Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 24:17 - Hindu Sindhi Bible

17 آءٌ گھڻن سالن کان پوءِ يروشلم ۾ آيس، تہ جيئن پنهنجي قوم ۾ ڪجھہ دان اچي ڪريان ۽ ايشور آڏو ٻليدان پيش ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 هاڻي آئون گهڻن ورهين کان پوءِ آيس تہ پنهنجي قوم کي خيرات ڏيان ۽ نذر چاڙهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 آءٌ گھڻن سالن کان پوءِ يروشلم ۾ آيس، تہ جيئن پنهنجي قوم ۾ ڪجھہ خيرات اچي ڪريان ۽ خدا آڏو قرباني پيش ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 آءٌ گھڻن سالن کان پوءِ يروشلم ۾ ويس تہ وڃي پنھنجي قوم ۾ ڪجھہ خيرات ڪريان ۽ خدا آڏو قرباني پيش ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 24:17
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پولس فيصلو ڪيو هو تہ هو اِفسس شهر جي ٻاهران ٻاهران هليو وڃي، تہ جيئن آسيا صوبي ۾ گھڻو وقت نہ لڳيس. ايتري تڪڙ رڳو انهيءَ لاءِ ٿي ڪيائين تہ جيڪڏهن ٿي سگھي تہ پنتيڪُست جو تهوار يروشلم ۾ وڃي ملهائي.


تنهنڪري اوهين سجاڳ رهو ۽ ياد رکو تہ مون ٽن سالن تائين رات ڏينهن ڳوڙها ڳاڙي هر هڪ کي تاڪيد ڪندي سمجھايو آهي.


سو ٻئي ڏينهن تي پولس انهن چئن ماڻهن کي ساڻ وٺي ويو ۽ انهن سان گڏ پاڻ کي پوِتر ڪري هيڪل ۾ اچي اهو ڏينهن ٻڌايائين جڏهن سندن پوِتر ٿيڻ جو وقت پورو ٿيندو ۽ هر هڪ لاءِ ٻليدان پيش ڪيو ويندو.


جيئن تہ فِيلڪس کي اها اميد بہ هئي تہ پولس کيس ڪا رشوت ڏيندو، تنهنڪري هو وري وري کيس سڏائي گفتگو ڪندو هو.


تہ ايشور مون کي يهوديہ علائقي ۾ غير وشواسين کان بچائي ۽ يروشلم شهر وارن مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن وٽ منهنجي سيوا قبول پوي.


تنهنڪري اسان طيطس کي هدايت ڪئي آهي تہ امداد ڏيارڻ وارو جيڪو ڪم هن اوهان کان شروع ڪيو هو سو پورو بہ ڪري.


ڏسو، اسان جي پرڀو يسوع مسيح اوهان سان ڪيڏي نہ سخاوت ڪئي آهي جو جيتوڻيڪ هو دولتمند هو تڏهن بہ اوهان جي خاطر غريب بڻيو، تہ جيئن سندس غريب ٿي وڃڻ جي ڪري اوهين دولتمند ٿي وڃو. اهو تہ اوهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا.


هائو، هن سيوا جي پوري ڪرڻ سان نہ رڳو يروشلم وارن مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن جون گھرجون پوريون ٿينديون، بلڪ ايشور جي شڪرگذاري بہ وڌندي ويندي.


هنن رڳو ايترو چيو تہ ”غريبن کي ياد رکجو.“ پر انهيءَ ڪم لاءِ تہ آءٌ اڳي ئي سرگرم هئس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ