Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 7:56 - Hindu Sindhi Bible

56 تڏهن هن چيو تہ ”ڏسو، مون کي آڪاش کُليل نظر ٿو اچي ۽ منش‌پتر ايشور جي ساڄي پاسي بيٺو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

56 ۽ چيائين تہ اِجهو، آئون ڏسان ٿو تہ آسمان کُليو پيو آهي ۽ ابن آدم خدا جي ساڄي پاسي بيٺو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

56 تڏهن هن چيو تہ ”ڏسو، مون کي آسمان کُليل نظر ٿو اچي ۽ ابنِ آدم خدا جي ساڄي پاسي بيٺو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

56 ھن چيو تہ ”اِجھو، مون کي آسمان کليل نظر ٿو اچي ۽ ابن⁠آدم خدا جي ساڄي پاسي بيٺو آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 7:56
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”جڏهن منش‌پتر پنهنجي شان وَ شوڪت سان ايندو ۽ سڀ دوت ساڻس گڏ هوندا، تڏهن هو راجا جي حيثيت سان پنهنجي تيج واري تخت تي ويهندو


سو يسوع جيئن ئي بپتسما وٺي پاڻيءَ مان ٻاهر آيو تہ هن لاءِ آڪاش کُلي پيو ۽ ايشور جي آتما هڪ ڪبوتر وانگر هيٺ لهندي ۽ پاڻ تي ويهندي ڏٺائين.


يسوع کيس جواب ڏنو تہ ”لومڙين کي ڏريون ۽ پکين کي آکيرا آهن، پر منش‌پتر کي اها جاءِ بہ ڪانهي جتي کڻي مٿو لڪائي آرام ڪري.“


جيئن ئي يسوع پاڻيءَ مان ٻاهر نڪتو تہ کيس آڪاش کُليل نظر آيو ۽ پوِتر آتما کي ڪبوتر وانگر پاڻ تي لهندو ڏٺائين.


هڪڙي دفعي جڏهن سڀني ماڻهن اردن درياءَ ۾ يوحنا کان بپتسما پئي ورتي تڏهن يسوع بہ کانئس بپتسما ورتي. پوءِ اتي بيٺي جيئن ئي پرارٿنا ٿي ڪيائين تہ آڪاش کُلي پيو


پوءِ يسوع وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اوهين آڪاش کلندو ڏسندا ۽ ايشور جي دوتن کي منش‌پتر تي پرگھٽ ٿيندو ۽ مٿي ويندو ڏسندا.“


هن ڏٺو تہ آڪاش کُلي پيو آهي ۽ ڪا شيءِ وڏي چادر وانگر چئني ڪنڊن کان لڙڪندي ڌرتيءَ طرف هيٺ لهي رهي آهي.


ٽي دفعا ائين ٿيو ۽ پوءِ اها شيءِ هڪدم وري آڪاش ڏانهن کڄي ويئي.


پر هنن وٺي زور سان واڪا ڪيا، پنهنجا ڪن کڻي بند ڪيائون ۽ گڏجي استيفنس تي حملو ڪيائون.


پوءِ ايشور جي هيڪل جيڪا آڪاش ۾ آهي، سا کولي ويئي تہ هيڪل ۾ سندس ٻڌل وچن واري صندوق نظر آئي. تڏهن کِنوڻين جا چمڪاٽ، وڏا آواز ۽ گجگوڙون ٿيڻ لڳيون، ڌرتيءَ تي زلزلو آيو ۽ وڏا وڏا ڳڙا پيا.


پوءِ مون کي آڪاش کُليل نظر آيو ۽ ڇا ڏسان تہ هڪ اڇو گھوڙو بيٺو آهي! انهيءَ تي جيڪو سوار هو سو وفادار ۽ سچار سڏيو ويندو آهي. هو سچائيءَ سان عدالت ۽ جنگ ڪري ٿو.


انهن ڳالهين کان پوءِ مون آڪاش ڏانهن نهاريو تہ ڇا ڏسان تہ انهيءَ ۾ هڪڙو کُليل دروازو آهي! ان وقت اهو توتاري جهڙو آواز جيڪو مون اڳ ۾ ٻڌو هو، سو وري ٻڌڻ ۾ آيو ۽ چيائين تہ ”هيڏانهن مٿي اچ تہ آءٌ تو کي اهو ڪجھہ ڏيکاريان، جيڪو هن کان پوءِ ٿيڻ وارو آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ