Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 5:41 - Hindu Sindhi Bible

41 سنت پئنچائت مان خوشيون ڪندي نڪتا، ڇاڪاڻ تہ ايشور کين انهيءَ لائق بڻايو تہ يسوع جي نالي جي ڪري سندن اپمان ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

41 سو هو مجلس منجهان هن ڪري خوشيون ڪندا نڪري ويا، تہ انهي نالي جي ڪري اسان کي بي عزت ڪرڻ جو لائق سمجهيو اٿن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

41 رسول ڪائونسل مان خوشيون ڪندي نڪتا، ڇاڪاڻ تہ خدا کين انهيءَ لائق بڻايو تہ عيسيٰ جي نالي جي ڪري سندن بي‌عزتي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

41 رسول ڪائونسل مان خوشيون ڪندي نڪتا جو خدا کين انھيءَ لائق بڻايو تہ عيسيٰ جي نالي جي ڪري سندن بي⁠عزتي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 5:41
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سڀاڳا آهيو اوهين، جڏهن ماڻهو منش‌پتر جي ڪري اوهان کي ڌڪاريندا، ناتا ٽوڙيندا، ڦٽ لعنت ڪندا ۽ اوهان کي بڇڙو سمجھي ڪڍي ڇڏيندا.


ماڻهو منهنجي نالي جي ڪري اوهان سان اهڙو سلوڪ ڪندا، ڇاڪاڻ تہ هو انهيءَ کي نہ ٿا ڄاڻين جنهن مون کي موڪليو آهي.


پر هن جواب ڏنو تہ ”اوهين روئي رڙي منهنجي دل ڇو ٿا ڀڃو؟ آءٌ يروشلم ۾ نہ رڳو پرڀو يسوع جي واسطي ٻڌجڻ لاءِ، بلڪ اتي مرڻ لاءِ بہ تيار آهيان.“


انهيءَ حڪم موجب سنت صبح جو سوير ئي هيڪل ۾ ويا ۽ سکيا ڏيڻ لڳا. هوڏانهن وڏي سردار ڪاهن ۽ سندس ساٿين يهودي پئنچائت جي ٻين سڀني چڱن مڙسن کي پاڻ وٽ سڏايو تہ جيئن پئنچائت جي مڪمل گڏجاڻي ٿئي. پوءِ انهن جيل ڏانهن چوائي موڪليو تہ جيئن سنتن کي آڻي حاضر ڪن.


نہ رڳو ايترو پر پنهنجين مصيبتن ۾ بہ فخر ٿا ڪريون، ڇاڪاڻ تہ اسين ڄاڻون ٿا تہ مصيبت مان ثابت قدمي پيدا ٿئي ٿي.


سو آءٌ مسيح جي خاطر ڪمزورين ۾، اپمانن ۾، گھُرجن ۾، ستائجڻ ۾ ۽ مشڪلاتن ۾ خوش ٿو رهان، ڇاڪاڻ تہ جڏهن آءٌ ڪمزور هوندو آهيان تڏهن ئي آءٌ طاقتور هوندو آهيان.


ڇاڪاڻ تہ مسيح جي خاطر اوهان تي اها ڪرپا ٿي آهي تہ نہ رڳو مٿس وشواس رکو، بلڪ هن جي لاءِ تڪليفون بہ سهو.


جيڪي قيد ۾ هئا، تن سان اوهان همدردي ڪئي ۽ پنهنجي مال ملڪيت جو لٽجي وڃڻ بہ خوشيءَ سان قبول ڪيو، ڇاڪاڻ تہ اوهان ڄاتو پئي تہ اوهان وٽ انهيءَ کان بهتر ۽ امر ملڪيت موجود آهي.


اچو تہ هن ڊوڙ ۾ اسين يسوع تي پنهنجيون نظرون رکي ڊوڙندا رهون، جيڪو اسان جي وشواس جو باني ۽ ڪامل ڪندڙ آهي. هن انهيءَ خوشيءَ جي خاطر جيڪا سندس نظر آڏو هئي، شرمندگيءَ جي پرواهہ نہ ڪري سوليءَ جي تڪليف سٺي ۽ ايشور جي تخت تي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.


اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جڏهن اوهين طرح طرح جي آزمائشن ۾ پئو، تڏهن انهيءَ کي وڏي خوشيءَ جي ڳالهہ ڪري سمجھو،


ڇاڪاڻ تہ هو مسيح جي نالي تي نڪتا آهن ۽ غير وشواسين جي مدد قبول نہ ڪئي اٿائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ