Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 5:13 - Hindu Sindhi Bible

13 جيتوڻيڪ باقي ٻيا ماڻهو سندن ساراهہ تہ ڪندا هئا، تہ بہ انهن مان ڪنهن کي همت نہ ٿيندي هئي جو هو انهن سان وڃي شامل ٿين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 پر ٻين مان ڪنهن کي بہ همت نہ ٿي تہ ساڻن وڃي گڏجن؛ تڏهن بہ ماڻهو هنن جي وڏائي ڪندا هئا؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 جيتوڻيڪ باقي ٻيا ماڻهو سندن ساراهہ تہ ڪندا هئا، تہ بہ انهن مان ڪنهن کي همت نہ ٿيندي هئي جو هو انهن سان وڃي شامل ٿين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13-14 خداوند تي ايمان آڻيندي ڪيترائي مرد ۽ عورتون انھن ۾ شامل ٿيندا ھئا. پر انھن کان علاوہ ڪنھن کي بہ ھمت نہ ٿيندي ھئي جو ھو رسولن سان وڃي ملي، تنھن ھوندي بہ اھي ماڻھو سندن ساراھہ ڪندا ھئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 5:13
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر وس ڪونہ ٿي پُڳن، ڇاڪاڻ تہ ماڻهو هن جون ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ آتا هئا.


تنهن هوندي بہ ڪيترن ئي يهودي اڳواڻن يسوع تي وشواس آندو، پر فريسين جي ڪري اهي کُليءَ طرح اقرار نہ پيا ڪن، تہ متان کين ڀڳتيءَ واري جاءِ مان نيڪالي نہ ڏيئي ڇڏين.


تنهن کان پوءِ ارمٿيا وارو يوسف، جيڪو يهودي اڳواڻن جي ڊپ ڪري ڳجھيءَ طرح يسوع جو چيلو هو، سو پلاطس وٽ آيو ۽ کيس وينتي ڪيائين تہ ”مون کي يسوع جو لاش کڻي وڃڻ جي آگيا ڏيو.“ پلاطس کيس آگيا ڏني. پوءِ هن وڃي لاش کنيو.


سندس ماتا پتا يهودي اڳواڻن جي ڊپ کان ائين چيو، ڇاڪاڻ تہ انهن اڳي ئي ٺهراءُ ڪري ڇڏيو هو تہ جيڪو بہ ماڻهو يسوع کي مسيح ڪري مڃيندو تنهن کي هو پنهنجي ڀڳتيءَ واري جاءِ مان نيڪالي ڏيئي ڇڏيندا.


اِفسس ۾ رهندڙ سڀني يهودين ۽ غير قوم وارن جڏهن اها ڳالهہ ٻڌي تہ کين ڊپ وٺي ويو. ائين پرڀو يسوع جي نالي جي مهانتا ٿيڻ لڳي.


هو ايشور جي مهما ڪندا هئا ۽ سڀني ماڻهن جو مٿن راضپو هو. پرڀو يسوع ڏينهون ڏينهن مڪتي حاصل ڪندڙن جي منڊليءَ ۾ واڌارو ڪندو ٿي رهيو.


تنهن تي پئنچائت وارن کين وري بہ دڙڪا ڏيئي ڇڏي ڏنو، ڇاڪاڻ تہ ماڻهن جي ڪري کين سزا ڏيڻ جو ڪو طريقو نہ ٿي مليو، ڇو تہ سڀ ماڻهو انهيءَ ڳالهہ سبب ايشور جي مهما ڪري رهيا هئا.


سو صوبيدار پنهنجي سپاهين سان وڃي سنتن کي وٺي آيو. سپاهين سنتن سان ڪابہ زبردستي نہ ڪئي، ڇو تہ هو ڊڄن پيا تہ متان ماڻهو کين پٿر هڻن.


حننياہ اهو ٻڌڻ شرط هيٺ ڪري پيو ۽ مري ويو. جن بہ اهو ٻڌو تن سڀني کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو.


اسين اهڙي ڪم تي فخر ڪونہ ٿا ڪريون جيڪو ٻين جي محنت سان ٿيل آهي. ان ۾ بہ اسين مناسب حد جي اندر رهون ٿا. ان جي بدران اسين اميد ٿا رکون تہ جيئن جيئن اوهان جو وشواس وڌندو ويندو، تيئن تيئن اسان جي ڪم جو دائرو بہ مقرر ڪيل حد موجب اوهان ۾ وڌندو ويندو،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ