Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 25:8 - Hindu Sindhi Bible

8 پولس پنهنجي صفائيءَ ۾ چيو تہ ”مون يهودين جي نيم جو، هيڪل جو يا قيصر جو ڪوبہ ڏوهہ ڪونہ ڪيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 مگر پولس پنهنجي بچاءَ ۾ چيو، تہ مون نڪو يهودين جي شريعت جو ڪو ڏوهہ ڪيو آهي، نہ هيڪل جو، نڪي قيصر جو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 پولس پنهنجي صفائيءَ ۾ چيو تہ ”مون يهودين جي شريعت جو، هيڪل جو يا قيصر جو ڪوبہ ڏوهہ ڪونہ ڪيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 پولس پنھنجي بچاءَ ۾ چيو تہ ”مون يھودين جي شريعت جو، ھيڪل جو يا قيصر جو ڪوبہ ڏوھہ ڪونہ ڪيو آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 25:8
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پولس پئنچائت وارن ڏانهن چتائي نهاريو ۽ چيائين تہ ”اي ڀائرؤ! اڄ تائين مون پنهنجو سڄو جيون ايشور جي شرڻ ۾ پوري نيڪ نيتيءَ سان پئي گذاريو آهي.“


هنن مون کي هيڪل ۾ يا پنهنجين ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ توڙي شهر جي ڪنهن بہ ٻئي هنڌ نڪي ڪنهن سان بحث ڪندي ڏٺو آهي ۽ نہ وري فساد مچائيندي.


آءٌ اوهان جي اڳيان قبول ٿو ڪريان تہ آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن جي ايشور جي ڀڳتي يسوع واري رستي تي هلندي ڪريان ٿو، جنهن کي هي ڀَٽڪي وڃڻ سمجھن ٿا. آءٌ موسيٰ جي نيم شاستر ۽ سنديش ڏيندڙ ٻين سنتن جي لکتن ۾ بيان ڪيل سڀني ڳالهين تي وشواس رکان ٿو.


هن اها بہ ڪوشش ڪئي آهي تہ هيڪل جو اپمان ڪري، پر اسان کيس پڪڙي ورتو. سو جن ڏوهن جو اسين مٿس الزام ٿا هڻون، تن سڀني جي بہ جيڪڏهن کانئس پڇا ڳاڇا ڪندا تہ اوهان کي خبر پئجي ويندي.“


پولس وراڻيو تہ ”آءٌ قيصر جي ڪورٽ اڳيان بيٺو آهيان، تنهنڪري منهنجو فيصلو بہ هتي ٿيڻ گھرجي. اوهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ مون يهودين جو ڪوبہ ڏوهہ ڪونہ ڪيو آهي.


ٽن ڏينهن کان پوءِ پولس اتي جي يهودي اڳواڻن جي گڏجاڻي سڏائي. جڏهن اهي اچي گڏ ٿيا تہ هن کين چيو تہ ”اي ڀائرؤ! جيتوڻيڪ مون نڪي پنهنجي قوم وارن ۽ نہ وري وڏن جي ڌرمي ريتن رسمن خلاف ئي ڪجھہ ڪيو هو، تہ بہ مون کي يروشلم ۾ پڪڙي رومين جي حوالي ڪيو ويو.


انهن کيس چيو تہ ”يهوديہ مان اسان کي تنهنجي باري ۾ نہ تہ ڪو خط پٽ مليو آهي ۽ نہ وري آيل ڀائرن مان ڪنهن تو بابت ڪجھہ ٻڌايو آهي يا تنهنجي ڪا گلا ڪئي آهي.


اسين صاف ضمير سان فخر ڪندي چئي سگھون ٿا تہ ايشور کان مليل پوِترتائيءَ ۽ سچائيءَ سان اسان جيون گذاريو آهي. اهڙو ورتاءُ اسان سنسار ۾ ۽ خاص ڪري اوهان سان ڪيو آهي. اسان ائين سنساري ڏاهپ موجب نہ، بلڪ ايشور جي ڪرپا موجب ڪيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ