Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 7:36 - Hindu Sindhi Bible

36 هي اهو ئي شخص آهي جنهن کين اتان ڪڍيو ۽ مصر ۾، ڳاڙهي سمنڊ وٽ ۽ چاليهن سالن تائين بيابان ۾ عجب جهڙا ڪم ۽ چمتڪار ڏيکاريندو رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

36 اهوئي شخص هنن کي ڪڍي آيو؛ ۽ مصر ۾، ۽ ڳاڙهي سمنڊ ۾، ۽ رڻ پٽ ۾، چاليهہ ورهيہ عجب جهڙا ڪم ڪيائين، ۽ نشان ڏيکاريائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

36 هي اهو ئي شخص آهي جنهن کين اتان ڪڍيو ۽ مصر ۾، ڳاڙهي سمنڊ وٽ ۽ چاليهن سالن تائين بيابان ۾ عجب جهڙا ڪم ۽ معجزا ڏيکاريندو رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

36 ھي اھو ئي شخص آھي جنھن کين اتان ڪڍيو ۽ مصر ۾، ڳاڙھي سمنڊ وٽ ۽ چاليھن سالن تائين بيابان ۾ عجب جھڙا ڪم ۽ معجزا ڏيکاريندو رھيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 7:36
38 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن تي يسوع کيس چيو تہ ”اوهين ماڻهو تيستائين وشواس نہ آڻيندا، جيستائين چمتڪار ۽ ڪرامتون نہ ڏسندا.“


۽ اٽڪل چاليهن سالن تائين بيابان ۾ سندن سنڀال ڪندو رهيو.


تنهن تي ايشور انهن کان منهن موڙيو ۽ کين ڇڏي ڏنائين تہ وڃي آڪاش جي لشڪر جي پوجا ڪن، جيئن سنديش ڏيندڙ سنتن جي هڪ لکت ۾ ايشور فرمائي ٿو تہ ’اي بني اسرائيل وارؤ! ڇا اوهان منهنجي لاءِ بيابان ۾ چاليهن سالن تائين جانور ڪهي ٻليدان ڏنا؟ ڪڏهن بہ نہ.


تہ پنهنجيون دليون سخت نہ ڪجو، جيئن مون کي چڙ ڏيارڻ واري مهل، يعني آزمائش جي ڏينهن اوهان جي ابن ڏاڏن رڻ‌پٽ ۾ ڪيو هو.


اتي هنن منهنجي آزمائش ورتي، ۽ مون کي پرکيو. انهيءَ لاءِ هو چاليهن سالن تائين منهنجي ناراضپي هيٺ رهيا.


اهو انهيءَ وچن جهڙو نہ هوندو، جيڪو مون سندن ابن ڏاڏن سان انهيءَ ڏينهن ٻڌو، جڏهن کين مصر جي ملڪ مان ڪڍي آڻڻ لاءِ سندن هٿ جھليو هئم. اهي منهنجي انهيءَ ٻڌل وچن تي قائم نہ رهيا، تنهنڪري مون انهن ڏانهن ڌيان ڪونہ ڏنو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ