو. تڏهن اهي سڀيئي هن کي ڏسي عجب ۽ حيرت ۾ پئجي ويا.


اهي پطرس ۽ يوحنا تي عجب کائڻ لڳا تہ هي عام ماڻهو ٿوري سکيا هوندي بہ ڪيڏا نہ دلير آهن! پر پوءِ ڄاتائون تہ هو يسوع جا ساٿي آهن.


پوءِ جيئن انهن استيفنس تي پٿر پئي وسايا تہ هن پڪاريندي چيو تہ ”اي پرڀو يسوع! منهنجي آتما قبول ڪر.“


سائول منڊليءَ کي تباهہ ڪندو رهيو ۽ گھر گھر ۾ گھڙي وشواسي مردن توڙي نارين کي گهلي جيل ۾ وجھرائيندو رهيو.


پر سائول جو پرچار ڏينهون ڏينهن زور وٺندو ويو ۽ جيڪي يهودي دمشق ۾ رهندا هئا تن کي منجھائي ڇڏيائين، جو ثابت ڪري ڏيکاريائين تہ يسوع ئي مسيح آهي.


مسيح جي اچڻ واري انهيءَ ڏينهن تي مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيل، يعني مٿس وشواس رکندڙ سڀ سندس شڪتي ڏسي حيران ٿي ويندا ۽ سندس مهما ڪندا. انهن ۾ اوهين بہ شامل هوندا، ڇاڪاڻ تہ اوهان اسان جي شاهديءَ تي وشواس آندو آهي.


ڏسو، ايشور پتا جو اسان سان ڪيڏو نہ پيار آهي! ايتري قدر جو اسين سندس ٻار ٿا سڏجون ۽ حقيقت ۾ اسين آهيون بہ. پر سنسار وارا اسان کي نہ ٿا ڄاڻين، ڇاڪاڻ تہ هنن ايشور کي بہ نہ ڄاتو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ