Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 7:8 - Hindu Sindhi Bible

8 پوءِ ايشور ابرهام لاءِ ختني کي انهيءَ ٻڌل وچن جي نشانيءَ طور مقرر ڪيو. تنهنڪري ابرهام پنهنجي پٽ اضحاق جو سندس جنم کان اٺين ڏينهن تي ختنو ڪرايو. اضحاق مان يعقوب ۽ يعقوب مان ٻارهن پٽ پيدا ٿيا، جيڪي ٻارهن قبيلن جا وڏا ٿيا، تن سڀني جو بہ ختنو ڪرايو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 ۽ ساڻس ختني جو عهد ڪيائين. پوءِ ابراهيم کي اسحاق ڄائو، ۽ هن اٺين ڏينهن هن جو ختنو ڪيو؛ ۽ اسحاق مان يعقوب، ۽ يعقوب مان ٻارهن قبيلن جا بزرگ پيدا ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 پوءِ خدا ابراهيم لاءِ طهر کي انهيءَ عهد جي نشانيءَ طور مقرر ڪيو. تنهنڪري ابراهيم پنهنجي پٽ اسحاق جو سندس ڄمڻ کان اٺين ڏينهن تي طهر ڪرايو. اسحاق مان يعقوب ۽ يعقوب مان ٻارهن پٽ پيدا ٿيا، جيڪي ٻارهن قبيلن جا وڏا ٿيا، تن سڀني جو بہ طهر ڪرايو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 پوءِ خدا ابراھيم لاءِ طھر کي انھيءَ عھد جي نشانيءَ طور مقرر ڪيو. تنھنڪري ابراھيم پنھنجي پٽ اسحاق جو سندس ڄمڻ کان اٺين ڏينھن تي طھر ڪرايو. اسحاق مان يعقوب ۽ يعقوب مان ٻارھن پٽ پيدا ٿيا، جيڪي ٻارھن قبيلن جا بزرگ ٿيا، تن سڀني جو بہ طھر ڪرايو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 7:8
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ابرهام مان اضحاق پيدا ٿيو، اضحاق مان يعقوب پيدا ٿيو ۽ يعقوب مان يهوداہ ۽ سندس ڀائر پيدا ٿيا.


ڏسو، موسيٰ اوهان کي ختنو ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. جڏهن تہ اهو حڪم موسيٰ جي دور کان نہ، بلڪ اسان جي ابن ڏاڏن جي وقت کان وٺي آهي ۽ انهيءَ حڪم جي ڪري اوهين سبت جي ڏينهن تي بہ پنهنجن پٽن جو ختنو ڪرائيندا آهيو.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي ڏاڏي دائود بابت کُليو کُلايو ٻڌايان ٿو تہ هو مري ويو ۽ دفن ڪيو ويو ۽ سندس قبر اسان وٽ اڄ تائين موجود آهي.


ابرهام جي اها سڀاڳائي ڪڏهن ليکي ويئي؟ سندس ختني ڪرائڻ کان اڳ ۾ ليکي ويئي يا پوءِ؟ اها ابرهام جي ختني ڪرائڻ کان پوءِ نہ، پر اڳ ۾ ليکي ويئي هئي.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي روزاني جيون جو هڪ مثال ڏيان ٿو تہ ماڻهن جي تصديق ڪيل اقرار نامي کي ڪوبہ رد نہ ٿو ڪري سگھي ۽ نہ ئي ان کي گھٽائي وڌائي سگھي ٿو.


منهنجو مطلب هي آهي تہ جنهن ٻڌل وچن جي ايشور پهريائين ئي تصديق ڪئي هئي تنهن کي موسيٰ جو نيم، جيڪو چار سؤ ٽيهن سالن کان پوءِ آيو، سو ڪوڙو ڪري نہ ٿو سگھي، نہ تہ ايشور جو وچن بيڪار ٿي وڃي ها.


سو غور ڪري ڏسو تہ اهو ڪيڏي نہ مهان هستي آهي، جو قوم جي ابي ڏاڏي ابرهام بہ کيس ڏهون حصو ڏنو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ