Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 4:31 - Hindu Sindhi Bible

31 جڏهن انهن پرارٿنا پوري ڪئي تہ اها جاءِ ڌڏي ويئي جتي هو گڏ ٿيا هئا. اهي سڀيئي پوِتر آتما سان ڀرجي ويا ۽ مسيح بابت ايشور جو سنديش بي‌ڊپا ٿي ماڻهن کي ٻڌائڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

31 ۽ جڏهن هو دعا گهُري رهيا، تڏهن جنهن جاءِ ۾ هو گڏ ٿيا ويٺا هئا، سا اچي ڌڏڻ لڳي؛ ۽ هو سڀ پاڪ روح سان ڀرجي ويا، ۽ خدا جو ڪلام بي ڊپا ٿي ٻُڌائڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

31 جڏهن انهن دعا گھري پوري ڪئي تہ اها جاءِ ڌڏي ويئي جتي هو گڏ ٿيا هئا. اهي سڀيئي پاڪ روح سان ڀرجي ويا ۽ مسيح بابت خدا جو پيغام بي‌ڊپا ٿي ماڻهن کي ٻڌائڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

31 جڏھن انھن دعا گھري پوري ڪئي تہ اھا جاءِ ڌڏي ويئي جتي ھو گڏ ٿيا ھئا. اھي سڀيئي پاڪ روح سان ڀرجي ويا ۽ بي⁠ڊپا ٿي خدا جو ڪلام ٻڌائڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 4:31
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوري وشواس سان اوهين جيڪي بہ پرارٿنا ۾ گھرندا سو سڀ اوهان کي ملي ويندو.“


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو مون تي وشواس رکندو سو بہ اهڙا ئي ڪم ڪندو جهڙا آءٌ ڪري رهيو آهيان، بلڪ انهن کان بہ وڏا ڪم ڪندو. هائو، جيئن تہ آءٌ پتا وٽ وڃي رهيو آهيان،


اوهان مون کي ڪين چونڊيو آهي، بلڪ مون اوهان کي چونڊيو آهي ۽ انهيءَ لاءِ مقرر ڪيو اٿم تہ وڃي اهڙو ميوو جھليو جيڪو هميشہ هلي. پوءِ اوهين منهنجي نالي تي پتا کان جيڪي بہ گھرندا سو هو اوهان کي ڏيندو.


جيڪڏهن اوهين مون ۾ رهو ۽ منهنجيون ڳالهيون اوهان ۾ رهن تہ پوءِ جيڪي وڻيوَ سو گھرو. اهو اوهان لاءِ ڪيو ويندو.


تنهن هوندي بہ پولس ۽ برنباس اتي گھڻو عرصو ترسيا ۽ پرڀو يسوع بابت دليريءَ سان ڳالهائيندا رهيا. پرڀوءَ سندن هٿان چمتڪار ۽ ڪرامتون ڏيکاري پنهنجي ڪرپا بابت سندن سنديش کي سچو ثابت ٿي ڪيو.


جڏهن پنتيڪُست جي تهوار جو ڏينهن آيو، تڏهن سڀيئي وشواسي اچي هڪڙي هنڌ گڏ ٿيا.


اوچتو ئي آڪاش مان هڪ آواز آيو ۽ اهو آواز تيز هوا جي گھوگھٽ جهڙو هو، جنهن سان اها سڄي جاءِ جنهن ۾ هو ويٺا هئا گونجڻ لڳي.


اهي سڀيئي پوِتر آتما سان ڀرجي ويا ۽ انهيءَ جي شڪتيءَ سان ڌاريون ٻوليون ڳالهائڻ لڳا.


اهي پطرس ۽ يوحنا تي عجب کائڻ لڳا تہ هي عام ماڻهو ٿوري سکيا هوندي بہ ڪيڏا نہ دلير آهن! پر پوءِ ڄاتائون تہ هو يسوع جا ساٿي آهن.


هاڻي اي پرڀو! تون هنن جي دڙڪن تي نظر ڪر ۽ اسين، جيڪي تنهنجا داس آهيون تن کي اهڙي شڪتي ڏي تہ جيئن اسين بي‌ڊپا ٿي ماڻهن کي مسيح بابت تنهنجو سنديش ٻڌايون.


ان کان علاوہ منهنجي قيد هجڻ ڪري گھڻن وشواسين جو پرڀو يسوع ۾ ڀروسو ايتري قدر وڌي ويو آهي جو اهي وڌيڪ همت ۽ بي‌خوفيءَ سان مسيح بابت سنديش ٻڌائين ٿا.


حقيقت ۾ مون کي اميد، بلڪ پورو ڀروسو آهي تہ آءٌ ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ شرمندو نہ ٿيندس. پر وڏي دليريءَ سان هميشہ وانگر هاڻي بہ آءٌ پنهنجي شرير جي وسيلي مسيح جي وڏائي ظاهر ڪندو رهندس، پوءِ توڙي جيوت رهان يا مري وڃان.


جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن ۾ ڏاهپ جي ڪمي آهي تہ اهو ايشور کان گھري. هو کيس ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ ايشور بنا ڇينڀڻ جي سڀني کي بي‌انداز ٿو ڏئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ