Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 7:52 - Hindu Sindhi Bible

52 ايشور جو سنديش ڏيندڙ اهو ڪهڙو سنت هو جنهن کي اوهان جي ابن ڏاڏن نہ ستايو؟ هنن انهن کي بہ مارايو، جن انهيءَ سچار بندي جي اچڻ جي اڳواٽ خبر ڏني ۽ هاڻي اوهان پاڻ انهيءَ سان دغابازي ڪري کيس مارايو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

52 اهو ڪهڙو نبي هو، جنهن کي اوهان جي ابن ڏاڏن نہ ستايو؟ ۽ جن انهي راستباز جي اچڻ جي اڳواٽ خبر ڏني، تن کي ماري وڌائون؛ جنهن جا اوهين هاڻ جهلائڻ ۽ مارڻ وارا ٿيا آهيو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

52 اهو ڪهڙو نبي هو جنهن کي اوهان جي ابن ڏاڏن نہ ستايو؟ هنن انهن کي بہ مارايو، جن انهيءَ سچار بندي جي اچڻ جي اڳواٽ خبر ڏني ۽ هاڻي اوهان پاڻ انهيءَ سان دغابازي ڪري کيس مارايو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

52 اھو ڪھڙو نبي ھو جنھن کي اوھان جي ابن ڏاڏن نہ ستايو؟ ھنن انھن کي بہ مارايو، جن انھيءَ سچار بندي جي اچڻ جي اڳواٽ خبر ڏني ۽ ھاڻي اوھان پاڻ انھيءَ سان دغابازي ڪري کيس مارايو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 7:52
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇو تہ اهڙيءَ طرح ئي سنديش ڏيندڙ سنتن کي بہ ستايو ويو هو. سو بيحد سرها ۽ خوش ٿيو، ڇاڪاڻ تہ ايشور وٽ اوهان لاءِ وڏو لاڀ آهي.“


انهيءَ ڏينهن اوهين سرها ٿجو ۽ خوشيءَ مان ٽپ ڏجو، جو ايشور وٽ اوهان لاءِ وڏو لاڀ آهي. ڏسو، انهن ماڻهن جي ابن ڏاڏن بہ ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنتن سان اهڙا ئي پير کنيا هئا.


سچائيءَ جي باري ۾ انهيءَ ڪري جو آءٌ پتا ڏانهن وڃي رهيو آهيان ۽ هاڻي کان اوهين مون کي نہ ڏسندا،


ايشور جي اڳي ئي رٿيل منصوبي ۽ ڄاڻ موجب يسوع کي اوهان جي حوالي ڪيو ويو. تڏهن اوهان هن کي غير يهودين جي هٿان سوليءَ تي چاڙهي ڪوڪا هڻائي مارايو.


پوءِ هن چيو تہ ’اسان جي ابن ڏاڏن جي ايشور تو کي انهيءَ لاءِ مقرر ڪيو آهي تہ تون سندس مرضي ڄاڻي وٺين ۽ سندس سچار کي ڏسين ۽ کيس ڳالهائيندي ٻڌين.


ائين ايشور جيڪو اڳي سڀني سنديش ڏيندڙ سنتن جي معرفت چيو هو تہ سندس مسيح اهي تڪليفون سهندو، سو هن انهيءَ طرح پورو ڪيو.


ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت سموئيل کان وٺي جيڪي بہ سنت آيا، تن مان جن جن بہ اڳڪٿي ڪئي تن سڀني هنن ڏينهن جو ذڪر ڪيو آهي.


تہ پوءِ اوهان بلڪ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي ڄاڻڻ کپي تہ هي ماڻهو، جيڪو اوهان جي اڳيان بلڪل چاق چڱو ڀلو بيٺو آهي سو يسوع مسيح ناصريءَ جي نالي تي چڱو ڀلو ٿيو آهي، جنهن کي اوهان سوليءَ تي چاڙهيو ۽ ايشور کيس مئلن مان وري جيوت ڪيو.


يهودين پرڀو يسوع کي توڙي سنديش ڏيندڙ سنتن کي ماري وڌو ۽ اسان کي بہ ستائي تڙي ڪڍيائون. اهي ايشور کي نہ ٿا وڻن ۽ سڀني ماڻهن جي برخلاف آهن.


اهي دغاباز، اُٻهرا، وڏائيءَ ۾ ڦونڊيل ۽ ايشور جي بدران عيش عشرت جا ڳولائو هوندا.


اهي انهيءَ کوجنا ۾ هئا تہ مسيح جي آتما، جيڪا انهن ۾ هئي تنهن ڪهڙي وقت ۽ حالتن ڏانهن اشارو ڪري اڳڪٿي ٿي ڪئي تہ مسيح تڪليفون سهي مرندو ۽ پوءِ مهانتا حاصل ڪندو.


اي منهنجا پيارا ٻارؤ! آءٌ هي اوهان ڏانهن انهيءَ لاءِ لکي رهيو آهيان، تہ جيئن اوهين پاپ نہ ڪريو. پر جيڪڏهن ڪو شخص پاپ ڪري ٿو تہ پتا وٽ اسان جي سفارش ڪندڙ هڪڙو مددگار موجود آهي، يعني يسوع مسيح جيڪو خود سچار آهي.


تڏهن آءٌ هن جي اڳيان سيس نوائڻ لاءِ سندس پيرن تي ڪري پيس. پر هُن مون کي چيو تہ ”خبردار، متان ائين ڪرين! رڳو ايشور آڏو ئي سيس نواءِ! آءٌ تہ تو وانگر ۽ تنهنجي ڀائرن ڀينرن وانگر سيوا ڪرڻ وارو آهيان جيڪي سڀ يسوع بابت شاهدي ڏيڻ تي قائم آهيون، ڇاڪاڻ تہ يسوع بابت شاهدي ئي ايشور جي سنديش جو نچوڙ آهي.“


هن مون کي فلدلفيا واري وشواسي منڊليءَ جي دوت ڏانهن اهو لکڻ لاءِ چيو تہ جيڪو پوِتر ۽ سچو آهي، جنهن وٽ دائود جي راڄ جي چاٻي آهي، جنهن جي کوليل کي ڪوبہ بند نہ ٿو ڪري سگھي ۽ جنهن جي بند ڪيل کي ڪوبہ کولي نہ ٿو سگھي، سو تنهنجي منڊليءَ وارن کي فرمائي ٿو تہ


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ