Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 5:19 - Hindu Sindhi Bible

19 پر انهيءَ رات پرڀوءَ جي هڪڙي دوت اچي جيل جا دروازا کوليا ۽ سنتن کي ٻاهر ڪڍي کين چيائين تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 پر خداوند جو هڪڙو ملائڪ رات جو قيدخاني جا در کولي انهن کي ٻاهر وٺي آيو ۽ چيائين تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 پر انهيءَ رات خداوند جي هڪڙي ملائڪ اچي جيل جا دروازا کوليا ۽ رسولن کي ٻاهر ڪڍي کين چيائين تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

19 پر انھيءَ رات خداوند جي ھڪڙي ملائڪ اچي جيل جا دروازا کوليا ۽ رسولن کي ٻاھر ڪڍيائين ۽ کين چيائين تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 5:19
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جڏهن هو انهن ڳالهين بابت ڳڻتيون ڪري رهيو هو تہ هن کي خواب ۾ پرميشور جو هڪڙو دوت ڏسڻ ۾ آيو، جنهن چيس تہ ”اي دائود جا اولاد يوسف! تون پنهنجي مڱينديءَ مريم سان شادي ڪرڻ کان نہ گھٻراءِ، ڇاڪاڻ تہ پوِتر آتما جي شڪتيءَ سان کيس پيٽ ٿيو آهي.


سو جڏهن يوسف ننڊ مان جاڳي اٿيو، تڏهن جيئن پرميشور جي دوت چيو هئس تيئن ئي ڪيائين ۽ مريم سان شادي ڪيائين.


جڏهن اُهي هليا ويا تہ پرميشور جو هڪڙو دوت يوسف کي خواب ۾ نظر آيو، جنهن چيس تہ ”اُٿ، ٻار ۽ سندس ماتا کي وٺي مصر ڏانهن ڀڄي وڃ ۽ جيستائين آءٌ نہ چوانءِ تيستائين اُتي ئي رهجانءِ، ڇو تہ هيروديس ٻار جي ڳولا ڪري کيس مارائڻ گھري ٿو.“


هيروديس جي مرڻ کان پوءِ مصر ۾ يوسف کي خواب ۾ پرميشور جو هڪڙو دوت ڏسڻ ۾ آيو،


ايتري ۾ ڏاڍو زوردار زلزلو آيو ۽ پرميشور جو هڪڙو دوت آڪاش مان هيٺ لٿو ۽ قبر جي منهن واري پٿر کي پاسي تي ريڙهي مٿس چڙهي ويٺو.


تڏهن زڪرياہ کي پرميشور جو هڪڙو دوت لوبان ساڙڻ واري ٻليدان واري جاءِ جي ساڄي پاسي بيٺل نظر آيو.


تہ ڇا ڏسن تہ پرميشور جو هڪڙو دوت انهن وٽ اچي بيٺو ۽ پرميشور جي جوت سندن چوڌاري چمڪڻ لڳي، جنهن ڪري هو ڏاڍا ڊڄي ويا.


هڪڙي ڏينهن اٽڪل ٽي بجي هن کي درشن ڏنو ويو، جنهن ۾ ايشور جي هڪڙي دوت کي چٽيءَ طرح ڏٺائين، جنهن چيس تہ ”اي ڪُرنيليس!“


انهيءَ دم پرميشور جي هڪڙي دوت هيروديس تي ڏمر پرگھٽ ڪيو، ڇاڪاڻ تہ پرميشور جي مهانتا ۾ شريڪ ڪيو وڃڻ تي هو خوش ٿي رهيو هو. پوءِ تہ هن جي شرير ۾ جيت پئجي ويا ۽ هو مري ويو.


اوچتو هڪڙو وڏو زلزلو آيو، جنهن جيل جون ڀتيون بنيادن تائين لوڏي ڇڏيون. هڪدم سڀ دروازا کُلي پيا ۽ سڀني قيدين جا بند کُلي ڪري پيا.


ڏسو، جنهن ايشور جو آءٌ داس آهيان ۽ جنهن جي آءٌ ڀڳتي ٿو ڪريان، تنهن جو دوت رات منهنجي ڀرسان ظاهر ٿيو


پرميشور جي هڪڙي دوت فلپس کي چيو تہ ”اُٿ، ڏکڻ طرف ان رستي سان وڃ، جيڪو يروشلم کان غزہ ڏانهن بيابان مان وڃي ٿو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ