Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 24:22 - Hindu Sindhi Bible

22 جيئن تہ فِيلڪس کي يسوع واري رستي بابت وڌيڪ ڄاڻ هئي، تنهنڪري هن ڪيس جي ٻڌڻي ختم ڪندي چيو تہ ”جڏهن ڪپتان لوسياس ايندو تڏهن آءٌ اوهان جي ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 پر فيلڪس کي جو انهي طريقي جي وڌيڪ خبر هئي، تنهن هنن کي ترسائي ڇڏيو، ۽ چيائين تہ جڏهن پلٽڻ جو سردار لوسياس ايندو، تڏهن آئون اوهان جو معاملو فيصل ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 جيئن تہ فِيلڪس کي عيسيٰ واري رستي بابت وڌيڪ ڄاڻ هئي، تنهنڪري هن ڪيس جي ٻڌڻي ختم ڪندي چيو تہ ”جڏهن ڪپتان لوسياس ايندو تڏهن آءٌ اوهان جي ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

22 پوءِ فِيلِڪس، جيڪو انھيءَ طريقي جو وڌيڪ ڄاڻو ھو، تنھن ڪيس روڪي ڇڏيو ۽ انھن کي چيائين تہ ”جڏھن ڪپتان لوسياس ايندو تڏھن آءٌ اوھان جي ڪيس جو فيصلو ڏيندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 24:22
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن تي هيروديس انهن جوتشين کي اڪيلائيءَ ۾ گھرائي پڇيو تہ ”تارو ٺيڪ ڪهڙي وقت نظر آيو هو؟“


ان بعد هنن کيس وينتي ڪئي تہ هو ڪجھہ عرصي تائين وٽن رهي، پر هن اها قبول نہ ڪئي.


اڄ شهر ۾ جيڪو هنگامو ٿيو آهي، انديشو آهي تہ انهيءَ جي ذميواري اسان تي اچي سگھي ٿي. جيئن تہ هن هنگامي جو ڪو سبب ئي نہ ٿو نظر اچي، سو اسين انهيءَ لاءِ ڪا ثابتي ڏيئي نہ ٿا سگھون.“


پوءِ گورنر پولس ڏانهن پنهنجو بيان ڏيڻ لاءِ اشارو ڪيو. تڏهن پولس وراڻيو تہ ”سائين! آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهين گھڻن ئي سالن کان وٺي هن قوم جا فيصلا ڪندا ٿا اچو، تنهنڪري آءٌ دلجاءِ سان اوهان جي اڳيان پنهنجي صفائيءَ ۾ بيان ڏيان ٿو.


آءٌ اوهان جي اڳيان قبول ٿو ڪريان تہ آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن جي ايشور جي ڀڳتي يسوع واري رستي تي هلندي ڪريان ٿو، جنهن کي هي ڀَٽڪي وڃڻ سمجھن ٿا. آءٌ موسيٰ جي نيم شاستر ۽ سنديش ڏيندڙ ٻين سنتن جي لکتن ۾ بيان ڪيل سڀني ڳالهين تي وشواس رکان ٿو.


ڪن ڏينهن کان پوءِ فِيلڪس پنهنجي يهودڻ پتني دروسلہ سان گڏجي اتي آيو ۽ پولس کي گھرائي کانئس يسوع مسيح تي وشواس بابت ڳالهيون ٻڌائين.


هن اها بہ ڪوشش ڪئي آهي تہ هيڪل جو اپمان ڪري، پر اسان کيس پڪڙي ورتو. سو جن ڏوهن جو اسين مٿس الزام ٿا هڻون، تن سڀني جي بہ جيڪڏهن کانئس پڇا ڳاڇا ڪندا تہ اوهان کي خبر پئجي ويندي.“


پر هن بابت ڪابہ پڪي ڄاڻ نہ آهي، جيڪا آءٌ قيصر ڏانهن لکي موڪليان. تنهنڪري مون هن کي اوهان سڀني جي اڳيان ۽ خاص ڪري اي راجا اگرپا! اوهان جي اڳيان حاضر ڪيو اٿم. سو اوهين هن ڪيس جي جاچ ڪريو تہ جيئن آءٌ ڪجھہ لکي سگھان.


ڇاڪاڻ تہ اوهين تہ يهودين جي سڀني ريتن رسمن ۽ ڌرمي تڪرارن کان چڱيءَ طرح واقف آهيو. سو منهنجي اوهان کي خاص وينتي آهي تہ مهرباني ڪري منهنجو بيان صبر سان ٻڌو.


۽ وينتي ڪيائينس تہ ”مون کي دمشق شهر جي يهودين جي ڀڳتيءَ وارين جاين لاءِ ڪي اهڙي مضمون جا خط لکي ڏيو تہ جيڪڏهن مون کي يسوع واري رستي تي هلندڙ ڪو مرد توڙي ناري ملي تہ کيس گرفتار ڪري يروشلم ۾ وٺي اچان.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ