Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 4:5 - Hindu Sindhi Bible

5 ٻئي ڏينهن تي نيم شاسترين ۽ يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن ۽ اڳواڻن جي يروشلم ۾ گڏجاڻي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 ۽ هيئن ٿيو جو ٻئي ڏينهن صبح جو انهن جا حاڪم، ۽ بزرگ، ۽ فقيهہ يروشلم ۾ اچي گڏ ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 ٻئي ڏينهن تي شريعت جي عالمن ۽ يهودي ڪائونسل جي ٻين چڱن مڙسن ۽ اڳواڻن جي يروشلم ۾ گڏجاڻي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 ٻئي ڏينھن صبح جو يھودين جا اڳواڻ، بزرگ ۽ شريعت جا عالم اچي يروشلم ۾ گڏ ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 4:5
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

صبح ٿيندي ئي سردار ڪاهنَ اچي نيم شاسترين ۽ يهودي پئنچائت جي ٻين سڀني چڱن مڙسن سان مليا ۽ پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪيائون. پوءِ هنن يسوع کي ٻڌي وٺي وڃي رومي گورنر پلاطس جي حوالي ڪيو.


هڪڙي ڏينهن جڏهن يسوع ماڻهن کي هيڪل ۾ ايشور جي راڄ بابت سکيا ڏيئي رهيو هو ۽ انهيءَ راڄ بابت خوشخبريءَ جو پرچار پئي ڪيائين تہ سردار ڪاهن ۽ نيم شاستري يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن سان گڏجي وٽس آيا.


جڏهن ڏينهن ٿيو تہ سردار ڪاهنَ، نيم شاستري ۽ يهودي پئنچائت جا ٻيا چڱا مڙس اچي گڏ ٿيا ۽ يسوع کي انهن جي پئنچائت اڳيان پيش ڪيو ويو.


تڏهن پلاطس سردار ڪاهنن، يهودي پئنچائت جي ٻين اڳواڻن ۽ عام ماڻهن کي سڏائي گڏ ڪيو.


انهيءَ کي اسان جي سردار ڪاهنن ۽ ٻين يهودي اڳواڻن پڪڙايو تہ جيئن کيس موت جي سزا ڏيارين. ائين هنن کيس سوليءَ تي چاڙهائي ڇڏيو.


تنهن تي پطرس پوِتر آتما سان ڀرجي چوڻ لڳو تہ ”اي قوم جا اڳواڻو ۽ چڱا مڙ‌‌سؤ!


پر انهن مان گملي‌ايل نالي هڪڙو فريسي، جيڪو نيم شاستري ۽ سڀني ماڻهن ۾ مانوارو هو، سو پئنچائت جي اڳيان اُٿي بيٺو ۽ سنتن کي ٿوري وقت لاءِ ٻاهر وٺي وڃڻ جو حڪم ڏنائين.


اهڙيءَ طرح هنن نيم شاسترين سميت يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن ۽ عام خلق کي وٺي ڀڙڪايو. تڏهن اهي استيفنس تي چڙهائي ڪري آيا ۽ کيس گرفتار ڪري يهودي پئنچائت جي اڳيان پيش ڪيائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ