Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 27:41 - Hindu Sindhi Bible

41 تڏهن جهاز هڪڙي هنڌ اچي واريءَ ۾ ڦاٿو جو سندس اڳيون حصو قابو ٿي پيو، پر پويون حصو ڇولين جي سٽڪي لڳڻ ڪري ڀڄڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

41 پر هڪڙي اهڙي هنڌ اچي پيا، جتي ٻنهي پاسي سمنڊ جو زور هو، ۽ اُتي جهاز وڃي گَتو، ۽ آڳيل تہ لڳي قابو ٿي پيئي، مگر پاڇيل لهرن جي سٽڪي جي ڪري ڀڄڻ لڳي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

41 تڏهن جهاز هڪڙي هنڌ اچي واريءَ ۾ ڦاٿو جو سندس اڳيون حصو قابو ٿي پيو، پر پويون حصو ڇولين جي سٽڪي لڳڻ ڪري ڀڄڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

41 تڏھن جھاز ھڪڙي ھنڌ اچي واريءَ ۾ ڦاٿو جو سندس آڳيل قابو ٿي پيئي، پر پاڇيل ڇولين جي سٽڪي لڳڻ ڪري ڀڄڻ لڳي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 27:41
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن ملاحن انهيءَ ٻيڙيءَ کي جهاز ۾ چاڙهي، جهاز کي هيٺين پاسي کان رسا ٻڌي مضبوط ڪيو. پر پوءِ اچي کين ڊپ ورتو تہ متان اڳتي هلي لبيا ملڪ جي سورتس وٽ پاڻيءَ هيٺان واريءَ ۾ ڦاسي پئون. تنهنڪري جهاز جو سڙهہ هيٺ لاٿائون ۽ پوءِ ڇولين جي ديا وَ ڪرپا تي ڌِڪبا وياسون.


ان وقت ملاحن اها ڪوشش پئي ڪئي تہ جهاز مان لهي ڀڄي وڃن ۽ انهيءَ ڪوشش ۾ انهن بچاءَ ٻيڙي بہ سمنڊ ۾ لاهي ڇڏي ۽ اهو بهانو بڻايائون تہ ”اسين جهاز جي اڳئين حصي تان لنگر ٿا لاهيون.“


پوءِ تہ لنگر ڇوڙي سمنڊ ۾ ڦٽا ڪيائون، ونجھن جا رسا بہ کولي ڇڏيائون ۽ اڳئين حصي وارو سڙهہ واءُ جي رخ تي چاڙهي ڪناري ڏانهن وڌڻ لڳا.


سپاهين پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ قيدين کي ماري ڇڏجي، متان انهن منجھان ڪو تري ڀڄي نہ وڃي.


تہ پوءِ اي منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! مضبوط ۽ ثابت قدم رهو. پرڀو يسوع جي ڪم ۾ هميشہ وڌندا هلو، اهو ڄاڻيندي تہ سندس سيوا ۾ اوهان جو پورهيو اجايو نہ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ