Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 5:4 - Hindu Sindhi Bible

4 جيئن ٻني وڪڻڻ کان اڳ تنهنجي ئي ملڪيت هئي، تيئن اها وڪڻڻ کان پوءِ ان جا پئسا بہ تنهنجا ئي هئا. پوءِ تو ڇو دل ۾ اهڙو ڪم ڪرڻ جو خيال ڪيو؟ تو ماڻهن سان نہ پر ايشور سان ڪوڙ ڳالهايو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 جيسين اُها تو وٽ هئي، تيسين اها تنهنجي ملڪيت نہ هئي ڇا؟ ۽ وڪامڻ کانپوءِ بہ اُنهي جي قيمت تنهنجي قبضي ۾ نہ هئي ڇا؟ تو اها ڳالهہ پنهنجي دل ۾ ڪيئن رٿي؟ تو ماڻهن سان نہ، پر خدا سان ڪوڙ ڳالهايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 جيئن ٻني وڪڻڻ کان اڳ تنهنجي ئي ملڪيت هئي، تيئن اها وڪڻڻ کان پوءِ ان جا پئسا بہ تنهنجا ئي هئا. پوءِ تو ڇو دل ۾ اهڙو ڪم ڪرڻ جو خيال ڪيو؟ تو ماڻهن سان نہ پر خدا سان ڪوڙ ڳالهايو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 جيئن ٻني وڪڻڻ کان اڳ تنھنجي ئي ملڪيت ھئي، تيئن اھا وڪڻڻ کان پوءِ ان جا پيسا بہ تنھنجا ئي ھئا. پوءِ تو ڇو دل ۾ اھڙو ڪم ڪرڻ جو خيال ڪيو؟ تو ماڻھن سان نہ پر خدا سان ڪوڙ ڳالھايو آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 5:4
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ يسوع چيلن کي وڌيڪ چيو تہ ”جيڪو اوهان جي ٻڌي ٿو، سو منهنجي ٻڌي ٿو. جيڪو اوهان کي نہ ٿو مڃي، سو مون کي نہ ٿو مڃي ۽ جيڪو مون کي نہ ٿو مڃي، سو ايشور کي نہ ٿو مڃي جنهن مون کي موڪليو آهي.“


تنهن تي پطرس چيس تہ ”اي حننياہ! ڇو شيطان تنهنجي دل ۾ اهڙو خيال وڌو، جو تو پوِتر آتما سان ڪوڙ ڳالهايو ۽ ٻنيءَ جي پئسن مان ڪجھہ پاڻ وٽ رکي ڇڏيئِہ؟


تنهن تي پطرس کيس چيو تہ ”اها ڪهڙي ڳالهہ آهي جو تو ۽ تنهنجي پتيءَ گڏجي پرڀوءَ جي پوِتر آتما کي آزمائڻ لاءِ ائين ڪيو؟ ڏس، جن ماڻهن تنهنجي پتيءَ کي دفن ڪيو آهي، سي هاڻي دروازي تي اچي پهتا آهن. اهي تو کي بہ ٻاهر کڻي ويندا.“


حقيقت ۾ کاڌو اسان کي ايشور سان نہ ٿو ملائي. جيڪڏهن نہ کائون تہ ڪو نقصان ناهي ۽ جيڪڏهن کائون تہ ڪو فائدو بہ ناهي.


تنهنڪري جيڪو هيءَ سکيا رد ٿو ڪري سو ماڻهوءَ کي نہ، بلڪ ايشور کي رد ٿو ڪري، جيڪو اوهان کي پنهنجي پوِتر آتما بخشي ٿو.


تنهن هوندي بہ منهنجي اها مرضي نہ هئي تہ تنهنجي اڻڄاڻيءَ ۾ ڪجھہ ڪريان، انهيءَ لاءِ تہ جيئن اُنيسمس تي تون جيڪا بہ مهرباني ڪرين سا مجبوريءَ سان نہ، پر خوشيءَ سان ڪرين.


تنهن کان پوءِ اهي شرير واريون خواهشون وڌي پاپ کي جنم ڏين ٿيون ۽ جڏهن اهو پاپ وڌي وڏو ٿئي ٿو، تڏهن موت پيدا ٿو ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ