Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 27:1 - Hindu Sindhi Bible

1 پوءِ جڏهن سامونڊي جهاز ۾ چڙهي اسان جو اِٽليءَ جي شهر روم ڏانهن وڃڻ جو مقرر وقت آيو، تڏهن هنن پولس ۽ ٻين قيدين کي رومي لشڪر جي مهاراجا واري پلٽڻ جي هڪ صوبيدار يوليس جي حوالي ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 ۽ جڏهن اهو ٺهراءُ ٿيو تہ اسين جهاز ۾ چڙهي اطاليہ ڏانهن وڃون، تڏهن هنن پولس ۽ ٻين قيدين کي شهنشاهي پلٽڻ جي هڪڙي يوليس نالي صوبيدار جي حوالي ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 پوءِ جڏهن سامونڊي جهاز ۾ چڙهي اسان جو اِٽليءَ جي شهر روم ڏانهن وڃڻ جو مقرر وقت آيو، تڏهن هنن پولس ۽ ٻين قيدين کي رومي لشڪر جي شهنشاهہ واري پلٽڻ جي هڪ صوبيدار يوليس جي حوالي ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 جڏھن اھو فيصلو ٿيو تہ اسين سامونڊي جھاز ۾ چڙھي اِٽليءَ ڏانھن وڃون، تڏھن ھنن پولس ۽ ٻين قيدين کي رومي لشڪر جي شھنشاھي پلٽڻ جي صوبيدار يوليس جي حوالي ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 27:1
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

فوجي صوبيدار ۽ ٻيا جيڪي ساڻس گڏ يسوع تي پهرو ڏيئي رهيا هئا، تن جڏهن زلزلو ۽ ٻيو ڪجھہ ٿيندي ڏٺو تہ ڏاڍا ڊڄي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”بيشڪ هيءُ ماڻهو ايشور جو پٽ هو.“


اهو ڏسي فوجي صوبيدار ايشور جي مهما ڪرڻ لڳو ۽ چيائين تہ ”بيشڪ هي هڪ نيڪ ماڻهو هو.“


اتي رومي فوج جي هڪ صوبيدار جو نوڪر بيمار هو ۽ مرڻ تي هو. اهو نوڪر صوبيدار کي ڏاڍو پيارو هو.


قيصريہ ۾ ڪُرنيليس نالي هڪ ماڻهو هو، جيڪو رومي لشڪر جي اِٽليءَ واري پلٽڻ ۾ صوبيدار هو.


انهن وراڻيو تہ ”صوبيدار ڪُرنيليس اسان کي موڪليو آهي. هو هڪ نيڪ ۽ ايشور ڀڳت ماڻهو آهي ۽ يهودين جي سڄي قوم ۾ ڏاڍي ساراهہ اٿس. هن کي ايشور جي هڪڙي پوِتر دوت چيو آهي تہ هو تو کي پنهنجي گھر سڏائي تنهنجي واتان تنهنجيون ڳالهيون ٻڌي.“


پولس کي درشن ملڻ شرط اسان هڪدم مڪدُنيا ڏانهن وڃڻ جي تياري ڪئي، ڇاڪاڻ تہ اسان کي يقين ٿي ويو تہ ايشور اسان کي گھرايو آهي تہ کين خوشخبري ٻڌايون.


اتي هن کي اڪولا نالي هڪڙو يهودي ۽ سندس پتني پرسڪلا مليا، جيڪي پنطس علائقي جا رهاڪو هئا ۽ تازو ئي اِٽليءَ مان آيا هئا، ڇاڪاڻ تہ قيصر ڪلوديُس حڪم ڏنو هو تہ سڀ يهودي روم شهر مان نڪري وڃن. پولس انهن ڏانهن ويو


هنن ڳالهين جي ٿيڻ کان پوءِ پولس ارادو ڪيو تہ هو يونان جي صوبن مڪدُنيا ۽ اخيا مان ٿيندو يروشلم وڃي. هن وڌيڪ هي بہ فيصلو ڪيو تہ ”اتي وڃڻ کان پوءِ مون کي روم بہ ضرور وڃڻ گھرجي.“


سو جلد ئي ڪپتان ڪجھہ آفيسر ۽ سپاهي ساڻ ڪري گوڙ ڏانهن ڪاهي پيو. جڏهن ماڻهن کيس سپاهين سميت ايندي ڏٺو، تڏهن پولس کي ڌڪن هڻڻ کان بس ڪيائون.


اهو ٻڌي صوبيدار سڌو ڪپتان وٽ ويو ۽ چيائينس تہ ”اوهين هي ڇا ڪري رهيا آهيو؟ هي ماڻهو تہ رومي آهي.“


جڏهن رات ٿي تڏهن پولس کي پرڀو يسوع پنهنجي ڀرسان بيٺل نظر آيو جنهن چيس تہ ”دلجاءِ ڪر، جيئن تو يروشلم ۾ منهنجي لاءِ شاهدي ڏني آهي تيئن ئي روم ۾ بہ تو کي منهنجي لاءِ شاهدي ڏيڻي آهي.“


تنهن تي پولس صوبيدارن مان هڪڙي کي پاڻ وٽ سڏي وينتي ڪئي تہ ”هن جوان کي ڪپتان وٽ وٺي وڃو، جو کيس ڪجھہ چوڻو آهي.“


هن پولس جي نگران صوبيدار کي حڪم ڏنو تہ ”هن کي نظربند تہ ڪريو، پر کيس ڪجھہ سهولتون ڏجو ۽ جيڪڏهن هن جا ڪي سنگتي ساٿي سندس سيوا ڪرڻ گھرن تہ کين نہ روڪجو.“


تنهن تي فيستس پنهنجي صلاحڪارن سان صلاح مشورو ڪري وراڻيو تہ ”تو قيصر وٽ اپيل ڪئي آهي، تنهنڪري تو کي قيصر وٽ وڃڻو پوندو.“


پر مون کي خبر پيئي تہ هن شخص اهڙو ڪوبہ ڏوهہ نہ ڪيو آهي جو کيس موت جي سزا ڏجي. هن پاڻ قيصر وٽ اپيل ڪئي، جنهن ڪري مون فيصلو ڪيو تہ کيس اوڏانهن موڪليان.


پر صوبيدار پولس جي ڳالهين کان وڌيڪ جهاز جي ڪپتان ۽ مالڪ جون ڳالهيون مڃيون.


پر صوبيدار جي دل گھريو ٿي تہ ڪنهن طرح پولس کي بچائي، تنهنڪري هنن کي انهيءَ ارادي کان روڪيائين. هن ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ ”جيڪي تري سگھن ٿا سي پهريائين جهاز مان ٽپو ڏيئي سمنڊ جي ڪناري تي وڃي پهچن


اتي صوبيدار ڏٺو تہ اسڪندريہ جو هڪڙو سامونڊي جهاز اِٽليءَ ڏانهن وڃي رهيو آهي، سو هن اسان کي انهيءَ جهاز ۾ سوار ڪيو.


جڏهن اسين خير سان ڪناري تي پهتاسين، تڏهن اسان کي خبر پيئي تہ انهيءَ ٻيٽ جو نالو مالٽا آهي.


جڏهن اسين روم ۾ پهتاسين تہ پولس کي ڪنهن گھر ۾ اڪيلي رهڻ جي آگيا ملي، جڏهن تہ هڪ سپاهي سندس پهري تي بيهاريو ويو.


پنهنجي اڳواڻن سميت مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن سڀني کي نمسڪار ڏجو. اٽليءَ وارا وشواسي بہ اوهان کي نمسڪار ٿا چون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ