Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 8:3 - Hindu Sindhi Bible

3 سائول منڊليءَ کي تباهہ ڪندو رهيو ۽ گھر گھر ۾ گھڙي وشواسي مردن توڙي نارين کي گهلي جيل ۾ وجھرائيندو رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 پر شائول ڪليسيا کي تباهہ ڪندو رهيو، ۽ گهر گهر ۾ گهڙي مردن ۽ زالن کي گهلي قيد ڪرائيندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 سائول ڪليسيا کي تباهہ ڪندو رهيو ۽ گھر گھر ۾ گھڙي ايمان وارن مردن توڙي عورتن کي گهلي جيل ۾ وجھرائيندو رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

3 پر شائول ڪليسيا کي تباھہ ڪندو رھيو ۽ گھر گھر ۾ گھڙي ايمان وارن مردن ۽ عورتن کي گھلي جيل ۾ وجھندو رھيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 8:3
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن ڪنيا جي مالڪن ڏٺو تہ سندن ڪمائيءَ جو ذريعو ختم ٿي ويو، تڏهن هنن پولس ۽ سيلاس کي پڪڙي ورتو ۽ کين گهلي شهر جي چونڪ تي رومي عملدارن وٽ وٺي ويا.


تنهن تي مون کيس چيو تہ ’اي پرڀو! هو پاڻ ڄاڻين ٿا تہ جيڪي تو تي وشواس آڻيندا هئا، تن کي آءٌ جتي ڪٿي يهودين جي ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ وڃي پڪڙي جيل ۾ وجھرائيندو هئس ۽ مار ڏياريندو هئس.


هو کيس شهر مان ٻاهر ڪڍي سنگسار ڪرڻ لڳا. استيفنس مٿان شاهدي ڏيندڙن پنهنجا ڪپڙا لاهي سائول نالي هڪڙي نوجوان وٽ رکيا.


جن بہ هن جي اها ڳالهہ ٻڌي، سي سڀ حيران ٿي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”هي اهو ناهي ڇا، جيڪو يروشلم ۾ يسوع جو نالو وٺندڙن کي ستائيندو هو ۽ هتي بہ انهيءَ ارادي سان آيو هو تہ انهن ماڻهن کي گرفتار ڪري سردار ڪاهنن وٽ وٺي وڃي؟“


آءٌ تہ خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن ۾ سڀني کان گھٽ آهيان، بلڪ سنت سڏجڻ جي بہ لائق نہ آهيان، ڇاڪاڻ تہ ايشور جي منڊليءَ کي ستايو هئم.


اوهين مون بابت تہ ٻڌي چڪا آهيو تہ جڏهن آءٌ يهودي ڌرم جو پابند هئس تہ منهنجي ڪهڙي هلت چلت هئي. آءٌ ايشور جي منڊليءَ کي حد کان وڌيڪ ستائيندو هئس ۽ ان کي برباد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هئس.


ڌرمي غيرت جي لحاظ کان آءٌ وشواسي منڊليءَ جو ستائيندڙ هئس ۽ جيڪڏهن يهودين جي نيم طور سچي هئڻ جو ڪو سوال آهي تہ ان لحاظ کان آءٌ بي‌داغ هئس.


جيتوڻيڪ آءٌ اڳي يسوع مسيح جي نندا ڪندڙ ۽ سندس شان ۾ گھٽ وڌ ڳالهائيندڙ هئس ۽ وشواسين کي ستائيندو هئس، تنهن هوندي بہ ايشور مون تي ديا ڪئي، ڇاڪاڻ تہ مون جيڪي ڪجھہ ڪيو سو وشواس نہ آڻڻ جي حالت ۾ اڻ‌ڄاڻائيءَ ڪري ڪيو.


پوءِ ڇو اوهين غريبن جو اپمان ٿا ڪريو؟ اوهان تي ظلم ڪرڻ وارا تہ دولتمند آهن. ڇا اهي اوهان کي ڪورٽ ۾ گهلي وٺي نہ ٿا وڃن؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ