Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 27:3 - Hindu Sindhi Bible

3 ٻئي ڏينهن تي اسين صيدا ۾ پهتاسين. يوليس اتي پولس تي اها ڪرپا ڪئي جو کيس موڪل ڏنائين تہ هو ڀلي پنهنجي دوستن وٽ وڃي ۽ جيڪي گھرجيس سو ڀلي انهن کان وٺي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 ۽ ٻئي ڏينهن اسين صيدون ۾ اچي پهتاسين؛ ۽ يوليس پولس تي مهرباني ڪئي، ۽ موڪل ڏنائينس تہ دوستن وٽ وڃي، ۽ تازگي حاصل ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 ٻئي ڏينهن تي اسين صيدا ۾ پهتاسين. يوليس اتي پولس تي اها مهرباني ڪئي جو کيس موڪل ڏنائين تہ هو ڀلي پنهنجي دوستن وٽ وڃي ۽ جيڪي گھرجيس سو ڀلي انهن کان وٺي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

3 ٻئي ڏينھن تي اسين صيدا ۾ پھتاسين. اتي يوليس پولس تي اھا مھرباني ڪئي جو کيس موڪل ڏنائين تہ ھو ڀلي پنھنجن دوستن وٽ وڃي ۽ جيڪي گھرجيس سو ڀلي انھن کان وٺي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 27:3
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”مصيبت آهي اوهان لاءِ اي خرازين شهر جا رهاڪؤ! ۽ مصيبت آهي اوهان لاءِ اي بيت‌صيدا شهر جا رهاڪؤ! ڇاڪاڻ تہ جيڪي چمتڪار اوهان ۾ ڪيا ويا آهن، سي جيڪڏهن صور ۽ صيدا جي شهرن ۾ ڪيا وڃن ها تہ ڪڏهن جو اتان جا ماڻهو کٿو ڍڪي ۽ مٿي ۾ خاڪ وجھي پنهنجن پاپن کان توبهہ ڪن ها.


جيئن تہ هيروديس صور ۽ صيدا جي ماڻهن تي ڏاڍو ڪاوڙيل هو، تنهنڪري اتان جا ماڻهو هڪ ٽولو ٺاهي کيس پرچائڻ لاءِ وٽس آيا، ڇاڪاڻ تہ سندن شهرن جو دارومدار هيروديس جي ملڪ مان ملندڙ سيڌي سامان تي هو. انهن پهريائين محلات جي دربان بلاسطس کي پنهنجي پاسي ڪيو.


هن پولس جي نگران صوبيدار کي حڪم ڏنو تہ ”هن کي نظربند تہ ڪريو، پر کيس ڪجھہ سهولتون ڏجو ۽ جيڪڏهن هن جا ڪي سنگتي ساٿي سندس سيوا ڪرڻ گھرن تہ کين نہ روڪجو.“


پوءِ جڏهن سامونڊي جهاز ۾ چڙهي اسان جو اِٽليءَ جي شهر روم ڏانهن وڃڻ جو مقرر وقت آيو، تڏهن هنن پولس ۽ ٻين قيدين کي رومي لشڪر جي مهاراجا واري پلٽڻ جي هڪ صوبيدار يوليس جي حوالي ڪيو.


پر صوبيدار جي دل گھريو ٿي تہ ڪنهن طرح پولس کي بچائي، تنهنڪري هنن کي انهيءَ ارادي کان روڪيائين. هن ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ ”جيڪي تري سگھن ٿا سي پهريائين جهاز مان ٽپو ڏيئي سمنڊ جي ڪناري تي وڃي پهچن


جڏهن اسين روم ۾ پهتاسين تہ پولس کي ڪنهن گھر ۾ اڪيلي رهڻ جي آگيا ملي، جڏهن تہ هڪ سپاهي سندس پهري تي بيهاريو ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ