Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 27:35 - Hindu Sindhi Bible

35 اهو چئي هن روٽي کنئي ۽ سڀني جي اڳيان ايشور جو شڪر ڪري ان مان گرهہ ڀڃي کائڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

35 ۽ جڏهن ائين چئي رهيو ۽ ماني ورتائين، تڏهن سڀني جي اڳيان خدا جو شڪر ڪري اُها ڀڃي کائڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

35 اهو چئي هن ماني کنئي ۽ سڀني جي اڳيان خدا جو شڪر ڪري ان مان گرهہ ڀڃي کائڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

35 جڏھن اھو چئي چڪو تہ ماني کڻي سڀني جي اڳيان خدا جو شڪر ڪندي گرھہ ڀڃي کاڌائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 27:35
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن ماڻهن کي بہ چيو تہ ”گاهہ تي ويهي رهو.“ تڏهن يسوع اهي پنج روٽيون ۽ ٻہ مڇيون کڻي آڪاش ڏانهن نهاريو ۽ انهن ۾ برڪت گھريائين. پوءِ هن روٽيون ڀڃي چيلن کي ڏنيون ۽ هو اهي مڇيءَ سان گڏ ماڻهن کي ڏيندا ويا.


پوءِ هن ست ئي روٽيون ۽ مڇيون هٿن تي کڻي انهن ۾ ايشور کان برڪت گھري ۽ ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪندو چيلن کي ڏيندو ويو ۽ چيلا خلق کي ڏيندا ويا.


تڏهن هن ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ ”زمين تي ويهي رهو.“ پوءِ هن اهي ست ئي روٽيون هٿن تي کڻي انهن ۾ ايشور کان برڪت گھري ۽ ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪندو چيلن کي ڏيندو ويو تہ جيئن اهي ماڻهن کي کائڻ لاءِ ڏيندا وڃن. چيلن ائين ئي ڪيو.


پوءِ جڏهن هو انهن سان گڏ رسوئي کائڻ ويٺو تہ روٽي کڻي شڪر ڪيائين ۽ اها ڀڃي کين ڏنائين.


پوءِ يسوع اهي روٽيون کڻي ايشور جو شڪر ادا ڪيو ۽ ويٺل ماڻهن ۾ ورهايائين. هن مڇي بہ ائين ئي ورهائي ۽ سڀني ماڻهن کي ايترو مليو جيترو کين کپندو هو.


ايتري ۾ تبرياس شهر کان ڪي ٻيڙيون انهيءَ جاءِ جي ويجھو ڪناري تي اچي لڳيون، جتي پرڀو يسوع جي شڪر ادا ڪرڻ کان پوءِ ماڻهن کي روٽي کارائي ويئي هئي.


آءٌ خوشخبري ٻڌائيندي نہ ٿو شرمايان، ڇاڪاڻ تہ اها هر انهيءَ ماڻهوءَ جي مڪتيءَ لاءِ ايشور جي شڪتي آهي، جيڪو مسيح تي وشواس آڻي ٿو. اها پهريائين يهودين لاءِ ۽ هاڻي غير قومن لاءِ بہ آهي.


جيڪڏهن ڪو ڪنهن ڏينهن کي سڀاڳو ٿو سمجھي تہ هو پرڀو يسوع جي لاءِ ائين ٿو سمجھي ۽ جيڪو گوشت ٿو کائي سو بہ پرڀوءَ جي واسطي کائي ٿو، ڇاڪاڻ تہ هو انهيءَ لاءِ ايشور جو شڪر ادا ٿو ڪري. پر جيڪو نہ ٿو کائي سو بہ پرڀوءَ جي واسطي نہ ٿو کائي ۽ هو بہ انهيءَ لاءِ ايشور جو شڪر ادا ٿو ڪري.


جنهن ڪري مون کي جيل ۾ تڪليفون ڏنيون وڃن ٿيون. تنهن هوندي بہ آءٌ شرمسار نہ ٿو ٿيان، ڇاڪاڻ تہ جنهن تي منهنجو وشواس آهي، تنهن کي آءٌ ڄاڻان ٿو. مون کي يقين آهي تہ جيڪا امانت مون هن جي حوالي ڪئي آهي، تنهن جي هو پنهنجي موٽي اچڻ واري ڏينهن تائين سنڀال ڪري ٿو سگھي.


تنهنڪري اسان جي پرڀو يسوع بابت شاهدي ڏيڻ کان شرم نہ ڪر. نڪي مون کان شرم ڪر جيڪو سندس واسطي قيدي آهيان. ان جي بدران ايشور کان ملندڙ شڪتيءَ سان خوشخبريءَ جي خاطر سختي سهڻ ۾ مون سان شريڪ ٿيءُ.


پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو مسيح جو هئڻ سبب تڪليف سهي تہ شرمسار نہ ٿئي، بلڪ انهيءَ نالي جي ڪري ايشور جي مهما ڪندو رهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ