Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 24:14 - Hindu Sindhi Bible

14 آءٌ اوهان جي اڳيان قبول ٿو ڪريان تہ آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن جي ايشور جي ڀڳتي يسوع واري رستي تي هلندي ڪريان ٿو، جنهن کي هي ڀَٽڪي وڃڻ سمجھن ٿا. آءٌ موسيٰ جي نيم شاستر ۽ سنديش ڏيندڙ ٻين سنتن جي لکتن ۾ بيان ڪيل سڀني ڳالهين تي وشواس رکان ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 پر هيترو آئون تنهنجي اڳيان قبول ٿو ڪريان تہ جنهن طريقي کي هي بدعتي ٿا سڏين، اُنهي ۾ آئون پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي عبادت ٿو ڪريان؛ ۽ جيڪي ڳالهيون شريعت موجب آهن، ۽ جي نبين جي ڪتابن ۾ لکيل آهن، سي سڀيئي مڃان ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 آءٌ اوهان جي اڳيان قبول ٿو ڪريان تہ آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي عبادت عيسيٰ واري رستي تي هلندي ڪريان ٿو، جنهن کي هي بدعت سمجھن ٿا. آءٌ موسيٰ جي شريعت ۽ ٻين نبين جي لکتن ۾ بيان ڪيل سڀني ڳالهين تي ايمان رکان ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 آءٌ قبول ٿو ڪريان تہ پنھنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي عبادت انھيءَ طريقي موجب ڪريان ٿو جنھن کي ھي بدعت سمجھن ٿا. آءٌ موسيٰ جي شريعت ۽ نبين جي صحيفن ۾ لکيل سڀني ڳالھين تي ايمان آڻيان ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 24:14
44 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”جيڪو ماڻهن جي اڳيان کُليو کُلايو مون کي قبول ڪندو، تنهن کي آءٌ بہ پنهنجي آڪاش واري پتا جي اڳيان قبول ڪندس.


سڄو نيم شاستر توڙي ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنتن جون سڀ پوِتر لکتون انهن ئي ٻنهي حڪمن تي مدار رکن ٿيون.“


سو هاڻ جهڙو سلوڪ اوهين چاهيو ٿا تہ ماڻهو اوهان سان ڪن، تهڙو سلوڪ اوهين بہ ٻين سان ڪريو. اهو ئي موسيٰ جي نيم توڙي سنديش ڏيندڙ ٻين سنتن جي سکيا جو نچوڙ آهي.“


جنهن جو هن پنهنجي سنديش ڏيندڙ پوِتر سنتن جي وسيلي وچن ڪيو هو، جيڪي قديم زماني کان وٺي ايندا رهيا.


يسوع وڌيڪ چيو تہ ”موسيٰ جو نيم شاستر توڙي سنديش ڏيندڙ ٻين سنتن جا شاستر يوحنا جي وقت تائين لاڳو رهيا. تنهن کان پوءِ ايشور جي راڄ بابت خوشخبريءَ جو پرچار ٿيڻ لڳو ۽ هر ڪو ان ۾ داخل ٿيڻ لاءِ زور پيو ڏئي.


تنهن تي ابرهام وراڻيس تہ ’انهن وٽ موسيٰ جو نيم شاستر ۽ سنديش ڏيندڙ ٻين سنتن جون لکتون تہ موجود آهن، هو اهي ٻڌي سگھن ٿا.‘


پوءِ يسوع انهن کي موسيٰ جي شاستر کان وٺي ايشور جو سنديش ڏيندڙ ٻين سڀني سنتن جي لکتن تائين، پوِتر شاستر جون اهي سڀ ڳالهيون سمجھايون جيڪي سندس بابت لکيل آهن.


پوءِ يسوع انهن کي چيو تہ ”اهي ئي ڳالهيون هيون جيڪي مون اوهان کي اڳ ۾ ٻڌايون هيون، جڏهن اڃا اوهان سان هئس، تہ مون بابت جيڪي بہ نيم شاستر، زبور توڙي سنديش ڏيندڙ ٻين سنتن جي لکتن ۾ آهي، سو سڀ ضرور پورو ٿيندو.“


فلپس نٿن‌ايل سان وڃي مليو ۽ کيس ٻڌايائين تہ ”جنهن بابت موسيٰ پنهنجي شاستر ۾ ذڪر ڪيو آهي ۽ ايشور جو سنديش ڏيندڙ ٻين سنتن پڻ لکيو آهي، سو اسان کي ملي ويو آهي. اهو يوسف جو پٽ يسوع آهي، جيڪو ناصرت ڳوٺ جو آهي.“


انهيءَ بابت ايشور جو سنديش ڏيندڙ سڀني سنتن جي شاهدي آهي تہ جيڪو بہ مٿس وشواس آڻيندو، تنهن جا پاپ سندس نالي جي وسيلي بخشيا ويندا.“


جڏهن اتي نيم شاستر ۽ پوِتر شاستر جون ٻيون لکتون پڙهيون ويون، تڏهن ڀڳتيءَ وارين جاين جي اڳواڻن هنن ڏانهن اشارو ڪري چوايو تہ ”اي ڀائرؤ! جيڪڏهن ماڻهن جي نصيحت لاءِ اوهان کي ڪا ڳالهہ ٻڌائڻي آهي تہ ٻڌايو.“


پر جن فريسين وشواس آندو هو تن مان ڪي اُٿي بيٺا ۽ چوڻ لڳا تہ ”غير قوم وارن جو ختنو ضرور ٿيڻ کپي ۽ کين تاڪيد ڪيو وڃي تہ هو موسيٰ جي نيم تي هلن.“


انهن ڏينهن ۾ اِفسس ۾ پرڀو يسوع وارو رستو اختيار ڪرڻ جي ڪري ڏاڍي گڙٻڙ متل هئي.


پر جڏهن ڪن ماڻهن ضد ڪندي وشواس نہ آندو، بلڪ کُليو کُلايو پرڀو يسوع جي انهيءَ رستي خلاف نندا ڪرڻ لڳا، تڏهن پولس کين ڇڏي ڏنو ۽ وشواسين کي هنن کان الڳ ڪري ڇڏيو. هاڻ هو تُرنس جي وڏي هال ۾ وڃي روزانو بحث مباحثو ڪندو هو.


پوءِ هن چيو تہ ’اسان جي ابن ڏاڏن جي ايشور تو کي انهيءَ لاءِ مقرر ڪيو آهي تہ تون سندس مرضي ڄاڻي وٺين ۽ سندس سچار کي ڏسين ۽ کيس ڳالهائيندي ٻڌين.


جيئن تہ فِيلڪس کي يسوع واري رستي بابت وڌيڪ ڄاڻ هئي، تنهنڪري هن ڪيس جي ٻڌڻي ختم ڪندي چيو تہ ”جڏهن ڪپتان لوسياس ايندو تڏهن آءٌ اوهان جي ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندس.“


هي ماڻهو هڪ وڏو خطرناڪ باغي نڪتو آهي. سنسار جي سڀني يهودين ۾ هن فساد مچايو آهي ۽ ناصرت وارن جي هڪڙي ڀَٽڪيل پنٿ جو اڳواڻ آهي.


پولس پنهنجي صفائيءَ ۾ چيو تہ ”مون يهودين جي نيم جو، هيڪل جو يا قيصر جو ڪوبہ ڏوهہ ڪونہ ڪيو آهي.“


پر اڄ تائين ايشور جي مدد مون ساڻ آهي، سو آءٌ پنهنجي ڳالهہ تي قائم آهيان ۽ هر غريب توڙي امير جي اڳيان هڪجهڙي شاهدي ٿو ڏيان. آءٌ رڳو اهي ڳالهيون ٿو ٻڌايان، جن بابت موسيٰ ۽ ايشور جو سنديش ڏيندڙ ٻيا سنت اڳڪٿي ڪري ويا آهن تہ اهي ضرور ٿينديون.


اي راجا اگرپا! ڇا اوهين ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنتن کي مڃو ٿا؟ هائو، آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهين مڃيندا آهيو.“


سڀيئي يهودي ڄاڻين ٿا تہ ننڍپڻ کان وٺي مون پنهنجو جيون پنهنجي ديس ۽ يروشلم شهر ۾ ڪيئن گذاريو آهي.


سو هاڻي مون کي انهيءَ وچن جي اميد جي ڪري هتي ڪورٽ ۾ آڻي بيهاريو اٿن، جيڪو ايشور اسان جي ابن ڏاڏن سان ڪيو هو.


سو اسين تنهنجا خيال ٻڌڻ گھرون ٿا، ڇاڪاڻ تہ اسان کي خبر آهي تہ جنهن پنٿ سان تون واسطو رکين ٿو، تنهن پنٿ جي جتي ڪٿي مخالفت هلي ٿي.“


پوءِ انهن پولس سان هڪڙو ڏينهن مقرر ڪيو ۽ ان ڏينهن تي سندن وڏو تعداد انهيءَ جاءِ تي اچي ڪٺو ٿيو، جتي هو رهيل هو. صبح کان شام تائين ايشور جي راڄ بابت سمجھائيندي پولس کين اُپديش ڏيندو رهيو، جنهن ۾ يسوع بابت کين مڃائڻ لاءِ موسيٰ جي نيم شاستر ۽ سنديش ڏيندڙ ٻين سنتن جي لکتن مان کين مثال ٻڌائيندو رهيو.


ابرهام، اضحاق ۽ يعقوب جي ايشور، هائو، اسان جي وڏن جي ايشور پنهنجي داس يسوع کي مهانتا بخشي. پر اوهان هن کي پڪڙايو ۽ کيس گورنر پلاطس جي درٻار ۾ رد ڪيو، جيتوڻيڪ پلاطس هن کي ڇڏي ڏيڻ جو ارادو ڪيو هو.


توڙي جو اوهان يسوع کي سوليءَ تي چاڙهي ڪوڪا هڻي ماري ڇڏيو هو، تڏهن بہ اسان جي ابن ڏاڏن جي ايشور کيس وري جيوت ڪيو.


’آءٌ تنهنجي ابن ڏاڏن جو ايشور، يعني ابرهام، اضحاق ۽ يعقوب جو ايشور آهيان.‘ تنهن تي موسيٰ ڏڪي ويو ۽ ان کي ڏسڻ جي همت نہ ٿيس.


۽ وينتي ڪيائينس تہ ”مون کي دمشق شهر جي يهودين جي ڀڳتيءَ وارين جاين لاءِ ڪي اهڙي مضمون جا خط لکي ڏيو تہ جيڪڏهن مون کي يسوع واري رستي تي هلندڙ ڪو مرد توڙي ناري ملي تہ کيس گرفتار ڪري يروشلم ۾ وٺي اچان.“


ايشور، جنهن جي پٽ بابت خوشخبري ٻڌائڻ ۾ آءٌ پنهنجي تن ۽ من سان سندس سيوا ٿو ڪريان، سو ئي منهنجو شاهد آهي تہ ڪيئن نہ آءٌ هردم اوهان کي پنهنجي پرارٿنائن ۾ ياد ڪندي


پر هاڻي ايشور پنهنجي سچائي ظاهر ڪري ڏيکاري آهي ۽ ان سان نيم جو ڪوبہ واسطو نہ آهي. انهيءَ ڳالهہ جي شاهدي موسيٰ جو شاستر ۽ ٻين سنتن جون پوِتر لکتون ڏين ٿيون.


۽ حقيقت ۾ اوهان جي وچ ۾ ڏڦيڙ بہ ضرور هوندا تہ جيئن اهو صاف ظاهر ٿئي تہ اوهان مان ڪير سچا آهن.


بتن جي پوجا، جادوگري، دشمني ۽ جھيڙو جھڳڙو، ساڙ، ڪاوڙ، ذاتي لالچ، جدايون ۽ ڌڙابندي،


جنهن ايشور جي ڀڳتي منهنجي ابن ڏاڏن ڪئي، آءٌ بہ انهن وانگر صاف‌دليءَ سان انهيءَ جي ڀڳتي ڪندي ۽ پنهنجين پرارٿنائن ۾ رات ڏينهن سدائين تو کي ياد ڪندي ايشور جو شڪر ادا ٿو ڪريان.


وشواسي منڊليءَ ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪندڙ ماڻهوءَ کي هڪ ٻہ دفعا نصيحت ڪر. جيڪڏهن پوءِ بہ نہ مڃي تہ ساڻس ڪوبہ واسطو نہ رک.


اهي انهيءَ کوجنا ۾ هئا تہ مسيح جي آتما، جيڪا انهن ۾ هئي تنهن ڪهڙي وقت ۽ حالتن ڏانهن اشارو ڪري اڳڪٿي ٿي ڪئي تہ مسيح تڪليفون سهي مرندو ۽ پوءِ مهانتا حاصل ڪندو.


تڏهن آءٌ هن جي اڳيان سيس نوائڻ لاءِ سندس پيرن تي ڪري پيس. پر هُن مون کي چيو تہ ”خبردار، متان ائين ڪرين! رڳو ايشور آڏو ئي سيس نواءِ! آءٌ تہ تو وانگر ۽ تنهنجي ڀائرن ڀينرن وانگر سيوا ڪرڻ وارو آهيان جيڪي سڀ يسوع بابت شاهدي ڏيڻ تي قائم آهيون، ڇاڪاڻ تہ يسوع بابت شاهدي ئي ايشور جي سنديش جو نچوڙ آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ