Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 8:39 - Hindu Sindhi Bible

39-40 جڏهن اهي پاڻيءَ مان ٻاهر نڪتا تہ پرڀوءَ جي پوِتر آتما فلپس کي کڻي ويئي ۽ هو اشدود شهر ۾ وڃي نڪتو. آفيسر وري کيس ڏسي نہ سگھيو، پر خوش خوش پنهنجو رستو وٺي هليو ويو. فلپس اشدود کان قيصريہ شهر ۾ پهچڻ تائين واٽ تي سڀني شهرن ۾ خوشخبري ٻڌائيندو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

39 ۽ جڏهن هو پاڻيءَ مان نڪتا، تڏهن خداوند جو روح فلپس کي وٺي ويو؛ ۽ خوجي وري هن کي ڪين ڏٺو، ۽ هو خوش ٿي پنهنجو رستو وٺيو هليو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

39-40 جڏهن اهي پاڻيءَ مان ٻاهر نڪتا تہ خداوند جو پاڪ روح فلپس کي کڻي ويو ۽ هو اشدود شهر ۾ وڃي نڪتو. آفيسر وري کيس ڏسي نہ سگھيو، پر خوش خوش پنهنجو رستو وٺي هليو ويو. فلپس اشدود کان قيصريہ شهر ۾ پهچڻ تائين واٽ تي سڀني شهرن ۾ خوشخبري ٻڌائيندو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

39-40 جڏھن اھي پاڻيءَ مان ٻاھر نڪتا تہ خداوند جو پاڪ روح فلپس کي کڻي ويو ۽ ھو ازوتس ۾ وڃي نڪتو. آفيسر وري کيس ڏسي نہ سگھيو، پر خوش خوش پنھنجو رستو وٺي ھليو ويو. فلپس ازوتس کان وٺي واٽ ۾ سڀني شھرن ۾ خوشخبري ٻڌائيندو ويو، تان جو اچي قيصريہ ۾ پھتو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 8:39
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”آڪاش جو راڄ انهيءَ خزاني مثل آهي جيڪو ٻنيءَ ۾ لڪل آهي. جڏهن ڪو ماڻهو اهو لهي ٿو تہ هو وري ان کي ڍڪي ڇڏي ٿو ۽ بيحد خوشيءَ وچان وڃي پنهنجو سڀ ڪجھہ وڪڻي اها ٻني خريد ڪري ٿو.


سو يسوع جيئن ئي بپتسما وٺي پاڻيءَ مان ٻاهر آيو تہ هن لاءِ آڪاش کُلي پيو ۽ ايشور جي آتما هڪ ڪبوتر وانگر هيٺ لهندي ۽ پاڻ تي ويهندي ڏٺائين.


جيئن ئي يسوع پاڻيءَ مان ٻاهر نڪتو تہ کيس آڪاش کُليل نظر آيو ۽ پوِتر آتما کي ڪبوتر وانگر پاڻ تي لهندو ڏٺائين.


تنهن هوندي بہ انطاڪيا جا وشواسي خوشيءَ ۽ پوِتر آتما سان ڀرجندا رهيا.


پوءِ هن پولس ۽ سيلاس کي مٿي پنهنجي گھر وٺي اچي کارايو پيئاريو. ايشور تي وشواس آڻڻ جي ڪري هو ۽ سندس سڄو ڪٽنب بيحد خوش هو.


پوِتر آتما فلپس کي چيو تہ ”ويجھو وڃي انهيءَ گاڏيءَ سان گڏج.“


سو آفيسر گاڏيءَ کي بيهارڻ جو حڪم ڏنو. هو ۽ فلپس ٻئي هيٺ پاڻيءَ ۾ لٿا ۽ فلپس کيس بپتسما ڏني.


تنهنڪري انهيءَ شهر ۾ ڏاڍيون خوشيون ٿيڻ لڳيون.


اسان جي وشواس جي وسيلي مسيح اسان کي ايشور جي انهيءَ ڪرپا تائين پهچايو آهي، جنهن تي اسين قائم آهيون. اسين انهيءَ اميد تي فخر ٿا ڪريون تہ ايشور جي جوت ۾ شريڪ ٿينداسين.


ياد رکو تہ حقيقي ختنو ڪرايل اسين آهيون، جيڪي ايشور جي پوِتر آتما جي مرضيءَ سان جيون گذاريون ٿا، يسوع مسيح تي فخر ڪريون ٿا ۽ شرير وارين ڳالهين تي وشواس نہ ٿا رکون.


پرڀو يسوع ۾ اوهين هر وقت خوش رهو. آءٌ وري بہ چوان ٿو تہ خوش رهو.


پر انهيءَ جي بدران اوهين ٻٽاڪون هڻي فخر ٿا ڪريو. اهڙو سمورو فخر برو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ