Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 3:1 - Hindu Sindhi Bible

1 هڪڙي ڏينهن اٽڪل ٽي بجي پطرس ۽ يوحنا هيڪل ڏانهن ڀڳتي ڪرڻ ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 هاڻي پطرس ۽ يوحنا گڏجي ٽئين پهر جي نماز جي مهل هيڪل ڏانهن پئي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 هڪڙي ڏينهن اٽڪل ٽي بجي پطرس ۽ يوحنا هيڪل ڏانهن عبادت ڪرڻ ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 ھڪڙي ڏينھن ٽپھريءَ جي مھل پطرس ۽ يوحنا ھيڪل ڏانھن عبادت ڪرڻ ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 3:1
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇهن ڏينهن کان پوءِ يسوع پاڻ سان گڏ پطرس، يعقوب ۽ سندس ڀاءُ يوحنا کي اڪيلائيءَ ۾ هڪڙي مٿاهين جبل تي وٺي ويو.


هو پطرس سان گڏ زبديءَ جي ٻن پٽن يعقوب ۽ يوحنا کي پاڻ سان وٺي ويو. اتي هو ڏاڍو غمگين ۽ پريشان ٿيڻ لڳو.


منجھند جو سڄي ملڪ ۾ اونداهي ڇانئجي ويئي، جيڪا اٽڪل ٽي بجي تائين هلي.


سندس لوبان ٻارڻ وقت ماڻهن جي سڄي ميڙ ٻاهر بيٺي پرارٿنا پئي ڪئي.


”ٻہ شخص هيڪل ۾ پرارٿنا ڪرڻ ويا، هڪڙو فريسي ۽ ٻيو ٽيڪس اُڳاڙيندڙ.


تڏهن يسوع پطرس ۽ يوحنا کي يروشلم شهر اندر موڪليو تہ ”وڃو ۽ اتي اسان لاءِ فصح جي تهوار واري رسوئيءَ جي تياري ڪريو تہ اسين اچي کائون.“


اتي هيڪل ۾ هو لڳاتار ايشور جو شڪر ادا ڪندا رهيا.


پوءِ انهيءَ چيلي جنهن سان يسوع جو پيار هو، تنهن پطرس کي چيو تہ ”ڏسو! هي تہ پرڀو آهي!“ جڏهن شمعون پطرس ٻڌو تہ اهو پرڀو آهي، تڏهن جيئن تہ هو پٺيءَ اگھاڙو هو، سو قميص چيلهہ سان ٻڌندو مسيح سان ملڻ لاءِ هڪدم پاڻيءَ ۾ ٽپي پيو.


هڪڙي ڏينهن اٽڪل ٽي بجي هن کي درشن ڏنو ويو، جنهن ۾ ايشور جي هڪڙي دوت کي چٽيءَ طرح ڏٺائين، جنهن چيس تہ ”اي ڪُرنيليس!“


ڪُرنيليس چيس تہ ”چئن ڏينهن جي ڳالهہ آهي جو آءٌ پنهنجي گھر ۾ هن ساڳي ئي وقت اٽڪل ٽي بجي پرارٿنا ڪري رهيو هئس تہ اوچتو هڪ ماڻهو تجليدار پوشاڪ سان منهنجي اڳيان ظاهر ٿيو.


اهي هر روز هيڪل ۾ گڏ ٿيندا هئا ۽ مختلف گھرن ۾ وڃي خوشيءَ ۽ صاف‌دليءَ سان گڏجي کائيندا پيئندا هئا.


هن جڏهن پطرس ۽ يوحنا کي هيڪل ۾ ويندي ڏٺو تہ انهن کان بہ دان گھريائين.


تنهن تي انهن هن ڏانهن چتائي ڏٺو ۽ پطرس چيس تہ ”اسان ڏانهن نهار.“


اهي پطرس ۽ يوحنا تي عجب کائڻ لڳا تہ هي عام ماڻهو ٿوري سکيا هوندي بہ ڪيڏا نہ دلير آهن! پر پوءِ ڄاتائون تہ هو يسوع جا ساٿي آهن.


ايتري ۾ هڪ ماڻهو اندر آيو، جنهن اچي کين ٻڌايو تہ ”ڳالهہ ٻڌي اٿوَ! جن ماڻهن کي اوهان جيل ۾ وڌو هو، سي هيڪل ۾ بيٺا ماڻهن کي سکيا پيا ڏين.“


هوڏانهن يروشلم ۾ خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن جڏهن ٻڌو تہ سامريہ جي ماڻهن مسيح بابت ايشور جو سنديش قبول ڪيو آهي، تڏهن پاڻ مان يوحنا ۽ پطرس کي انهن ڏانهن موڪليائون.


سو انهن جڏهن انهيءَ حقيقت کي مڃي ورتو تہ ايشور سچ پچ مون کي سيوا ڪرڻ جي ڪرپا بخشي آهي، تڏهن انهن جي طرفان يعقوب، پطرس ۽ يوحنا جيڪي منڊليءَ جا ٿنڀا ليکيا ويندا هئا، تن برنباس ۽ مون سان هٿ ملائي پاڻ سان شامل ڪيو. پوءِ هڪ راءِ ٿياسين تہ اسين غير يهودين ۾ سيوا ڪريون ۽ هو يهودين ۾.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ