Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 4:30 - Hindu Sindhi Bible

30 تون ماڻهن کي چڱو ڀلو ڪرڻ لاءِ اسان تي پنهنجو هٿ رک ۽ اسان جي وسيلي پنهنجي پوِتر داس يسوع جي نالي تي چمتڪار ۽ ڪرامتون ڏيکار.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

30 ۽ جڏهن تون شفا ڏيڻ لاءِ پنهنجو هٿ ڊگهيرين، تڏهن تنهنجي پاڪ بندي يسوع جي نالي معجزا ۽ ڪرامتون ٿين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

30 تون ماڻهن کي چڱو ڀلو ڪرڻ لاءِ اسان تي پنهنجو هٿ رک ۽ اسان جي وسيلي پنهنجي پاڪ ٻانهي عيسيٰ جي نالي تي معجزا ۽ ڪرامتون ڏيکار.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

30 تون پنھنجي شفا جو ھٿ ڊگھير ۽ پنھنجي پاڪ ٻانھي عيسيٰ جي نالي تي معجزا ۽ ڪرامتون ڏيکار.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 4:30
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن تي يسوع کيس چيو تہ ”اوهين ماڻهو تيستائين وشواس نہ آڻيندا، جيستائين چمتڪار ۽ ڪرامتون نہ ڏسندا.“


پطرس وڌيڪ چيو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! هي ڌيان سان ٻڌو تہ ايشور اوهان جي اڳيان يسوع ناصريءَ کي پنهنجي طرفان موڪليل طور ثابت ڪيو. ڏسو، ايشور انهيءَ جي هٿان چمتڪار، نشانيون ۽ عجب جهڙا ڪم اوهان جي اڳيان ڪري ڏيکاريا. اوهين اهو چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا.


جيئن تہ سنتن ڪيترائي چمتڪار ۽ عجب جهڙا ڪم ڪيا، سو سڀيئي ماڻهو ايشور جو خوف ڪرڻ لڳا.


ابرهام، اضحاق ۽ يعقوب جي ايشور، هائو، اسان جي وڏن جي ايشور پنهنجي داس يسوع کي مهانتا بخشي. پر اوهان هن کي پڪڙايو ۽ کيس گورنر پلاطس جي درٻار ۾ رد ڪيو، جيتوڻيڪ پلاطس هن کي ڇڏي ڏيڻ جو ارادو ڪيو هو.


اها يسوع تي وشواس آڻڻ جي ڪري سندس نالي جي شڪتي ئي آهي جنهن هن معذور ماڻهوءَ کي گھمڻ ڦرڻ جي طاقت ڏني، جنهن کي اوهين ڏسو ۽ سڃاڻو ٿا. هائو، يسوع جي نالي تي وشواس آڻڻ ڪري ئي هي ماڻهو پوريءَ طرح چڱو ڀلو ٿيو ۽ اوهين پاڻ هن کي ڏسي سگھو ٿا.


تڏهن پطرس هن کي چيو تہ ”مون وٽ پئسا تہ ڪونہ آهن، پر آءٌ تو کي اهو ڪجھہ ڏيندس جيڪو مون وٽ آهي. يسوع مسيح ناصريءَ جي نالي سان اُٿ ۽ گھم ڦر.“


تہ پوءِ اوهان بلڪ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي ڄاڻڻ کپي تہ هي ماڻهو، جيڪو اوهان جي اڳيان بلڪل چاق چڱو ڀلو بيٺو آهي سو يسوع مسيح ناصريءَ جي نالي تي چڱو ڀلو ٿيو آهي، جنهن کي اوهان سوليءَ تي چاڙهيو ۽ ايشور کيس مئلن مان وري جيوت ڪيو.


اهو سچ ثابت ٿيو آهي تہ تنهنجي پوِتر داس يسوع جنهن کي تو مخصوص ڪري مسيح ڪيو، تنهن جي خلاف گليل صوبي جو حڪمران هيروديس انتپاس ۽ گورنر پنطيس پلاطس، غير قومن ۽ بني اسرائيل جي ماڻهن سميت هن شهر ۾ اچي گڏ ٿيا.


خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت ماڻهن ۾ ڪيترائي چمتڪار ۽ ڪرامتون ڪندا هئا ۽ سڀيئي وشواسي هيڪل اندر سليماني ورانڊي ۾ اچي گڏبا هئا.


استيفنس ايشور جي ڪرپا ۽ شڪتيءَ سان ڀرجي ماڻهن ۾ ڪيترائي وڏا چمتڪار ۽ ڪرامتون ڪرڻ لڳو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ