Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 8:20 - Hindu Sindhi Bible

20 تنهن تي پطرس جواب ڏنس تہ ”شل تون ۽ تنهنجا پئسا ٻئي نرڳ ۾ پئو، جو تون سمجھين ٿو تہ ايشور جي بخشش پئسن سان ملي سگھي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 پر پطرس چيس تہ شل تنهنجا پيسا تو سوڌو چٽ ٿين، جو ڀانئين ٿو تہ خدا جي بخشش پيسن سان ملي پوندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 تنهن تي پطرس جواب ڏنس تہ ”شل تون ۽ تنهنجا پئسا ٻئي دوزخ ۾ پئو، جو تون سمجھين ٿو تہ خدا جي بخشش پئسن سان ملي سگھي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 تنھن تي پطرس جواب ڏنس تہ ”شل تون ۽ تنھنجا پيسا ٻئي جھنم ۾ پئو، جو تون سمجھين ٿو تہ ’خدا جي بخشش پيسن سان خريد ڪريان.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 8:20
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بيمارن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪجو ۽ مئلن کي جيوت ڪجو، ڪوڙهہ جهڙي مرض وارن کي ڇٽائي پوِتر ڪجو ۽ ماڻهن مان ڀوت ڪڍجو. آءٌ هي اوهان کي مفت ۾ ڏيان ٿو، تنهنڪري اوهين بہ مفت ۾ ڏجو.


هائو، انسان جي دل مان برا خيال ٿا نڪرن، جيڪي خراب ڪم ٿا ڪرائين، جهڙوڪ: خون، زناڪاري، حرامڪاري، چوري، ڪوڙي شاهدي ۽ گلاخوري.


يروشلم جي سڀني ماڻهن ۾ اهو مشهور هو تہ يهوداہ جيڪي پئسا پنهنجي بڇڙي ڪم جي عيوض ورتا هئا، تن مان هن زمين جو ٽڪرو خريد ڪيو هو. اتي هو اونڌو ٿي ڪري پيو، سندس پيٽ ڦاٽي پيو ۽ آنڊا ٻاهر نڪري آيس. سو ماڻهن انهيءَ زمين کي پنهنجي ارامي ٻوليءَ ۾ ”اڪالديمي“ سڏيو، جنهن جي معنيٰ آهي ”خون واري زمين.“


مسيح تي وشواس رکندڙ يهودي جيڪي يافا کان پطرس سان گڏجي آيا هئا، سي انهن کي جدا جدا ٻوليون ڳالهائيندي ۽ ايشور جي مهما ڪندي ڏسي حيران ٿي ويا تہ ايشور پنهنجي بخشش، يعني پوِتر آتما غير قومن تي بہ پرگھٽ ڪري ٿو. تنهن تي پطرس کين چيو تہ


اهو صاف آهي تہ ايشور ساڳي بخشش غير قومن کي بہ ڏني آهي، جيڪا هن اسان کي پرڀو يسوع مسيح تي وشواس آڻڻ ڪري ڏني هئي. پوءِ آءٌ ڪير ٿيندو هئس جو ايشور کي روڪي سگھان ها؟“


تنهن تي پطرس کين چيو تہ ”توبهہ ڪريو ۽ اوهان مان هر ڪو پنهنجي پاپن جي معافيءَ لاءِ يسوع مسيح جي نالي تي بپتسما وٺي. تڏهن اوهان کي ايشور جي بخشش يعني پوِتر آتما بخشي ويندي.


چيائين تہ ”مون کي بہ اها اختياري ڏيو تہ جنهن تي پنهنجا هٿ رکان تہ ان کي پوِتر آتما ملي.“


تنهنڪري پنهنجي انهيءَ بڇڙائيءَ تي توبهہ ڪر ۽ پرميشور کي پرارٿنا ڪر تہ شل تو کي تنهنجي دل جي انهيءَ بڇڙي خيال جي معافي ملي.


پر جيڪي ماڻهو دولتمند ٿيڻ ٿا گھرن، سي آزمائش ۾ پون ٿا ۽ گھڻين ئي مورکتا ۽ نقصان وارين خواهشن جي ڦندي ۾ ڦاسجي تباهيءَ ۽ برباديءَ ۾ غرق ٿي وڃن ٿا.


اوهان جي سون ۽ چانديءَ تي ڪٽ چڙهي ويئي. اها ڪٽ اوهان تي شاهدي ڏيندي ۽ باهہ وانگر اوهان جو ماس کائيندي. اوهان هن انتم زماني ۾ دولت جا ڍير لڳائي ڇڏيا آهن، جڏهن تہ اهو زمانو ختم ٿيڻ وارو آهي.


انهن شين جا سوداگر جيڪي کيس اهي شيون وڪڻڻ جي ڪري دولتمند ٿي ويا هئا، سي هن جا ايذاءَ ڏسي ڊپ وچان پري بيهي روئندي پٽيندي


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ