Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 8:4 - Hindu Sindhi Bible

4 جيڪي وشواسي ٽڙي پکڙي ويا هئا، سي جتي بہ ويا اتي انهن مسيح بابت ايشور جي سنديش جو پرچار ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 تنهنڪري جيڪي هاڻي ٽڙي پکڙي ويا هئا، سي هر ڪنهن هنڌ ڪلام جي خوشخبري ڏيندا رهيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 جيڪي ايمان وارا ٽڙي پکڙي ويا هئا، سي جتي بہ ويا اتي انهن مسيح بابت خدا جي پيغام جي تبليغ ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 جيڪي ايمان وارا ٽڙي پکڙي ويا ھئا، سي جتي بہ ويا اتي انھن ڪلام جي تبليغ ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 8:4
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن ماڻهو اوهان کي ڪنهن شهر ۾ ستائين تہ اوهين هڪدم ٻئي شهر ڏانهن هليا وڃجو. آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ اوهين اسرائيل جي سڀني شهرن توڙي ڳوٺن ۾ پنهنجو ڪم ختم ئي نہ ڪندا تہ منش‌پتر اچي پهچندو.


جهڙيءَ طرح اسان کان اڳين اسان تائين اهي ڳالهيون پهچايون، تهڙيءَ طرح هنن بہ هي ڳالهيون انهن کان ٻڌي لکيون، جيڪي شروع کان ئي هنن ڳالهين جا اکين ڏٺا شاهد هئا ۽ انهيءَ خوشخبريءَ جو پرچار پڻ ڪيائون.


استيفنس جي مارجي وڃڻ کان پوءِ بيحد ستايو وڃڻ جي ڪري وشواسي ٽڙي پکڙي ويا. انهن مان ڪي فينيڪي علائقي، قبرص ٻيٽ ۽ شام جي شهر انطاڪيا تائين وڃي پهتا. هو جتي بہ ويا، اتي يهودين کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي بہ پرڀو يسوع بابت ايشور جو سنديش نہ ٻڌائيندا هئا.


جڏهن تہ پولس ۽ برنباس انطاڪيا ۾ ترسي پيا ۽ گھڻن ئي ٻين ماڻهن سان گڏجي مسيح بابت پرميشور جي سنديش جي سکيا ڏيندا ۽ ان جو پرچار ڪندا رهيا.


پوءِ ڪن ڌرمچاري ماڻهن استيفنس کي دفنايو ۽ انهيءَ لاءِ ڏاڍو سوڳ ڪيائون. سائول هن جي قتل تي راضي هو. انهيءَ ڏينهن کان وٺي يروشلم ۾ منڊليءَ کي ڏاڍو ستايو ويو. سنتن کان سواءِ سڀيئي وشواسي يهوديہ ۽ سامريہ جي علائقن ۾ ٽڙي پکڙي ويا.


پر جڏهن فلپس ايشور جي راڄ بابت خوشخبريءَ ۽ يسوع مسيح جي نالي جو پرچار ڪيو تہ انهن مردن ۽ نارين وشواس آندو ۽ بپتسما ورتائون.


اوهين ڄاڻو ٿا تہ اوهان وٽ اچڻ کان اڳ فلپي شهر ۾ اسان ڪيڏيون نہ تڪليفون سٺيون ۽ ڪيئن نہ اسان جو اپمان ڪيو ويو. پر ايشور اسان کي همت ڏني جو سخت مخالفت جي باوجود اسان اوهان وٽ اچي بنا ڪنهن خوف جي مسيح بابت خوشخبري ٻڌائي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ