Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 7:58 - Hindu Sindhi Bible

58 هو کيس شهر مان ٻاهر ڪڍي سنگسار ڪرڻ لڳا. استيفنس مٿان شاهدي ڏيندڙن پنهنجا ڪپڙا لاهي سائول نالي هڪڙي نوجوان وٽ رکيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

58 ۽ کيس شهر کان ٻاهر ڪڍي سنگسار ڪرڻ لڳا؛ ۽ شاهدن پنهنجا ڪپڙا شائول نالي هڪڙي جوان جي پيرن وٽ وڃي رکيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

58 هو کيس شهر مان ٻاهر ڪڍي سنگسار ڪرڻ لڳا. استيفنس مٿان شاهدي ڏيندڙن پنهنجا ڪپڙا لاهي سائول نالي هڪڙي نوجوان وٽ رکيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

58 ھو کيس شھر مان ٻاھر ڪڍي سنگسار ڪرڻ لڳا. استيفنس مٿان شاھدي ڏيندڙن پنھنجا ڪپڙا شائول نالي ھڪڙي نوجوان وٽ لاھي رکيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 7:58
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو هڪدم اُٿي کڙا ٿيا ۽ يسوع کي گهلي شهر کان ٻاهر ڪڍي آيا. پوءِ جنهن ٽڪريءَ تي سندن شهر اڏيل هو، تنهن جي چوٽيءَ تي وٺي آيس تہ جيئن اتان هيٺ اڇلائينس.


جنهن وقت تنهنجي شاهد استيفنس جو رت ٿي وهايو ويو، تنهن وقت آءٌ بہ اتي بيٺو هئس ۽ انهيءَ ڳالهہ ۾ راضي هئس ۽ جن کيس ماريو پئي تن جي ڪپڙن جي مون سنڀال پئي ڪئي.‘


جڏهن هو واڪا ڪرڻ، ڪپڙا اڇلائڻ ۽ ڌوڙ اڏائڻ لڳا،


انهيءَ ڪري آءٌ يسوع جي رستي تي هلڻ وارن ڪيترن ئي مردن توڙي نارين کي ٻڌرائي جيلن ۾ وجھرائيندو هئس. مون کين ايتري قدر ستايو جو ڪن کي مارائي بہ ڇڏيو هو.


سو يروشلم ۾ آءٌ ائين ئي ڪندو هئس. سردار ڪاهنن کان اختياري وٺي مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيل ڪيترن ئي ماڻهن کي جيل ۾ وجھرائيندو هئس ۽ کين قتل ڪرائڻ لاءِ انهن جي خلاف پنهنجو رايو بہ ڏيندو هئس.


تنهن تي هنن ڪن ماڻهن کي ڀڙڪايو تہ اهي چون تہ ”اسان هن کي موسيٰ ۽ ايشور جي خلاف نندا واريون ڳالهيون ڪندي ٻڌو آهي.“


پوءِ اهي ڪن اهڙن ماڻهن کي اندر وٺي آيا، جيڪي هن جي مٿان ڪوڙي شاهدي ڏين. انهن ماڻهن چيو تہ ”هي ماڻهو هميشہ اسان جي پوِتر هيڪل ۽ موسيٰ جي نيم جي خلاف ڳالهائيندو آهي.


پر هنن وٺي زور سان واڪا ڪيا، پنهنجا ڪن کڻي بند ڪيائون ۽ گڏجي استيفنس تي حملو ڪيائون.


پوءِ ڪن ڌرمچاري ماڻهن استيفنس کي دفنايو ۽ انهيءَ لاءِ ڏاڍو سوڳ ڪيائون. سائول هن جي قتل تي راضي هو. انهيءَ ڏينهن کان وٺي يروشلم ۾ منڊليءَ کي ڏاڍو ستايو ويو. سنتن کان سواءِ سڀيئي وشواسي يهوديہ ۽ سامريہ جي علائقن ۾ ٽڙي پکڙي ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ