Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 8:22 - Hindu Sindhi Bible

22 تنهنڪري پنهنجي انهيءَ بڇڙائيءَ تي توبهہ ڪر ۽ پرميشور کي پرارٿنا ڪر تہ شل تو کي تنهنجي دل جي انهيءَ بڇڙي خيال جي معافي ملي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 تنهنڪري پنهنجي انهيءَ بڇڙائيءَ کان توبهہ ڪر ۽ خداوند کان دعا گهُر تہ شايد تنهنجي دل جي اهڙي خيال جي معافي مليئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 تنهنڪري پنهنجي انهيءَ بڇڙائيءَ تي توبهہ ڪر ۽ خداوند کان دعا گھر تہ شل تو کي تنهنجي دل جي انهيءَ بڇڙي خيال جي معافي ملي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

22 تنھنڪري پنھنجي انھيءَ بڇڙائيءَ تي توبھہ ڪر ۽ خداوند کان دعا گھر تہ شل تو کي تنھنجي دل جي انھيءَ بڇڙي خيال جي معافي ملي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 8:22
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ايشور جهالت وارن زمانن کي نظرانداز ڪندي هاڻي سڀني ماڻهن کي هر هنڌ اهو حڪم ٿو ڏئي تہ هو توبهہ ڪن،


تنهن تي پطرس کين چيو تہ ”توبهہ ڪريو ۽ اوهان مان هر ڪو پنهنجي پاپن جي معافيءَ لاءِ يسوع مسيح جي نالي تي بپتسما وٺي. تڏهن اوهان کي ايشور جي بخشش يعني پوِتر آتما بخشي ويندي.


تنهنڪري توبهہ ڪريو ۽ ايشور ڏانهن اچو تہ اوهان جا پاپ ميٽجي وڃن،


تنهن تي پطرس جواب ڏنس تہ ”شل تون ۽ تنهنجا پئسا ٻئي نرڳ ۾ پئو، جو تون سمجھين ٿو تہ ايشور جي بخشش پئسن سان ملي سگھي ٿي.


پرڀوءَ وري هن کي چيو تہ ”اُٿ ۽ سنئين نالي گھٽيءَ ۾ يهوداہ جي گھر وڃي ترسس شهر واري ماڻهوءَ سائول جي پڇا ڪر. ڏس، هو پرارٿنا ڪري رهيو آهي


ائين ٿو لڳي جو تون ايشور جي ڀلائيءَ، برداشت ۽ ڌيرج واري دولت کي خسيس ٿو سمجھين. ڇا تون ايترو نہ ٿو سمجھين تہ ايشور جي ڀلائي تو کي توبهہ ڏانهن ٿي ڇڪي؟


انهيءَ ڳالهہ کي ڌيان ۾ رکو، ڇاڪاڻ تہ ايشور جيڪي بہ فرمائي ٿو سو جيوت ۽ اثرائتو آهي. اهو اهڙو تکو آهي جو جان کي آتما کان ائين ڌار ڪريو ڇڏي، جيئن ٻِہ‌منهين تلوار سنڌن کي مِکُ کان ڌار ڪريو ڇڏي. اهو دل جي خيالن ۽ ارادن کي جاچي ٿو وٺي.


مون انهيءَ ناريءَ کي مهلت ڏني تہ توبهہ‌تائب ٿئي، پر هوءَ پنهنجي انهيءَ زناڪاريءَ کان توبهہ ڪرڻ نہ ٿي چاهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ