Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 28:2 - Hindu Sindhi Bible

2 اتان جي رهاڪن اسان تي ڏاڍي ڪرپا ڪئي. انهن باهہ ٻاري اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ مهل مينهُن پئي پيو ۽ گھڻي ٿڌ هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ اُتي جي جهنگلي ماڻهن اسان تي ڏاڍي مهرباني ڪئي، جو مينهن ۽ سيءَ جي ڪري باهہ ٻاري اسان جي خاطرداري ڪيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 اتان جي رهاڪن اسان تي ڏاڍي مهرباني ڪئي. انهن باهہ ٻاري اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ مهل مينهُن پئي پيو ۽ گھڻي ٿڌ هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 اتان جي رھاڪن اسان تي ڏاڍي مھرباني ڪئي. انھيءَ مھل مينھن ۽ سيءُ پئي پيو، سو انھن باھہ ٻاري اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 28:2
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ منهنجي چيلن مان ڪنهن ننڍي ۾ ننڍي کي بہ منهنجو چيلو سمجھي هڪ پيالو ٿڌي پاڻيءَ جو ئي پيئاريندو تہ هن کي انهيءَ جو لاڀ ضرور ملندو.“


انهيءَ مهل ڏاڍو سيءُ پئي پيو، سو نوڪرن ۽ پهريدارن ڪوئلن جي باهہ ٻاري ان جي چوڌاري بيٺي پاڻ کي سيڪيو. پطرس بہ انهن سان گڏ وڃي بيٺو ۽ پاڻ کي سيڪڻ لڳو.


ٻئي ڏينهن تي اسين صيدا ۾ پهتاسين. يوليس اتي پولس تي اها ڪرپا ڪئي جو کيس موڪل ڏنائين تہ هو ڀلي پنهنجي دوستن وٽ وڃي ۽ جيڪي گھرجيس سو ڀلي انهن کان وٺي.


پولس ڪجھہ ڪاٺيون گڏ ڪري کڻي باهہ ۾ وڌيون تہ تپش جي ڪري هڪڙو نانگ ٻاهر نڪتو، جيڪو پولس جي هٿ ۾ چڪ پائي چنبڙي پيو.


جڏهن اتان جي رهاڪن ڏٺو تہ پولس جي هٿ ۾ نانگ چنبڙيل آهي، تڏهن هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”پڪ هي ماڻهو خوني آهي. جيتوڻيڪ هو سمنڊ مان بچي نڪتو آهي، تہ بہ انصاف واري ديوي هن کي جيوت رهڻ نہ ٿي ڏئي.“


مون تي سڀني جو فرض آهي، توڙي جو اهي شهري هجن يا جھنگلي، پڙهيل هجن يا اڻ‌پڙهيل.


جنهن جو وشواس ڪمزور آهي تنهن کي قبول ڪريو ۽ شڪ شبهي بابت ساڻس بحث نہ ڪريو.


جيڪو سڀ ڪجھہ کائي ٿو سو نہ کائڻ واري کي گھٽ نہ سمجھي ۽ جيڪو نہ ٿو کائي سو کائڻ واري تي ڪابہ تهمت نہ هڻي، ڇاڪاڻ تہ ايشور ٻنهي کي قبول ڪيو آهي.


جيتوڻيڪ اوهان يهودين جو ختنو ٿيل آهي ۽ اوهان وٽ ايشور جو نيم بہ موجود آهي، تڏهن بہ اوهين انهيءَ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ٿا ڪريو. تہ پوءِ غير قوم وارا جن جو ختنو ٿيل نہ آهي، پر ايشور جي نيم جهڙا عمل ڪن ٿا، تن جي ڪري اوهان کي پاپي قرار نہ ڏنو ويندو ڇا؟


سو جيڪڏهن ڳالهائيندڙ جي ٻوليءَ جي معنيٰ مون کي سمجھہ ۾ نہ ايندي تہ هو منهنجي لاءِ ڌاريو ٿيندو ۽ آءٌ هن لاءِ ڌاريو ٿيندس.


مون محنت ۽ سخت پورهيو ڪندي اڪثر اوجاڳا ڪاٽيا آهن ۽ ڪيترا ئي دفعا بنا ڪجھہ کائڻ پيئڻ جي گذاريو آهي. هائو، اڪثر ڪري بکون ڪاٽيون اٿم ۽ سرديءَ ۾ اڻپورن ڪپڙن سان رهيو آهيان.


نئين فطرت واري حالت ۾ نہ ڪو يهودي آهي نہ غير يهودي، نہ ڪو ختنو ڪيل آهي نہ وري ختنو نہ ڪيل، نہ ڪو جھنگلي آهي نہ وحشي، نہ ڪو غلام آهي نہ آزاد، پر مسيح ئي سڀ ڪجھہ آهي ۽ اهو اوهان سڀني ۾ آهي.


مسافرن جي مهمان‌نوازي ڪرڻ نہ وسارجو، ڇاڪاڻ تہ مهمان‌نوازي ڪرڻ سان ڪن ماڻهن اڻ‌ڄاڻائيءَ ۾ دوتن جي مهمان‌نوازي ڪئي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ