Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 9:20 - Hindu Sindhi Bible

20 هو جلد ئي يهودين جي ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ وڃي يسوع بابت پرچار ڪرڻ لڳو تہ هو ايشور جو پٽ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 ۽ يڪدم وڃي عبادتخانن ۾ يسوع جي منادي ڪرڻ لڳو تہ هو خدا جو فرزند آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 هو جلد ئي يهودين جي عبادت‌خانن ۾ وڃي عيسيٰ بابت تبليغ ڪرڻ لڳو تہ هو خدا جو فرزند آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 ھو جلد ئي يھودي عبادت⁠خانن ۾ وڃي عيسيٰ بابت تبليغ ڪرڻ لڳو تہ ھو خدا جو فرزند آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 9:20
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو ايشور تي ڀروسو رکي ٿو. هاڻي ڏسون تہ ايشور هن کي ڪيئن ٿو بچائي، ڇاڪاڻ تہ هو چوي پيو تہ ’آءٌ ايشور جو پٽ آهيان.‘“


فوجي صوبيدار ۽ ٻيا جيڪي ساڻس گڏ يسوع تي پهرو ڏيئي رهيا هئا، تن جڏهن زلزلو ۽ ٻيو ڪجھہ ٿيندي ڏٺو تہ ڏاڍا ڊڄي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”بيشڪ هيءُ ماڻهو ايشور جو پٽ هو.“


سو شيطان هن وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”جيڪڏهن تون ايشور جو پٽ آهين تہ هنن پٿرن کي حڪم ڪر تہ روٽيون ٿي پون.“


تنهن تي نٿن‌ايل چيو تہ ”اي گرو! اوهين تہ ايشور جا پٽ آهيو. اوهين بني اسرائيل جا راجا آهيو.“


تنهن تي انهن ماڻهن زور ڀري چيو تہ ”اسان وٽ موسيٰ جو نيم آهي ۽ ان موجب هو موت جي لائق آهي، ڇاڪاڻ تہ هن ايشور جو پٽ هجڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.“


تنهن تي توما چيس تہ ”اي منهنجا پرڀو! اي منهنجا ايشور!“


پر جيڪي لکيا ويا آهن تن جو مقصد هي آهي تہ جيئن اوهين وشواس آڻيو تہ يسوع ئي مسيح ۽ ايشور جو پٽ آهي ۽ مٿس وشواس آڻڻ سان اوهان کي هن ۾ جيون ملي.


پولس ۽ برنباس وارا پرگا مان پسديا علائقي واري انطاڪيا شهر ۾ آيا ۽ سبت جي ڏينهن يهودين جي ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ وڃي ويٺا.


ايشور انهن جي اولاد يعني اسان جي لاءِ يسوع کي جيوت ڪري اهو وچن پورو ڪيو، جيئن زبور ٻئي ۾ لکيل آهي تہ ’تون منهنجو پٽ آهين، هائو، اڄ آءٌ چوان ٿو تہ آءٌ تنهنجو پتا آهيان.‘


پر پولس ۽ برنباس کين دليريءَ سان چيو تہ ”اهو ضروري هو تہ ايشور جو اهو سنديش پهريائين اوهان يهودين کي ٻڌايو وڃي. پر جيئن تہ اهو اوهان قبول نہ ڪيو ۽ پاڻ کي امر جيون جي لائق نہ ٿا سمجھو، تنهنڪري اسين اوهان کي ڇڏي غير قومن وٽ وڃون ٿا،


جڏهن هو اتي سلميس شهر ۾ پهتا، تڏهن يهودين جي ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ مسيح بابت ايشور جي سنديش جو پرچار ڪرڻ لڳا. يوحنا عرف مرقس جيڪو انهن سان گڏ هو، تنهن هن ڪم ۾ سندن مدد ڪئي.


ساڳيءَ طرح اڪونيم ۾ بہ پولس ۽ برنباس يهودين جي ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ ويا ۽ اهڙي نموني تقرير ڪيائون جو گھڻن ئي يهودين ۽ غير قوم وارن يسوع تي وشواس آندو.


سبت جي ڏينهن اسين شهر جي دروازي کان ٻاهر نديءَ جي ڪناري تي وياسين، جو سمجھيوسين تہ يهودي اتي ڀڳتيءَ لاءِ گڏ ٿيندا هوندا. اتي اسين انهن نارين سان ويهي گفتگو ڪرڻ لڳاسين جيڪي اچي گڏ ٿيون هيون.


تنهن تي وشواسين هڪدم پولس ۽ سيلاس کي راتوواهہ بيريا ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو. جڏهن هو اتي پهتا تہ يهودين جي ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ ويا.


تنهنڪري هو يهودين جي ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ وڃي يهودين ۽ ايشور ڀڳت غير يهودين سان توڙي بازار ۾ ملڻ وارن سان روزانو بحث پيو ڪندو هو.


پولس پنهنجي دستور موجب سندن ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ ويو ۽ ٽن هفتن تائين هر سبت جي ڏينهن تي هو پوِتر شاستر مان ساڻن بحث پيو ڪندو هو.


جڏهن اهي اِفسس شهر ۾ پهتا تہ پولس پرسڪلا ۽ اڪولا کان موڪلايو. پوءِ پاڻ يهودين جي ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ ويو جتي يهودين سان بحث مباحثو ڪرڻ لڳو.


هو هر سبت جي ڏينهن تي يهودين جي ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ ويندو هو ۽ بحث ڪري يهودين ۽ يونانين کي مڃائڻ جي ڪوشش پيو ڪندو هو.


پولس ٽن مهينن تائين يهودين جي ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ وڃي بي‌ڊپو ٿي ڳالهائيندو هو. هو ماڻهن سان ايشور جي راڄ بابت بحث ڪندو هو ۽ کين مڃائڻ جي ڪوشش ڪندو هو.


اهي اڳتي هلندي هلندي هڪڙي اهڙي جاءِ تي اچي پهتا جتي پاڻي هو. تنهن تي آفيسر چيو تہ ”ڏسو، هي پاڻي بہ موجود آهي تہ پوءِ مون کي بپتسما وٺڻ کان ڪهڙي جھل آهي؟“


پر سائول جو پرچار ڏينهون ڏينهن زور وٺندو ويو ۽ جيڪي يهودي دمشق ۾ رهندا هئا تن کي منجھائي ڇڏيائين، جو ثابت ڪري ڏيکاريائين تہ يسوع ئي مسيح آهي.


پنهنجي پٽ کي مون تي ظاهر ڪيو، تہ جيئن آءٌ غير قومن ۾ مسيح بابت خوشخبري ٻڌايان. ان وقت مون ڪنهن انسان کان صلاح نہ ورتي،


هاڻ جيئن تہ آءٌ مسيح سان گڏ سوليءَ تي چاڙهيو ويو آهيان، سو آءٌ جيوت نہ رهيو آهيان، پر مسيح مون ۾ جيوت آهي. هاڻي جيڪو جيون آءٌ هن شرير ۾ گذاريان ٿو سو ايشور جي پٽ تي وشواس رکڻ ڪري گذاري رهيو آهيان، جنهن مون سان پيار ڪيو ۽ منهنجي لاءِ پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي.


هن مون کي ٿواتيرہ واري وشواسي منڊليءَ جي دوت ڏانهن اهو لکڻ لاءِ چيو تہ ايشور جو پٽ جنهن جون اکيون مشعل وانگر ٻرن ٿيون ۽ جنهن جا پير صاف ٿيل پتل جهڙا آهن، سو تنهنجي منڊليءَ وارن کي فرمائي ٿو تہ


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ