Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 5:17 - Hindu Sindhi Bible

17 پوءِ وڏو سردار ڪاهن ۽ سندس ساٿي جيڪي صدوقين جي مقامي پنٿ جا ماڻهو هئا، سي سنتن تي ڏاڍا ساڙ کائڻ لڳا. سو اهي سنتن خلاف اُٿي کڙا ٿيا

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 پر سردار ڪاهن ۽ سندس ساٿي (جي صدوقين جي فرقي جا هئا)، تن کي ڏاڍا ساڙ لڳا ۽ هو اُٿي کڙا ٿيا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 پوءِ وڏو سردار ڪاهن ۽ سندس ساٿي جيڪي صدوقين جي مقامي فرقي جا ماڻهو هئا، سي رسولن تي ڏاڍا ساڙ کائڻ لڳا. سو اهي رسولن خلاف اُٿي کڙا ٿيا

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 پوءِ وڏو سردار ڪاھن ۽ سندس ساٿي جيڪي صدوقين جي مقامي فرقي جا ماڻھو ھئا، سي رسولن تي ڏاڍا ساڙ کائڻ لڳا. سو اھي رسولن خلاف اٿي کڙا ٿيا

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 5:17
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهو انهيءَ ڪري پڇيائين جو هن ڄاتو پئي تہ ”سردار ڪاهنن رڳو ساڙ کان يسوع کي قيد ڪري مون وٽ آندو آهي.“


يوحنا جڏهن ڏٺو تہ ڪيترائي فريسي ۽ صدوقي بپتسما وٺڻ لاءِ اچي رهيا آهن، تڏهن انهن کي چيائين تہ ”اي نانگ جا ٻچؤ! اوهان کي ڪنهن ٻڌايو آهي تہ اوهين ايشور جي ايندڙ ڏمر کان بچي سگھندا؟


تنهنڪري سردار ڪاهن لعزر کي بہ مارڻ جون سازشون سِٽڻ لڳا،


تنهن تي فريسي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ ”افسوس! اسين ناڪام ٿي پيا آهيون. ڏسو، سڄو سنسار سندس پٺيان لڳي پيو آهي.“


جڏهن ڪن يهودين ايڏا ميڙ ڏٺا تہ ساڙ وٺي وين، سو هو پولس جي پرچار خلاف بدشد ڳالهائيندي سندس اپمان ڪرڻ لڳا.


پر جن فريسين وشواس آندو هو تن مان ڪي اُٿي بيٺا ۽ چوڻ لڳا تہ ”غير قوم وارن جو ختنو ضرور ٿيڻ کپي ۽ کين تاڪيد ڪيو وڃي تہ هو موسيٰ جي نيم تي هلن.“


پر گھڻن يهودين کي ساڙ ٿيو، سو انهن ڪي بازاري لوفر وٺي هڪ ٽولو ٺاهيو، جن سڄو شهر مٿي تي کنيو. انهن ياسون جي گھر تي حملو ڪيو، تہ جيئن اتان پولس ۽ سيلاس کي ٻاهر ڪڍي خلق جي اڳيان وٺي اچن.


ڌرتيءَ جا راجا اٿي کڙا ٿيا، هائو، سڀيئي حاڪم گڏ ٿي پرميشور ۽ سندس مخصوص ڪيل مسيح جي مخالفت ڪرڻ لڳا.‘


انهن ۾ وڏو سردار ڪاهن حَنا ۽ هن سان گڏ ڪائفا، يوحنا، سڪندر ۽ ٻيا جيڪي سردار ڪاهن جا مٽ مائٽ هئا، سي شامل هئا.


ايتري قدر جو يروشلم جي آس‌پاس وارن ڳوٺن مان بہ تمام گھڻا ماڻهو پنهنجن بيمار ۽ ڀوتن ورتل ماڻهن کي کڻي ايندا هئا ۽ اهي سڀيئي چڱا ڀلا ٿي پوندا هئا.


سڀيئي ڀائر پنهنجي هڪ ڀاءُ يوسف تي ساڙ کائڻ لڳا ۽ کيس انهن ماڻهن وٽ وڪيائون، جيڪي هن کي غلام ڪري مصر ڏانهن وٺي ويا. پر ايشور هن ساڻ هو


ڪينو، نشي‌بازي، عياشي ۽ ٻيا اهڙا ڪم. انهن بابت جيئن اڳي بہ مون اوهان کي خبردار ڪيو هو، تيئن هاڻي بہ خبردار ٿو ڪريان تہ جيڪي اهڙا ڪم ڪن ٿا سي ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ جا حقدار ڪين ٿيندا.


ڇا اوهين ائين ٿا سمجھو تہ پوِتر شاستر جو ائين چوڻ اجايو آهي تہ جيڪا آتما ايشور اسان ۾ رهڻ لاءِ وڌي آهي، تنهن لاءِ هو سخت غيرتمند آهي؟


انهيءَ ڪري هر طرح جي بدنيتي، سموري ٺڳي، پاکنڊپائي، ساڙ ۽ هر قسم جي گلا کي پاڻ کان پري اڇلايو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ