Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 4:12 - Hindu Sindhi Bible

12 ڪنهن بہ ٻئي جي هٿ ۾ مڪتي نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ آڪاش جي هيٺان ماڻهن کي ٻيو ڪوبہ نالو ڏنل ڪونهي جنهن جي وسيلي اسان کي مڪتي ملي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ۽ ڪنهن بہ ٻئي کان نجات ڪانهي؛ ڇالاءِ جو آسمان جي هيٺان ماڻهن کي ٻيو ڪوبہ نالو ڏنل ڪونهي، جنهن جي ڪري اسان کي نجات ملي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 ڪنهن بہ ٻئي جي هٿ ۾ ڇوٽڪارو نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ آسمان جي هيٺان ماڻهن کي ٻيو ڪوبہ نالو ڏنل ڪونهي جنهن جي وسيلي اسان کي ڇوٽڪارو ملي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 ڪنھن بہ ٻئي جي ھٿ ۾ ڇوٽڪارو نہ آھي، ڇالاءِ⁠جو آسمان جي ھيٺان ماڻھن کي ٻيو ڪوبہ نالو ڏنل ڪونھي جنھن جي وسيلي اسان کي ڇوٽڪارو ملي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 4:12
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن کي پٽ ڄمندو، جنهن جو نالو يسوع رکجانءِ، ڇاڪاڻ تہ هو پنهنجي قوم کي سندن پاپن کان مڪتي ڏيندو.“


پوءِ يروشلم کان وٺي سڀني قومن تائين هن جي نالي سان پاپن جي معافيءَ لاءِ توبهہ جو پرچار ڪيو ويندو.


يسوع کيس وراڻيو تہ ”رستو، سچ ۽ جيون آءٌ آهيان. منهنجي وسيلي کان سواءِ ڪوبہ پتا تائين پهچي نہ ٿو سگھي.


جيڪو بہ پٽ تي وشواس آڻي ٿو، تنهن کي امر جيون مليل آهي. پر جيڪو پٽ کي قبول نہ ٿو ڪري، تنهن کي اهو جيون ڪڏهن بہ نہ ملندو، اٽلندو ايشور جو ڏمر مٿس رهي ٿو.


اي ابرهام جو اولاد، منهنجا هم‌قوم بني اسرائيل وارؤ! ۽ اوهين اي ايشور ڀڳت غير يهوديؤ! انهيءَ مڪتيءَ وارو سنديش اسان سڀني ڏانهن موڪليو ويو آهي.


ان وقت سنسار جي هر هڪ ملڪ مان ڌرمي يهودي يروشلم ۾ رهيل هئا.


ڪوبہ انسان ٻيو بنياد وجھي نہ ٿو سگھي، سواءِ ايشور جي انهيءَ رکيل بنياد جي ۽ اهو بنياد يسوع مسيح آهي.


پر شرط هي آهي تہ جيڪا خوشخبري اوهان ٻڌي آهي تنهن جي اميد نہ ڇڏيو ۽ اوهان جو وشواس انهيءَ خوشخبريءَ جي بنياد تي مضبوط ۽ قائم رهي. انهيءَ خوشخبريءَ جو پرچار آڪاش هيٺان رهندڙ سڄي مخلوق ۾ ڪيو ويو آهي ۽ آءٌ پولس انهيءَ خوشخبريءَ جو سيوڪ ٿيو آهيان.


خبردار! انهيءَ هستيءَ جي فرمان جو انڪار نہ ڪجو جيڪو هن وقت ڳالهائي ٿو، ڇاڪاڻ تہ بني اسرائيل وارا، جن ڌرتيءَ تي ڏنل سندس فرمان جو انڪار ڪيو هو سي بچي نہ سگھيا. تہ پوءِ آڪاش مان آيل سندس فرمان جو جيڪڏهن اسين انڪار ڪنداسين تہ ڪيئن بچي سگھنداسين؟


تہ پوءِ هيڏي مهان مڪتيءَ کان جيڪڏهن اسين لاپرواهہ رهياسين تہ ڪيئن بچي سگھنداسين؟ انهيءَ مڪتيءَ جو اعلان پهريائين خود پرڀو يسوع ڪيو ۽ پوءِ جن ماڻهن اهو ٻڌو تن اسان کي ثابتي ڏيئي انهيءَ سچائيءَ جي شاهدي ڏني.


جنهن جو بہ نالو جيون شاستر ۾ لکيل نہ ڏٺو ويو، تنهن کي انهيءَ باهہ جي ڍنڍ ۾ اڇلايو ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ