Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 8:7 - Hindu Sindhi Bible

7 ڪيترن ئي ماڻهن مان ڀوت وڏي واڪي نڪرندا پئي ويا ۽ ڪيترائي اڌرنگي ۽ منڊا ماڻهو چڱا ڀلا ٿي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 جو ڪيترائي ماڻهو جن ۾ ناپاڪ روح هئا، سي انهن مان واڪا ڪندا نڪري پئي ويا؛ ۽ ڪيترائي جن کي اڌ رنگ هو ۽ جيڪي منڊا هئا، سي ڇُٽي چڱا ڀلا ٿي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 ڪيترن ئي ماڻهن مان ڀوت وڏي واڪي نڪرندا پئي ويا ۽ ڪيترائي اڌرنگي ۽ منڊا ماڻهو چڱا ڀلا ٿي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 ڪيترن ئي ماڻھن مان ڀوت وڏي واڪي نڪرندا پئي ويا ۽ ڪيترا ئي اڌرنگي ۽ منڊا ماڻھو چڱا ڀلا ٿي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 8:7
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يسوع پنهنجي ٻارهن چيلن کي سڏائي پاڻ وٽ گھرايو ۽ کين اختياري ڏيئي خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت مقرر ڪيائين، تہ جيئن اهي ڀوتن کي ڪڍين ۽ ماڻهن کي هر قسم جي بيماريءَ ۽ مرض کان ڇٽائي چڱو ڀلو ڪن. انهن جا نالا هي آهن: شمعون، جنهن کي پطرس ڪري سڏيندا آهن ۽ سندس ڀاءُ اندرياس، زبديءَ جا ٻہ پٽ يعقوب ۽ يوحنا،


انڌا ڏسن ٿا، منڊا گھمن ٿا، ڪوڙهہ جهڙي مرض وارا ڇٽائي پوِتر ڪيا وڃن ٿا، ٻوڙا ٻڌن ٿا، مئل جيوت ڪيا وڃن ٿا ۽ غريبن کي خوشخبري ٻڌائي وڃي ٿي.


انهيءَ ڪري سڄي شام صوبي ۾ بہ هن جي هاڪ پئجي ويئي. تنهنڪري ڪيترائي ماڻهو هن وٽ بيمارن کي وٺي آيا، جن کي جدا جدا مرض ۽ تڪليفون هيون، جهڙوڪ: ڀوتن ورتل، مرگھيءَ وارا ۽ اڌرنگي وارا. انهن سڀني کي يسوع ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو.


تنهن تي ڀوت رڙيون ڪري ڇوڪري کي ڏاڍو جھنجھوڙيو ۽ منجھانئس نڪري ويو. تڏهن ڇوڪرو مُڙدي جهڙو ٿي پيو ۽ گھڻن تہ ائين پئي سمجھيو تہ هو مري ويو آهي.


پوءِ اهي ستر چيلا ڏاڍا خوش ٿي موٽيا ۽ اچي يسوع کي چيائون تہ ”اي پرڀو! اوهان جي نالي تي ڀوت بہ اسان جي وس هيٺ ٿيا آهن.“


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو مون تي وشواس رکندو سو بہ اهڙا ئي ڪم ڪندو جهڙا آءٌ ڪري رهيو آهيان، بلڪ انهن کان بہ وڏا ڪم ڪندو. هائو، جيئن تہ آءٌ پتا وٽ وڃي رهيو آهيان،


ايتري قدر جو يروشلم جي آس‌پاس وارن ڳوٺن مان بہ تمام گھڻا ماڻهو پنهنجن بيمار ۽ ڀوتن ورتل ماڻهن کي کڻي ايندا هئا ۽ اهي سڀيئي چڱا ڀلا ٿي پوندا هئا.


جڏهن ماڻهن فلپس جو پرچار ٻڌو ۽ اهي چمتڪار ڏٺا جيڪي هن ڪيا، تڏهن سڀيئي گڏجي سندس ڳالهيون دل سان ٻڌڻ لڳا.


ايشور بہ نشانين، ڪرامتن ۽ طرح طرح جي چمتڪارن سان ۽ پنهنجي مرضيءَ موجب پوِتر آتما جا وردان ماڻهن ۾ ورهائيندي انهيءَ مڪتيءَ جي شاهدي ڏيندو رهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ