Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 5:26 - Hindu Sindhi Bible

26 سو صوبيدار پنهنجي سپاهين سان وڃي سنتن کي وٺي آيو. سپاهين سنتن سان ڪابہ زبردستي نہ ڪئي، ڇو تہ هو ڊڄن پيا تہ متان ماڻهو کين پٿر هڻن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 تڏهن صوبيدار سپاهين سان گڏجي وڃي هنن کي وٺي آيو، پر زورازوريءَ نہ: ڇالاءِ جو هو ماڻهن کان ڊنا ٿي تہ متان اسان کي سنگسار ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 سو صوبيدار پنهنجي سپاهين سان وڃي رسولن کي وٺي آيو. سپاهين رسولن سان ڪابہ زبردستي نہ ڪئي، ڇو تہ هو ڊڄن پيا تہ متان ماڻهو کين پٿر هڻن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

26 سو صوبيدار پنھنجن سپاھين سان وڃي رسولن کي موٽائي وٺي آيو. سپاھين رسولن سان ڪابہ زيادتي نہ ڪئي، ڇوتہ ھو ڊڄن پيا تہ متان ماڻھو ساڻن وڙھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 5:26
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو هيروديس يوحنا کي مارائڻ پئي چاهيو پر عوام کان ڊنو ٿي، ڇاڪاڻ تہ هنن يوحنا کي ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت ٿي سمجھيو.


پر جي چئون ٿا ’انسان جي طرفان‘ تہ اسان کي ماڻهن کان خوف ٿو ٿئي، ڇاڪاڻ تہ اهي يوحنا کي ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت ڪري پيا مڃين.“


پر چيائون تہ ”تهوار جي ڏينهن ائين نہ ڪريون متان ماڻهن ۾ وڳوڙ پئجي وڃي.“


پطرس جيڪو انهن جي پٺيان پٺيان پئي آيو، سو بہ وڏي سردار ڪاهن جي گھر جي اڱڻ ۾ گھڙي پهريدارن سان گڏ ويهي رهيو، انهيءَ لاءِ تہ جيئن هو ڏسي تہ آخر ٿئي ڇا ٿو.


انهيءَ گھڙي ئي نيم شاسترين ۽ سردار ڪاهنن ڪوشش ڪئي تہ يسوع کي پڪڙايون، ڇاڪاڻ تہ انهن ڄاڻي ورتو تہ ”هن اهو مثال اسان تي آندو آهي.“ پر هو ماڻهن کان ڊنا ٿي.


پر جي چئون ٿا ’انسان جي طرفان،‘ تہ سڄي خلق اسان کي سنگسار ڪندي، ڇاڪاڻ تہ هنن کي پڪ آهي تہ يوحنا ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت هو.“


جڏهن تہ سردار ڪاهنن ۽ نيم شاسترين وجھہ پئي ڳوليو تہ يسوع کي چپ چاپ ۾ مارائي ڇڏين، ڇو تہ اهي خلق کان ڊنا ٿي.


سو هن وڃي سردار ڪاهنن ۽ هيڪل جي حوالدارن سان صلاح ڪئي تہ ڪهڙيءَ ريت هو يسوع کي پڪڙائڻ ۾ سندن مدد ڪري.


تنهن تي پئنچائت وارن کين وري بہ دڙڪا ڏيئي ڇڏي ڏنو، ڇاڪاڻ تہ ماڻهن جي ڪري کين سزا ڏيڻ جو ڪو طريقو نہ ٿي مليو، ڇو تہ سڀ ماڻهو انهيءَ ڳالهہ سبب ايشور جي مهما ڪري رهيا هئا.


جيتوڻيڪ باقي ٻيا ماڻهو سندن ساراهہ تہ ڪندا هئا، تہ بہ انهن مان ڪنهن کي همت نہ ٿيندي هئي جو هو انهن سان وڃي شامل ٿين.


پر جڏهن سپاهي اتي پهتا تہ انهن جيل ۾ سنتن کي نہ ڏٺو. سو اهي پئنچائت ڏانهن موٽي آيا ۽ ٻڌايائون تہ


جڏهن هيڪل جي صوبيدار ۽ سردار ڪاهنن اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن وائڙا ٿي ويا.


ايتري ۾ هڪ ماڻهو اندر آيو، جنهن اچي کين ٻڌايو تہ ”ڳالهہ ٻڌي اٿوَ! جن ماڻهن کي اوهان جيل ۾ وڌو هو، سي هيڪل ۾ بيٺا ماڻهن کي سکيا پيا ڏين.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ