Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 6:11 - Hindu Sindhi Bible

11 تنهن تي هنن ڪن ماڻهن کي ڀڙڪايو تہ اهي چون تہ ”اسان هن کي موسيٰ ۽ ايشور جي خلاف نندا واريون ڳالهيون ڪندي ٻڌو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 تنهن تي هنن ڪن ماڻهن کي سيکاريو، تہ چئو، تہ اسان هن کي موسيٰ ۽ خدا بابت ڪفر جون ڳالهيون ڪندو ٻُڌو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 تنهن تي هنن ڪن ماڻهن کي ڀڙڪايو تہ اهي چون تہ ”اسان هن کي موسيٰ ۽ خدا بابت ڪفر جون ڳالهيون ڪندي ٻڌو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 تنھن تي ھنن ڪن ماڻھن کي رشوت ڏيئي سيکاريو تہ اھي چون تہ ”اسان ھن کي موسيٰ ۽ خدا بابت ڪفر جون ڳالھيون ڪندي ٻڌو آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 6:11
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ايشور جو نيم موسيٰ جي معرفت مليو، جڏهن تہ ڪرپا ۽ سچائي يسوع مسيح جي معرفت ملي.


اهي هي ڪم انهيءَ ڪري ڪندا جو انهن نہ پتا کي ڄاتو آهي ۽ نہ مون کي.


اسين ڄاڻون ٿا تہ ايشور موسيٰ سان ڳالهايو هو، پر انهيءَ شخص بابت اسان کي ڪابہ سڌ نہ آهي تہ هو ڪٿان آيو آهي.“


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ پراڻي زماني کان وٺي هر شهر ۾ موسيٰ جي نيم جو پرچار ڪيو ويندو آهي ۽ هر سبت جي ڏينهن تي نيم جون اهي ڳالهيون يهودين جي ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ پڙهي ٻڌايون وينديون آهن.“


جڏهن هو سندس خلاف ٿي پيا ۽ کيس گھٽ وڌ ڳالهائڻ لڳا تہ هن پنهنجا ڪپڙا ڇنڊيندي کين چيو تہ ”اوهين پنهنجي تباهيءَ جا ذميوار پاڻ آهيو، منهنجو ڪوبہ واسطو نہ آهي. اڄ کان پوءِ آءٌ غير قومن ڏانهن ويندس.“


انهن واڪا ڪري ٿي چيو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! مدد ڪريو. هي اهو ماڻهو آهي جيڪو جتي ڪٿي وڃي سڀني ماڻهن کي اسان جي قوم، موسيٰ جي نيم ۽ هن هيڪل جي خلاف سکيا ڏئي ٿو. هاڻي وري هن ڪن غير قوم وارن کي هن پوِتر هيڪل ۾ آڻي ان کي اپوِتر ڪيو آهي.“


”اوهين مهرباني ڪري پولس کي يروشلم ۾ گھرايو.“ هنن وجھہ پئي ڳوليو تہ پولس کي رستي ۾ ئي ماري ڇڏين.


جڏهن پولس پهتو تڏهن يهودي جيڪي يروشلم کان آيا هئا، سي چوگرد ڦري آيس ۽ مٿس گھڻيون ئي سخت تهمتون هڻڻ لڳا. پر هو انهن جي ڪا ثابتي ڏيئي نہ سگھيا.


يهودين جي سڀني ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ گھڻا ئي دفعا انهن کي سزا ڏياري زوريءَ کانئن يسوع مسيح جي نندا ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو هئس، بلڪ انهن جي خلاف اهڙو تہ ڇتو ٿي لڳو هئس جو ٻاهرين شهرن ۾ بہ وڃي کين ستائيندو هئس.“


پر پوِتر آتما استيفنس کي اهڙي سياڻپ ڏني جو جڏهن هن ڳالهايو تہ اهي سندس مقابلو ڪري نہ سگھيا.


اهڙيءَ طرح هنن نيم شاسترين سميت يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن ۽ عام خلق کي وٺي ڀڙڪايو. تڏهن اهي استيفنس تي چڙهائي ڪري آيا ۽ کيس گرفتار ڪري يهودي پئنچائت جي اڳيان پيش ڪيائون.


پوءِ اهي ڪن اهڙن ماڻهن کي اندر وٺي آيا، جيڪي هن جي مٿان ڪوڙي شاهدي ڏين. انهن ماڻهن چيو تہ ”هي ماڻهو هميشہ اسان جي پوِتر هيڪل ۽ موسيٰ جي نيم جي خلاف ڳالهائيندو آهي.


پوءِ اوهين بہ ڇو نہ چئو تہ ”اسين بڇڙا ڪم ڪريون تہ انهيءَ مان ڀلائي ٿئي.“ ڪي ماڻهو اسان تي اها تهمت هڻن بہ ٿا تہ اها سکيا اسان جي آهي. اهڙن تهمت هڻندڙن کي ڏوهاري قرار ڏيڻ انصاف آهي.


جيتوڻيڪ آءٌ اڳي يسوع مسيح جي نندا ڪندڙ ۽ سندس شان ۾ گھٽ وڌ ڳالهائيندڙ هئس ۽ وشواسين کي ستائيندو هئس، تنهن هوندي بہ ايشور مون تي ديا ڪئي، ڇاڪاڻ تہ مون جيڪي ڪجھہ ڪيو سو وشواس نہ آڻڻ جي حالت ۾ اڻ‌ڄاڻائيءَ ڪري ڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ