Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 7:10 - Hindu Sindhi Bible

10 ۽ کيس سڀني مصيبتن مان شانتيءَ سان پار ڪيائين. ايشور کيس ڏاهپ سان گڏ فرعون يعني مصر جي راجا جو راضپو پڻ بخشيو، ايتري قدر جو فرعون يوسف کي مصر ملڪ توڙي پنهنجي پوري محلات جو حاڪم بڻائي ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 ۽ کيس سڀني مصيبتن کان ڇڏايائين، ۽ دانائي بخشيائينس، سو هو فرعون وٽ قبول پيو، جنهن هن کي مصر ۽ پنهنجي سڄي گهر تي حاڪم ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 ۽ کيس سڀني مصيبتن مان سلامتيءَ سان پار ڪيائين. خدا کيس ڏاهپ سان گڏ فرعون يعني مصر جي بادشاهہ جو راضپو پڻ بخشيو، ايتري قدر جو فرعون يوسف کي مصر ملڪ توڙي پنهنجي پوري محلات جو حاڪم بڻائي ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 ۽ کيس سڀني مصيبتن مان سلامتيءَ سان پار ڪيائين ۽ دانائي بخشيائينس، جنھن ڪري ھو مصر جي بادشاھہ فرعون وٽ قبول پيو. فرعون يوسف کي مصر جو حاڪم ۽ پنھنجي محلات جو مالڪ بڻايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 7:10
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پرڀو يسوع مون کي اڳتي بہ هر بڇڙائيءَ کان بچائي وٺندو ۽ آڪاش واري پنهنجي راڄ ۾ صحيح سلامت پهچائيندو. شل سندس مهانتا جي مهما هميشہ هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين.


اوهين ڄاڻو ٿا تہ اسين ڌيرج سان تڪليفون سهڻ وارن کي سڀاڳو ٿا سڏيون. اوهان ايوب جي ڌيرج بابت تہ ٻڌو آهي ۽ اها بہ سڌ اٿوَ تہ پڇاڙيءَ ۾ پرميشور هن لاءِ ڇا ڇا ڪيو. انهيءَ مان ظاهر آهي تہ پرميشور نهايت ڪرپالو ۽ ديالو آهي.


مون جواب ڏنو تہ ”اي منهنجا سوامي! اوهين ئي ڄاڻو ٿا.“ هن مون کي چيو تہ ”هي اهي آهن جيڪي ستائجڻ واري تڪليف مان نڪري آيا آهن. انهن پنهنجا جبا گھيٽڙي جي رت ۾ ڌوئي پوِتر ڪري اڇا ڪيا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ