Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 6:14 - Hindu Sindhi Bible

14 اسان کيس هي چوندي ٻڌو آهي تہ يسوع ناصري هيڪل کي ڊاهي ڇڏيندو ۽ جيڪي رسم وَ رواج موسيٰ اسان کي ڏيئي ويو آهي تن کي بہ بدلائي ڇڏيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ڇوتہ اسان هن کي هيئن چوندو ٻُڌو آهي، تہ اِهو يسوع ناصري هن جاءِ کي برباد ڪندو، ۽ جيڪي رسمون موسيٰ اسان کي ڏيئي ويو آهي، تن کي بدلائي ڇڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 اسان کيس هي چوندي ٻڌو آهي تہ عيسيٰ ناصري هيڪل کي ڊاهي ڇڏيندو ۽ جيڪي رسم وَ رواج موسيٰ اسان کي ڏيئي ويو آهي تن کي بہ بدلائي ڇڏيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 اسان ھن کي ھي چوندي ٻڌو آھي تہ عيسيٰ ناصري ھيڪل کي ڊاھي ڇڏيندو ۽ جيڪي رسم وَ رواج موسيٰ اسان کي ڏيئي ويو آھي تن کي بہ بدلائي ڇڏيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 6:14
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ چوڻ لڳا تہ ”اسان هن ماڻهوءَ کي اهو چوندي ٻڌو آهي تہ ’آءٌ ايشور جي هيڪل ڊاهي سگھان ٿو ۽ ٽن ڏينهن اندر ان کي وري ٺاهي بہ سگھان ٿو.‘“


”اسان هن کي هي چوندي ٻڌو آهي تہ ’آءٌ ماڻهن جي ٺهيل هن هيڪل کي ڊاهيندس ۽ ٽن ڏينهن اندر اهڙي هيڪل ٺاهيندس جيڪا ماڻهن جي ٺهيل نہ هوندي.‘“


انهن مان ڪن کي تلوار سان قتل ڪيو ويندو ۽ ڪن کي قيد ڪري ٻين قومن ۾ وٺي ويندا. جيستائين غير قومن جو مدو پورو نہ ٿيندو، تيستائين اهي يروشلم کي لتاڙينديون رهنديون.“


”ڪو وقت ايندو تہ جيڪي شيون اوهين ڏسو ٿا تن جو ڪو پٿر پٿر تي نہ رهندو جيڪو ڊاٺو نہ ويندو.“


يسوع وراڻين تہ ”اوهين هن هيڪل کي ڊاهيو تہ آءٌ اها ٽن ڏينهن ۾ وري ٺاهيندس.“


يسوع چيس تہ ”اي مائي! مون تي اعتبار ڪرين تہ اها گھڙي اچي رهي آهي جڏهن اوهين پتا جي ڀڳتي نہ هن جبل تي، نڪي يروشلم ۾ ڪندا.


ان وقت يهوديہ کان ڪي ماڻهو انهيءَ انطاڪيا شهر آيا ۽ مسيح تي وشواس رکندڙن کي هيءَ سکيا ڏيڻ لڳا تہ ”جيستائين اوهين موسيٰ جي نيم موجب ختنو نہ ڪرائيندا، تيستائين اوهان کي مڪتي ملي نہ سگھندي.“


پر اوهان جي باري ۾ کين ٻڌايو ويو آهي تہ غير قومن جي علائقن ۾ جيڪي يهودي آهن، تن سڀني کي اوهين اها سکيا ٿا ڏيو تہ موسيٰ جي نيم کان ڦري وڃن، ٻارن جو ختنو نہ ڪرائين ۽ پنهنجين ريتن رسمن تي نہ هلن.


پولس پنهنجي صفائيءَ ۾ چيو تہ ”مون يهودين جي نيم جو، هيڪل جو يا قيصر جو ڪوبہ ڏوهہ ڪونہ ڪيو آهي.“


ڇاڪاڻ تہ اوهين تہ يهودين جي سڀني ريتن رسمن ۽ ڌرمي تڪرارن کان چڱيءَ طرح واقف آهيو. سو منهنجي اوهان کي خاص وينتي آهي تہ مهرباني ڪري منهنجو بيان صبر سان ٻڌو.


ٽن ڏينهن کان پوءِ پولس اتي جي يهودي اڳواڻن جي گڏجاڻي سڏائي. جڏهن اهي اچي گڏ ٿيا تہ هن کين چيو تہ ”اي ڀائرؤ! جيتوڻيڪ مون نڪي پنهنجي قوم وارن ۽ نہ وري وڏن جي ڌرمي ريتن رسمن خلاف ئي ڪجھہ ڪيو هو، تہ بہ مون کي يروشلم ۾ پڪڙي رومين جي حوالي ڪيو ويو.


تہ پوءِ نيم جو مقصد ڇا آهي؟ بعد ۾ نيم انهيءَ لاءِ ڏنو ويو تہ جيئن ايشور جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ظاهر ٿئي. نيم جو مدو ابرهام جي انهيءَ پيڙهيءَ جي اچڻ تائين هو، جنهن لاءِ ايشور وچن ڪيو هو. اهو نيم دوتن جي انتظام سان هڪ وچ واري يعني موسيٰ جي معرفت ڏنو ويو.


پر انهيءَ وشواس واري واٽ ملڻ کان اڳ اسين نيم جي پهري هيٺ قيد ۾ هئاسين. هائو، وشواس واري واٽ ظاهر ڪئي وڃڻ تائين اسين نيم جا پابند رهياسين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ