Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 3:10 - Hindu Sindhi Bible

10 انهن کيس سڃاتو تہ هي اهو پينو فقير آهي، جيڪو هيڪل جي سهڻي دروازي وٽ ويٺو پنندو هو. تڏهن اهي سڀيئي هن کي ڏسي عجب ۽ حيرت ۾ پئجي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 ۽ سڃاتائونس تہ هي اُهو ئي آهي جو هيڪل جي سهڻي در وٽ ويهي پنندو هو: ۽ جيڪي مٿس ٿي گذريو هو، تنهن تي ڏاڍو عجب لڳن ۽ حيران ٿي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 انهن کيس سڃاتو تہ هي اهو پينو فقير آهي، جيڪو هيڪل جي سهڻي دروازي وٽ ويٺو پنندو هو. تڏهن اهي سڀيئي هن کي ڏسي عجب ۽ حيرت ۾ پئجي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 انھن ھن کي سڃاتو تہ ھي اھو پينو فقير آھي، جيڪو ھيڪل جي سھڻي دروازي وٽ ويٺو پنندو ھو. اھي سڀيئي ھن کي ڏسي عجب ۽ حيرت ۾ پئجي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 3:10
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اتان جي ماڻهن هن کي سڃاڻي ورتو. تنهنڪري هنن علائقي جي ڪنڊڪڙڇ مان بيمار ماڻهو گھرائي يسوع وٽ آندا.


اهو ڏسي سڀني کي حيرت وٺي ويئي ۽ هو هڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”هي ڪهڙي قسم جو ڳالهائڻ آهي، جو هو اختياريءَ ۽ شڪتيءَ سان ڀوتن کي حڪم ٿو ڏئي ۽ اهي نڪري وڃن ٿا؟“


سڀيئي ايشور جي ايڏي شڪتي ڏسي عجب ۾ پئجي ويا. جڏهن سڀ ماڻهو يسوع جي ڪمن تي عجب کائي رهيا هئا، تڏهن هن پنهنجي سڀني چيلن کي چيو تہ


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ پتا پٽ سان پيار ٿو ڪري ۽ کيس اهي سڀ ڪم ڏيکاري ٿو جيڪي هو پاڻ ڪري ٿو. هو انهن ڪمن کان اڃا بہ وڏا ڪم کيس ڏيکاريندو جو اوهين سڀيئي حيران ٿي ويندا.


يسوع وراڻيو تہ ”هن جي انڌائپ جو هن جي پاپ سان يا سندس ماتا پتا جي پاپ سان ڪوبہ واسطو نہ آهي. پر هي انهيءَ ڪري انڌو آهي تہ جيئن هن مان ايشور جا ڪم ظاهر ٿين.


تنهن تي سندس پاڙيسرين ۽ ٻين ماڻهن جن کيس اڳ پنندي ڏٺو هو، سي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ ”هي اهو فقير تہ نہ آهي جيڪو هتي ويٺو پنندو هو!“


سڀيئي حيران ٿي ويا ۽ مونجھڪاري وچان هڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”هن جو مطلب ڇا آهي؟“


انهن کي حيرت وٺي ويئي ۽ عجب ۾ پئجي چوڻ لڳا تہ ”هي ماڻهو جيڪي ائين ٿا ڳالهائين، ڇا اهي سڀ گليلي نہ آهن؟


اتي سهڻي نالي دروازي وٽ هڪ ڄائي ڄم کان معذور ويٺو هو، جنهن کي روزانو دروازي وٽ انهيءَ لاءِ ويهاريندا هئا تہ هو هيڪل ۾ ايندڙ ماڻهن کان پني.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ