Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 7:35 - Hindu Sindhi Bible

35 اهو ئي موسيٰ جنهن کي بني اسرائيل قبول نہ ڪيو، بلڪ چيائونس تہ ’ڪنهن تو کي اسان تي حاڪم ۽ جج مقرر ڪيو آهي؟‘ تنهن کي ئي ايشور حاڪم ۽ بچائيندڙ بڻائي انهيءَ دوت جي وسيلي موڪليو، جنهن هن کي ٻرندڙ ٻوڙي ۾ درشن ڏنو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

35 اُهوئي موسيٰ، جنهن کي هنن قبول نہ ڪيو، پر چيائونس تہ ڪنهن توکي حاڪم ۽ قاضي مقرر ڪيو آهي، تنهن کي ئي خدا حاڪم ۽ ڇوٽڪارو ڏيڻ وارو ٺهرائي، انهي ملائڪ جي وسيلي موڪليو، جنهن هن کي ٻوٽي ۾ ڏيکاري ڏني هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

35 اهو ئي موسيٰ جنهن کي بني اسرائيل قبول نہ ڪيو، بلڪ چيائونس تہ ’ڪنهن تو کي اسان تي حاڪم ۽ جج مقرر ڪيو آهي؟‘ تنهن کي ئي خدا حاڪم ۽ بچائيندڙ بڻائي انهيءَ ملائڪ جي وسيلي موڪليو، جنهن هن کي ٻرندڙ ٻوڙي ۾ ڏيکاري ڏني هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

35 اھو ئي موسيٰ جنھن کي بني اسرائيل قبول نہ ڪيو، بلڪ چيائونس تہ ’ڪنھن تو کي اسان تي حاڪم ۽ منصف مقرر ڪيو آھي؟‘ تنھن کي ئي خدا حاڪم ۽ بچائيندڙ بڻائي، انھيءَ ملائڪ جي وسيلي موڪليو، جنھن ھن کي ٻرندڙ ٻوڙي ۾ ڏيکاري ڏني ھئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 7:35
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مري ويلن جي جيوت ٿي اٿڻ بابت اوهان موسيٰ جي شاستر ۾ ٻرندڙ ٻوڙي واري بيان ۾ ڪين پڙهيو آهي ڇا تہ ڪيئن ايشور موسيٰ سان ڳالهايو ۽ چيائينس تہ ’آءٌ ابرهام جو ايشور، اضحاق جو ايشور ۽ يعقوب جو ايشور آهيان.‘


پر سندس ديس جا ماڻهو هن کان بيزار هئا. تنهنڪري هنن سندس پٺيان انهيءَ ملڪ ڏانهن پنهنجا ايلچي موڪليا تہ ’اسان جي مرضي نہ آهي تہ هي ماڻهو اسان جي مٿان راڄ ڪري.‘


پر انهن وڏي واڪي چيو تہ ”نہ، انهيءَ کي نہ، پر برابا کي آزاد ڪريو.“ برابا هڪ ڌاڙيل هو.


پر انهن وڏي واڪي چيو تہ ”وٺي وڃونس، وٺي وڃونس. وڃي سوليءَ تي چاڙهيوس.“ تنهن تي پلاطس انهن کان پڇيو تہ ”ڇا آءٌ اوهان جي راجا کي سوليءَ تي چاڙهيان؟“ سردار ڪاهنن وراڻيو تہ ”قيصر کان سواءِ اسان جو ٻيو ڪوبہ راجا نہ آهي.“


سو بني اسرائيل جي پوري قوم يقيني طور ڄاڻي ڇڏي تہ اهو يسوع، جنهن کي اوهان سوليءَ تي چاڙهي ماري ڇڏيو، ايشور تنهن کي پرڀو بہ ڪيو آهي ۽ مسيح بہ.“


جيئن موسيٰ نيم ۾ چيو هو تہ ’پرڀو اوهان جو ايشور اوهان لاءِ اوهان مان مون جهڙو هڪ سنت موڪليندو. اهو جيڪي بہ ڳالهيون اوهان کي ٻڌائي سي سڀ ٻڌجو.


نہ رڳو ايترو پر ايشور کيس مالڪ ۽ مڪتي ڏيندڙ بڻائي پنهنجي ساڄي پاسي ڏانهن سربلند ڪيو، تہ جيئن بني اسرائيل کي توبهہ ڪرڻ جي همت ڏئي ۽ سندن پاپ بخشي ڇڏي.


چاليهہ سال گذرڻ کان پوءِ سينا جبل جي ويجھو بيابان ۾ ٻرندڙ ٻوڙي مان هڪڙي دوت هن کي درشن ڏنو.


استيفنس کين وڌيڪ چيو تہ ”اوهين ڪيڏا نہ ضدي آهيو، اوهان جون دليون ڪيڏيون نہ ڦِريل آهن ۽ ايشور جو سنديش ٻڌڻ لاءِ اوهان جا ڪن ٻوڙا آهن. جيئن اوهان جا ابا ڏاڏا هئا، تيئن ئي اوهين بہ هميشہ پوِتر آتما جي مخالفت ڪندا آهيو.


ايشور جيڪو ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي، تنهن جو ظاهري روپ مسيح آهي. هو سڄي مخلوقات کان پهريان موجود هو، سو هو پهريتي هئڻ جو حق رکي ٿو.


ڏسو، نيم جو جيڪو سنديش دوتن جي معرفت ٻڌايو ويو، سو قائم رهيو ۽ جنهن انهيءَ تي عمل نہ ڪندي ان جي نافرماني ڪئي تنهن کي جوڳي سزا ڏني ويئي.


اهي ايشور جي داس موسيٰ جو راڳ ڳائين پيا ۽ گھيٽڙي جو راڳ ڳائيندي چون پيا تہ ”اي پرڀو، سروِشڪتيوان ايشور! تنهنجا ڪم ڪيڏا نہ وڏا ۽ عجيب آهن! هائو، اي قومن جا راجا! تنهنجا ڪم ڪيڏا نہ انصاف وارا ۽ سچا آهن!


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ