Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 5:39 - Hindu Sindhi Bible

39 پر جيڪڏهن اهو ايشور جي طرفان آهي تہ پوءِ اوهين انهن ماڻهن تي حاوي ٿي نہ سگھندا، پر اٽلندو اوهين ايشور جي مخالفت ڪندا.“ يهودي پئنچائت گملي‌ايل جي صلاح قبول ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

39 پر جي اهو ڪم خدا جو آهي، تہ اوهين انهي کي برباد ڪري ڪين سگهندا؛ متان ائين ٿئي تہ اوهين خدا جو بہ مقابلو ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

39 پر جيڪڏهن اهو خدا جي طرفان آهي تہ پوءِ اوهين انهن ماڻهن تي غالب پئجي نہ سگھندا، پر اٽلندو اوهين خدا جي مخالفت ڪندا.“ ڪائونسل گملي‌ايل جي صلاح قبول ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

39 پر جيڪڏھن اھو خدا جي طرفان آھي تہ پوءِ اوھين انھن کي روڪي ڪين سگھندا، پر اٽلندو اوھين خدا جو مقابلو ڪندا.“ ڪائونسل گملي⁠ايل جي صلاح تي عمل ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 5:39
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ تو کي اهو بہ چوان ٿو تہ تون ٽڪر آهين ۽ ان ٽڪر تي آءٌ پنهنجي منڊلي اڏيندس جيڪا موت جي طاقت تي حاوي ٿيندي.


ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي اهڙي زبان ۽ اهڙي ڏاهپ ڏيندس جو اوهان جو ڪوبہ دشمن اوهان سان مقابلو يا مخالفت ڪري نہ سگھندو.


اهو صاف آهي تہ ايشور ساڳي بخشش غير قومن کي بہ ڏني آهي، جيڪا هن اسان کي پرڀو يسوع مسيح تي وشواس آڻڻ ڪري ڏني هئي. پوءِ آءٌ ڪير ٿيندو هئس جو ايشور کي روڪي سگھان ها؟“


سو گوڙ وڌندو ويو، تان جو ڪي نيم شاستري جيڪي فريسين مان هئا، سي اُٿي بيٺا ۽ سختيءَ سان اعتراض ڪرڻ لڳا تہ ”اسين هن شخص ۾ ڪوبہ ڏوهہ نہ ٿا ڏسون. جيڪڏهن ڪنهن آتما يا ڪنهن دوت ساڻس ڳالهايو هوندو تہ پوءِ ڇا ٿيو؟“


پر پوِتر آتما استيفنس کي اهڙي سياڻپ ڏني جو جڏهن هن ڳالهايو تہ اهي سندس مقابلو ڪري نہ سگھيا.


استيفنس کين وڌيڪ چيو تہ ”اوهين ڪيڏا نہ ضدي آهيو، اوهان جون دليون ڪيڏيون نہ ڦِريل آهن ۽ ايشور جو سنديش ٻڌڻ لاءِ اوهان جا ڪن ٻوڙا آهن. جيئن اوهان جا ابا ڏاڏا هئا، تيئن ئي اوهين بہ هميشہ پوِتر آتما جي مخالفت ڪندا آهيو.


هن پڇيس تہ ”اي سوامي! اوهين ڪير آهيو؟“ آواز آيس تہ ”آءٌ يسوع آهيان، جنهن کي تون ستائين ٿو.


ياد رکو، ايشور جون جيڪي ڳالهيون مورکتا ڀانئجن ٿيون، سي ماڻهن جي ڏاهپ کان وڌيڪ ڏاهپ واريون آهن ۽ ايشور جون جيڪي ڳالهيون ڪمزوري ليکجن ٿيون، سي ماڻهن جي طاقت کان وڌيڪ طاقتور آهن.


ڇا ائين ڪندي اسين پرڀوءَ جي غيرت کي جوش ڏياريون؟ ڇا اسين هن کان وڌيڪ ٻلوان آهيون؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ