Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 6:7 - Hindu Sindhi Bible

7 اهڙيءَ طرح مسيح بابت ايشور جو سنديش پکڙبو ويو ۽ يروشلم ۾ وشواسين جو تعداد بہ گھڻو وڌندو ويو. ان کان علاوہ ڪاهنن جو وڏو تعداد پڻ يسوع مسيح بابت خوشخبريءَ جو تابعدار بڻيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ۽ خداوند جو ڪلام پکڙندو ويو، ۽ شاگردن جو شمار يروشلم ۾ تمام گهڻو وڌندو ويو؛ ۽ ڪاهنن جي وڏي جماعت ايمان جي تابع ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 اهڙيءَ طرح مسيح بابت خدا جو پيغام پکڙبو ويو ۽ يروشلم ۾ ايمان وارن جو تعداد بہ گھڻو وڌندو ويو. ان کان علاوہ ڪاهنن جو وڏو تعداد پڻ عيسيٰ مسيح بابت خوشخبريءَ جو تابعدار بڻيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 اھڙيءَ طرح خدا جو ڪلام پکڙبو ويو ۽ يروشلم ۾ شاگردن جو تعداد بہ وڌندو ويو. ان کان علاوہ ڪاھنن جي ھڪ وڏي ٽولي پڻ ايمان آندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 6:7
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر ڪيترائي جيڪي هاڻي اڳيان آهن سي پويان ٿيندا ۽ ڪيترائي جيڪي هاڻي پويان آهن سي اڳيان ٿيندا.“


پوءِ شمعون انهن لاءِ آسيس گھري ۽ ٻار جي ماتا مريم کي چيائين تہ ”ڏس، هي ٻار بني اسرائيل ۾ گھڻن جي ڪِرڻ ۽ چڙهڻ جو سبب مقرر ڪيو ويو آهي. هو ايشور جي طرفان چتاءُ جو هڪ نشان هوندو. ڪيترائي ماڻهو سندس مخالفت ڪندا،


تنهن هوندي بہ ڪيترن ئي يهودي اڳواڻن يسوع تي وشواس آندو، پر فريسين جي ڪري اهي کُليءَ طرح اقرار نہ پيا ڪن، تہ متان کين ڀڳتيءَ واري جاءِ مان نيڪالي نہ ڏيئي ڇڏين.


جڏهن تہ مسيح بابت ايشور جو سنديش وڌندو ۽ پکڙبو ويو.


پر بريسوع عرف اليماس، جنهن جي معنيٰ آهي ”جادوگر،“ تنهن گورنر وٽ سندن مخالفت ڪئي تہ جيئن گورنر مسيح تي وشواس نہ آڻي.


هنن هر هنڌ پرڀوءَ جي پوئلڳن جي وشواس کي مضبوط ڪيو ۽ کين نصيحت ڪئي تہ هو وشواس تي قائم رهن. هنن کين ٻڌايو تہ ”اسان سڀني کي ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪيترين ئي مشڪلاتن مان لنگھڻو پوندو.“


اهڙيءَ طرح مسيح بابت ايشور جو سنديش بيحد پکڙبو ۽ زور وٺندو ويو.


هو ايشور جي مهما ڪندا هئا ۽ سڀني ماڻهن جو مٿن راضپو هو. پرڀو يسوع ڏينهون ڏينهن مڪتي حاصل ڪندڙن جي منڊليءَ ۾ واڌارو ڪندو ٿي رهيو.


جڏهن هنن اهو ٻڌو تڏهن ايشور جي مهما ڪرڻ لڳا. پوءِ چيائونس تہ ”ادا! اوهان کي سڌ آهي تہ يهودين منجھان هزارين ماڻهن يسوع مسيح تي وشواس آندو آهي، جيڪي موسيٰ جي نيم تي ڏاڍي جوش ۽ جذبي سان عمل ڪري رهيا آهن.


ٿورن ڏينهن کان پوءِ جيئن ئي مسيح تي وشواس آڻيندڙن جو تعداد وڌندو ويو تہ انهن مان يوناني ٻولي ڳالهائيندڙ يهودي عبراني ٻولي ڳالهائيندڙ يهودين جي خلاف ڪُرڪندي شڪايت ڪرڻ لڳا تہ هنن جي وڌوائن کي روزانو کاڌي ورهائڻ وقت گھٽ ڏنو ٿو وڃي.


انهيءَ جي ئي معرفت ايشور مون تي اها ڪرپا ڪئي جو آءٌ خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت مقرر ٿيس، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ مسيح جي نالي خاطر سڀني قومن جي ماڻهن کي هي سنديش ڏيان تہ هو وشواس آڻي فرمانبردار ٿين.


پر انهن منڊلين وارا رڳو ايترو ٻڌندا هئا تہ ”پولس جيڪو اڳي اسان کي ستائيندو هو، سو هاڻي انهيءَ وشواس واري خوشخبريءَ جو پرچار ڪري رهيو آهي، جنهن کي هو ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو.“


تنهنڪري جيتري قدر موقعو ملي تہ اسين سڀني ماڻهن سان نيڪي ڪريون، خاص ڪري انهن سان جيڪي وشواس رکڻ جي وسيلي اسان سان هڪ ئي خاندان ۾ شامل آهن.


جيڪا اوهان وٽ پهچي چڪي آهي. جڏهن اوهان اها خوشخبري ٻڌي ۽ سمجھيو تہ حقيقت ۾ ايشور جي ڪرپا ڇا آهي، تڏهن کان وٺي اها اوهان ۾ بہ اهڙيءَ طرح ڦل پيدا ڪندي ۽ وڌندي ٿي رهي، جهڙيءَ طرح سڄي سنسار ۾.


۽ انهن کي سزا ڏيندو جيڪي سندس بابت خوشخبريءَ کي نہ ٿا مڃين ۽ نہ وري ايشور کي ٿا ڄاڻين.


اها خوشخبري ٻڌائڻ جي ڪري ئي آءٌ تڪليفون ٿو سهان، ايتري قدر جو ڪنهن ڏوهاريءَ وانگر قيد ۾ پيو آهيان. پر ايشور جي سنديش کي قيد ڪري نہ ٿو سگھجي.


جڏهن ابرهام کي سڏيو ويو تہ وشواس جي ڪري ئي هو ايشور جو حڪم مڃي انهيءَ ملڪ ڏانهن هليو ويو، جيڪو بعد ۾ کيس وچن ڪيل ميراث طور ملڻو هو. هائو، هو اٿي روانو ٿيو، جيتوڻيڪ هن کي اها سڌ نہ هئي تہ ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي.


ائين موت تائين پهچائيندڙ تڪليفن جي وسيلي ايشور جي طرفان ملڪِ‌صدق جي مرتبي جهڙو ڪامل سردار ڪاهن مقرر ٿي هو پنهنجي سڀني فرمانبردارن لاءِ امر مڪتيءَ جو سبب بڻيو.


پر اي پريميؤ! جيئن اوهين امر جيون ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي ديا جا منتظر رهو ٿا، تيئن پنهنجي نهايت ئي پوِتر وشواس ۾ هڪٻئي کي مضبوط ڪندي ۽ پوِتر آتما جي مدد سان پرارٿنا ڪندي گڏجي پنهنجو پاڻ کي ايشور جي پيار ۾ قائم رکو.


اي پريميؤ! آءٌ اوهان ڏانهن انهيءَ مڪتيءَ جي باري ۾ لکڻ لاءِ تمام گھڻو سرگرم آهيان، جنهن ۾ اسين سڀ شريڪ آهيون. پر مون پهريائين اهو لکڻ ضروري سمجھيو تہ اوهان کي تاڪيد ڪريان تہ انهيءَ وشواس تي قائم رهڻ لاءِ سخت جدوجهد ڪريو، جيڪو ايشور هميشہ لاءِ هڪڙي ئي ڀيري مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن کي سونپيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ