Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 3:6 - Hindu Sindhi Bible

6 تڏهن پطرس هن کي چيو تہ ”مون وٽ پئسا تہ ڪونہ آهن، پر آءٌ تو کي اهو ڪجھہ ڏيندس جيڪو مون وٽ آهي. يسوع مسيح ناصريءَ جي نالي سان اُٿ ۽ گھم ڦر.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 پر پطرس چيس تہ رپو ۽ سون تہ مون وٽ ڪونهي؛ پر جيڪي اٿم سو توکي ڏيان ٿو. يسوع مسيح ناصريءَ جي نالي اُٿي گهُم ڦر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 تڏهن پطرس هن کي چيو تہ ”مون وٽ پئسا تہ ڪونہ آهن، پر آءٌ تو کي اهو ڪجھہ ڏيندس جيڪو مون وٽ آهي. عيسيٰ مسيح ناصريءَ جي نالي سان اُٿ ۽ گھم ڦر.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 پطرس ھن کي چيو تہ ”مون وٽ سون چاندي تہ ڪونھي، پر آءٌ تو کي اھو ڪجھہ ڏيندس جيڪو مون وٽ آھي، تہ پوءِ اُٿ، عيسيٰ مسيح ناصريءَ جي نالي گھم ڦر.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 3:6
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

کيسي ۾ پاڻ سان ڪوبہ پئسو پائي نہ کڻجو، توڙي جو سون، چانديءَ يا ٽامي جو سڪو ڇو نہ هجي.


قيامت جي ڏينهن گھڻا ئي مون کي چوندا تہ ’اي پرڀو! اي پرڀو! اسان تنهنجي نالي تي ايشور جو سنديش نہ ڏنو ڇا؟ اسان تنهنجي نالي تي ڀوت نہ ڪڍيا ڇا؟ اسان تنهنجي نالي تي ڪيترائي چمتڪار نہ ڪيا ڇا؟‘


هن ناريءَ کان جيڪو ڪجھہ ٿي سگھيو سو هن ڪيو. هن منهنجي دفن ٿيڻ کان اڳ ئي منهنجي شرير تي خوشبوءِ ڇٽڪائي آهي.


جيڪي وشواس آڻيندا، تن ۾ شڪتيءَ جون هي نشانيون هونديون جو اهي منهنجي نالي تي ماڻهن مان ڀوت ڪڍندا ۽ مختلف قسمن جون ٻوليون ڳالهائيندا.


پلاطس هڪ تختي سوليءَ تي هڻائي ڇڏي، جنهن تي لکيل هو تہ ”يسوع ناصري، يهودين جو راجا.“


اوهان کي اها بہ سڌ آهي تہ ڪيئن ايشور يسوع ناصريءَ تي پوِتر آتما ۽ شڪتي پرگھٽ ڪري کيس مخصوص ڪيو. هو هر هنڌ وڃي چڱا ڪم ڪندو هو ۽ جيڪي ماڻهو شيطان جي ظلم جو شڪار هئا تن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندو هو، ڇاڪاڻ تہ ايشور انهيءَ ساڻ هو.


ڪيترن ئي ڏينهن تائين ڪنيا ائين پئي ڪيو. آخرڪار پولس کي ايڏو تہ رنج ٿيو جو هن ڦري ڀوت کي چيو تہ ”آءٌ تو کي يسوع مسيح جي نالي حڪم ٿو ڏيان تہ هن ڪنيا مان نڪري وڃ.“ ڀوت انهيءَ ئي مهل ڪنيا مان نڪري ويو.


پطرس وڌيڪ چيو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! هي ڌيان سان ٻڌو تہ ايشور اوهان جي اڳيان يسوع ناصريءَ کي پنهنجي طرفان موڪليل طور ثابت ڪيو. ڏسو، ايشور انهيءَ جي هٿان چمتڪار، نشانيون ۽ عجب جهڙا ڪم اوهان جي اڳيان ڪري ڏيکاريا. اوهين اهو چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا.


سو بني اسرائيل جي پوري قوم يقيني طور ڄاڻي ڇڏي تہ اهو يسوع، جنهن کي اوهان سوليءَ تي چاڙهي ماري ڇڏيو، ايشور تنهن کي پرڀو بہ ڪيو آهي ۽ مسيح بہ.“


اها يسوع تي وشواس آڻڻ جي ڪري سندس نالي جي شڪتي ئي آهي جنهن هن معذور ماڻهوءَ کي گھمڻ ڦرڻ جي طاقت ڏني، جنهن کي اوهين ڏسو ۽ سڃاڻو ٿا. هائو، يسوع جي نالي تي وشواس آڻڻ ڪري ئي هي ماڻهو پوريءَ طرح چڱو ڀلو ٿيو ۽ اوهين پاڻ هن کي ڏسي سگھو ٿا.


سو هن اها اميد رکي هنن ڏانهن نهاريو تہ اهي کيس ڪجھہ ڏيندا.


پوءِ هن کيس ساڄي هٿ کان وٺي اٿاريو تہ انهيءَ دم ان ماڻهوءَ جا پير ۽ مُرا مضبوط ٿي ويا.


تہ پوءِ اوهان بلڪ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي ڄاڻڻ کپي تہ هي ماڻهو، جيڪو اوهان جي اڳيان بلڪل چاق چڱو ڀلو بيٺو آهي سو يسوع مسيح ناصريءَ جي نالي تي چڱو ڀلو ٿيو آهي، جنهن کي اوهان سوليءَ تي چاڙهيو ۽ ايشور کيس مئلن مان وري جيوت ڪيو.


انهن پطرس ۽ يوحنا کي پنهنجي اڳيان بيهاري پڇيو تہ ”ڪنهن جي شڪتيءَ سان يا ڪنهن جي نالي تي اوهان اهو ڪم ڪيو آهي؟“


پطرس هن کي چيو تہ ”اي اينياس! يسوع مسيح تو کي ڇٽائي چڱو ڀلو ٿو ڪري. سو اُٿ ۽ پنهنجو هنڌ ويڙهہ.“ هو هڪدم اُٿي کڙو ٿيو.


اڄ ڏينهن تائين اسين بکايل ۽ اڃايل ٿا رهون ۽ شرير تي پورا ڪپڙا بہ نہ آهن. اسان کي چماٽون هنيون وڃن ٿيون ۽ بي‌گھر ڦرندا ٿا وتون.


اسين غم سهندي سهندي بہ هميشہ خوش ٿا رهون. غريب سمجھيا وڃون ٿا، تڏهن بہ گھڻن کي مالا مال ٿا ڪريون. سڃا سکڻا آهيون، تڏهن بہ اسان وٽ سڀ ڪجھہ آهي.


جيڪڏهن ڏيڻ جي نيت هوندي تہ پوءِ جيڪي ڪجھہ بہ ڪنهن ماڻهوءَ وٽ هوندو تنهن موجب ايشور سندس دان قبول ڪندو، نڪي انهيءَ موجب جيڪي وٽس نہ آهي.


ڏسو، اسان جي پرڀو يسوع مسيح اوهان سان ڪيڏي نہ سخاوت ڪئي آهي جو جيتوڻيڪ هو دولتمند هو تڏهن بہ اوهان جي خاطر غريب بڻيو، تہ جيئن سندس غريب ٿي وڃڻ جي ڪري اوهين دولتمند ٿي وڃو. اهو تہ اوهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا.


منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! ٻڌو، ڇا اهي ماڻهو جيڪي سنسار جي نظر ۾ غريب آهن، تن کي ايشور وشواس ۾ دولتمند ٿيڻ ۽ پنهنجي راڄ جي انهيءَ وچن ڪيل ورثي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ نہ چونڊيو آهي، جيڪو هن ساڻس پريم رکندڙن سان ڪيو آهي؟


هر ماڻهوءَ کي جيڪو وردان مليو آهي سو انهيءَ وردان کي، ايشور جي ڪرپا جي مختلف وردانن جو چڱو ذميوار ٿي هڪٻئي جي سيوا لاءِ ڪم آڻي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ