Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 26:29 - Hindu Sindhi Bible

29 پولس وراڻيو تہ ”منهنجي تہ ايشور جي در اها پرارٿنا آهي تہ ٿوري يا گھڻي وقت ۾ شل اوهين ۽ هي ٻيا جيڪي اڄ منهنجي ٻڌي رهيا آهن سي مون جهڙا ٿين، سواءِ هنن زنجيرن ۾ ٻڌجڻ جي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

29 پولس چيو، تہ شل خدا ڪري تہ ٿوريءَ سان يا گهڻيءَ سان، نہ رڳو تون، پر جيڪي ماڻهو اڄ منهنجي بيٺا ٻُڌن، سي سڀيئي اهڙا ٿين جهڙو آئون آهيان، سواءِ هنن زنجيرن جي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

29 پولس وراڻيو تہ ”منهنجي تہ خدا جي در اها دعا آهي تہ ٿوري يا گھڻي وقت ۾ شل اوهين ۽ هي ٻيا جيڪي اڄ منهنجي ٻڌي رهيا آهن سي مون جهڙا ٿين، سواءِ هنن زنجيرن ۾ ٻڌجڻ جي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

29 پولس وراڻيو تہ ”ٿوري يا گھڻي وقت ۾، پر منھنجي تہ خدا جي در اھا دعا آھي تہ شل اوھين ۽ ھي ٻيا جيڪي منھنجي ٻڌي رھيا آھن، سي مون جھڙا ٿين سواءِ ھنن زنجيرن جي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 26:29
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيتوڻيڪ مون کي انسان جي شاهديءَ جي ضرورت نہ آهي، تنهن هوندي بہ اهي ڳالهيون انهيءَ لاءِ ڪيون اٿم تہ جيئن اوهان کي مڪتي ملي.


جنهن ڏينهن هيروديس کيس ماڻهن اڳيان پيش ڪرڻ وارو هو، انهيءَ کان اڳ واري رات پطرس ٻن پهريدارن جي وچ ۾ ستو پيو هو، جن جا هٿ سندس ٻنهي هٿن ۾ جدا جدا پيل هٿڪڙين سان ٻڌل هئا. جيل جي دروازن تي بہ پهرو هو.


ڪپتان ويجھو اچي پولس کي گرفتار ڪيو ۽ حڪم ڏنائين تہ ”هن کي ٻن هٿڪڙين سان ٻڌو وڃي.“ پوءِ ماڻهن کان پڇا ڪرڻ لڳو تہ ”هي شخص ڪير آهي ۽ ڪهڙو ڏوهہ ڪيو اٿس؟“


۽ ڪيترائي ڏينهن اتي رهي پيا. تڏهن فيستس پولس جي ڪيس جو احوال راجا کي ٻڌائيندي چيو تہ ”هڪڙو شخص آهي، جنهن کي فِيلڪس جيل ۾ ڇڏي هليو ويو آهي.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! منهنجي دلي تمنا آهي تہ بني اسرائيل کي مڪتي ملي ۽ انهيءَ لاءِ آءٌ ايشور جي در پرارٿنا ٿو ڪريان.


واہ! سائين، واہ! اوهين تہ پهريائين ئي آسودا ٿي ويا آهيو. اوهين تہ اڳي ئي دولتمند ٿي ويا آهيو ۽ اوهين تہ اسان کان سواءِ ئي راڄ ڪريو ٿا. ڪاش! اوهين سچ پچ راڄ ڪريو ها تہ من اسين بہ اوهان سان گڏ راڄ ڪريون ها.


تنهن هوندي بہ منهنجي اها خواهش آهي تہ سڀ ماڻهو مون وانگر هجن. پر هر ڪنهن ماڻهوءَ کي ايشور کان پنهنجو پنهنجو وردان مليل آهي، ڪنهن کي ڪهڙو تہ ڪنهن کي ڪهڙو.


ڪاش! اوهين منهنجي ٿورڙي مورکتا کي برداشت ڪري سگھو. هائو، ضرور برداشت ڪريو.


انهيءَ خوشخبريءَ لاءِ مسيح مون کي چونڊيو آهي ۽ انهيءَ جي ٻڌائڻ ڪري آءٌ قيد ۾ زنجيرن سان ٻڌل آهيان. پرارٿنا ڪريو تہ اها بنا ڪنهن ڊپ جي ٻڌائيندو رهان، جيئن مون کي ٻڌائڻ کپي.


اسين انهيءَ مسيح بابت ئي سنديش ٻڌايون ٿا ۽ پوريءَ ڏاهپ سان هر ڪنهن کي سمجھايون ۽ سکيا ڏيون ٿا، تہ جيئن هر هڪ کي مسيح ۾ ڪامل بڻائي ايشور جي شرڻ ۾ پيش ڪريون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ