Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 8:17 - Hindu Sindhi Bible

17 پوءِ پطرس ۽ يوحنا انهن تي پنهنجا هٿ رکيا تہ کين پوِتر آتما ملي ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 پوءِ هنن مٿن هٿ رکيا ۽ کين پاڪ روح مليو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 پوءِ پطرس ۽ يوحنا انهن تي پنهنجا هٿ رکيا تہ کين پاڪ روح ملي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 پوءِ پطرس ۽ يوحنا پنھنجا ھٿ انھن جي مٿان رکيا تہ کين پاڪ روح ملي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 8:17
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو کيس ڏاڍيون منٿون ڪندي چوڻ لڳو تہ ”منهنجي ننڍي ڌيءَ مرڻ تي آهي. مهرباني ڪري هلي هٿ گھمايوس تہ چڱي ڀلي ٿئي ۽ بچي پوي.“


سو جڏهن هو وِرت سان پرارٿنا ڪري چڪا، تڏهن هنن برنباس ۽ سائول تي هٿ رکي مخصوص ڪري کين روانو ڪيو.


تڏهن پولس پنهنجا هٿ انهن تي رکيا تہ پوِتر آتما مٿن پرگھٽ ٿي ۽ هو جدا جدا ٻوليون ڳالهائڻ ۽ ايشور جو سنديش ٻڌائڻ لڳا.


اهي سڀيئي پوِتر آتما سان ڀرجي ويا ۽ انهيءَ جي شڪتيءَ سان ڌاريون ٻوليون ڳالهائڻ لڳا.


منڊليءَ وارن انهن کي سنتن جي اڳيان حاضر ڪيو، جن پرارٿنا ڪئي ۽ انهن تي پنهنجا هٿ رکي کين مخصوص ڪيو.


شمعون جڏهن ڏٺو تہ سنتن جي هٿن رکڻ سان پوِتر آتما ٿي ملي، تڏهن يوحنا ۽ پطرس کي پئسا آڇيندي


سو حننياہ ويو ۽ ان گھر ۾ گھڙي سائول تي پنهنجا هٿ رکي چيائينس تہ ”سائول ڀاءُ! پرڀو يسوع پاڻ مون کي موڪليو آهي، جنهن تو کي رستي ۾ درشن ڏنو هو، جڏهن تون هيڏانهن اچي رهيو هئين. هن مون کي انهيءَ لاءِ موڪليو آهي تہ تو کي وري ديد ملي ۽ تون پوِتر آتما سان ڀرجي وڃين.“


مون کي اوهان سان ملڻ جي ڏاڍي تمنا آهي، انهيءَ لاءِ تہ منهنجي وسيلي اوهان کي ڪا آتمڪ بخشش ملي، جنهن سان اوهين پنهنجي وشواس ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيو.


جيڪو وردان تو کي ايشور جي فرمان جي وسيلي وشواسي منڊليءَ جي اڳواڻن جي هٿن رکڻ سان مليو هو، تنهن کان لاپرواهي نہ ڪر.


ڪنهن ماڻهوءَ کي سيوا لاءِ مقرر ڪرڻ ۾ اُٻهرو نہ ٿجانءِ ۽ نہ وري ٻين جي پاپن ۾ شريڪ ٿجانءِ. مطلب تہ پنهنجو پاڻ کي هر الزام کان پوِتر رکجانءِ.


انهيءَ سبب آءٌ تو کي ياد ٿو ڏياريان تہ تون پاڻ ۾ موجود ايشور جي انهيءَ وردان کي شعلي وانگر ڀڙڪاءِ، جيڪو منهنجي هٿن رکڻ جي وسيلي تو کي مليل آهي.


هٿ منهن ڌوئڻ جي ريتن رسمن ۽ مخصوص ڪرڻ يا آسيس گھرڻ لاءِ هٿن رکڻ بابت توڙي مئلن جي وري جيوت ٿيڻ ۽ امر عدالت بابت سکيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ