Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 26:14 - Hindu Sindhi Bible

14 اسين سڀ زمين تي ڪري پياسين تہ ان وقت مون عبراني ٻوليءَ ۾ هڪ آواز ٻڌو تہ ’سائول! اي سائول! تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟ ڏاند وانگر پنهنجي مالڪ جي لٺ آڏو لت کڻي تون پاڻ کي نقصان ڇو ٿو پهچائين؟‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ۽ جڏهن اسين سڀ زمين تي ڪِري پياسين، تڏهن مون هڪڙو آواز ٻُڌو، جنهن عبراني ٻوليءَ ۾ مون کي چيو تہ اي شائول، اي شائول، تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟ پڻياٺيءَ تي لت هڻڻ تنهنجي لاءِ ڏکيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 اسين سڀ زمين تي ڪري پياسين تہ ان وقت مون عبراني ٻوليءَ ۾ هڪ آواز ٻڌو تہ ’سائول! اي سائول! تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟ ڏاند وانگر پنهنجي مالڪ جي لٺ آڏو لت کڻي تون پاڻ کي نقصان ڇو ٿو پهچائين؟‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 اسين سڀ زمين تي ڪري پياسين تہ ان وقت مون عبراني ٻوليءَ ۾ ھڪ آواز ٻڌو تہ ’اي شائول! اي شائول! تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟ ڏاند وانگر پنھنجي مالڪ جي لٺ آڏو لت کڻي تون پاڻ کي نقصان ڇو ٿو پھچائين؟‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 26:14
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن ڪپتان آگيا ڏنس تڏهن پولس ڏاڪڻ تي بيهي هٿ جي اشاري سان ماڻهن کي خاموش ٿيڻ لاءِ چيو. جڏهن ماٺ ٿي ويئي تڏهن پولس عبراني ٻوليءَ ۾ کين چوڻ لڳو تہ


جڏهن انهن کيس عبرانيءَ ۾ ڳالهائيندي ٻڌو تہ وڌيڪ خاموش ٿي ويا ۽ پولس پنهنجو بيان جاري رکندي چيو تہ


اهو منجھند جو وقت هو، تڏهن، اي راجا اگرپا! رستي ويندي مون آڪاش مان هڪڙي روشني ڏٺي جيڪا سج کان بہ وڌيڪ تجليدار هئي، سا مون تي ۽ منهنجي ساٿين تي اچي چمڪي.


مون پڇيو تہ ’اي سوامي! اوهين ڪير آهيو؟‘ تنهن تي هن وراڻيو تہ ’آءٌ يسوع آهيان، جنهن کي تون ستائين ٿو.


جيڪي ماڻهو سائول سان گڏ وڃي رهيا هئا، سي وائڙا ٿي بيهي رهيا، ڇاڪاڻ تہ انهن آواز تہ ٻڌو پر کين ڪوبہ ڏسڻ ۾ نہ آيو.


ڇا ائين ڪندي اسين پرڀوءَ جي غيرت کي جوش ڏياريون؟ ڇا اسين هن کان وڌيڪ ٻلوان آهيون؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ