Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 24:1 - Hindu Sindhi Bible

1 پنجن ڏينهن کان پوءِ وڏو سردار ڪاهن حننياہ يهودي پئنچائت جي ڪن ٻين چڱن مڙسن ۽ ترطلس نالي هڪ وڪيل سان گڏجي قيصريہ ۾ آيو. اهي گورنر فِيلڪس اڳيان حاضر ٿيا ۽ پولس تي تهمتون هڻڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 ۽ پنجن ڏينهن کانپوءِ سردار ڪاهن حنانياہ، ڪن بزرگن سان گڏجي، ۽ طرطلس نالي هڪڙو وڪيل ساڻ ڪري آيو؛ پوءِ اُنهن حاڪم جي اڳيان پولس تي فرياد ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 پنجن ڏينهن کان پوءِ وڏو سردار ڪاهن حننياہ يهودي ڪائونسل جي ڪن ٻين چڱن مڙسن ۽ ترطلس نالي هڪ وڪيل سان گڏجي قيصريہ ۾ آيو. اهي گورنر فِيلڪس اڳيان حاضر ٿيا ۽ پولس تي تهمتون هڻڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 پنجن ڏينھن کان پوءِ وڏو سردار ڪاھن حنانياہ ڪن بزرگن ۽ ھڪ وڪيل طرطلس سان گڏجي قيصريہ ۾ آيو. اھي گورنر فِيلِڪس اڳيان حاضر ٿيا ۽ پولس تي تھمتون ھڻڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 24:1
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو هيروديس هڪڙو ڏينهن مقرر ڪري راجائي پوشاڪ پهري عدالت واري تخت تي اچي ويٺو ۽ انهن ماڻهن جي اڳيان تقرير ڪرڻ لڳو.


جڏهن پوِتر ٿيڻ جا اهي ست ڏينهن پورا ٿيڻ تي هئا، تڏهن آسيا صوبي جي ڪن يهودين پولس کي هيڪل ۾ ڏٺو. سو هنن سڄي خلق کي ڀڙڪائي اچي کيس پڪڙيو.


تنهن تي وڏي سردار ڪاهن حننياہ اتي بيٺل ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ ”هن کي وات وارو ڌڪ هڻو.“


کين هي بہ چيائين تہ ”پولس جي سواريءَ لاءِ گھوڙن جو انتظام ڪجو، تہ جيئن هن کي گورنر فِيلڪس وٽ صحيح سلامت وٺي وڃجي.“


هاڻ جڏهن مون کي خبر پيئي تہ هن ماڻهوءَ جي خلاف هڪ سازش سِٽي ويئي آهي، تڏهن کيس هڪدم اوهان ڏانهن ڏياري موڪليم ۽ سندس مخالفن کي حڪم ڏنم تہ جيڪڏهن انهن کي هن جي خلاف ڪجھہ چوڻو آهي تہ اوهان وٽ اچي چون.“


گھوڙيسوار سپاهين قيصريہ ۾ پهچي گورنر کي خط ڏنو ۽ پولس کي بہ سندس اڳيان پيش ڪيائون.


تڏهن پولس کي چيائين تہ ”آءٌ تنهنجو بيان انهيءَ مهل وٺندس، جڏهن تنهنجا مخالف بہ پهچندا.“ پوءِ هن حڪم ڏنو تہ ”هن کي گورنر واري محلات ۾ پهري هيٺ رکيو وڃي.“


اوهين جاچ ڪري سگھو ٿا تہ ٻارهن ڏينهن بہ مس گذريا هوندا جو آءٌ يروشلم ۾ ڀڳتي ڪرڻ لاءِ ويو هئس.


جڏهن پولس کي سڏايو ويو تہ ترطلس هن تي الزام هڻندي چيو تہ ”جناب فِيلڪس صاحب بهادر! اسين سائين جن جي ڪري ڏاڍي امن وَ شانتيءَ ۾ ٿا گذاريون ۽ اوهان جي دورانديشيءَ سبب هن قوم جي لاءِ ڪيترائي سڌارا ٿيا آهن.


جڏهن آءٌ يروشلم ۾ هئس تڏهن انهيءَ ماڻهوءَ جي خلاف سردار ڪاهنن ۽ يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن مون کي دانهن ڏني هئي ۽ وينتي ڪئي هئائون تہ آءٌ کيس سزا ڏيان.


سردار ڪاهنن ۽ يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن فيستس وٽ وڃي پولس جي خلاف دانهن ڏني ۽ وينتي ڪيائونس تہ


جڏهن آءٌ اوهان ڀائرن ڀينرن وٽ آيو هئس تہ مون ايشور جي ڀيد جو پرچار ڏکين ۽ ڏاهپ وارن لفظن کان سواءِ ڪيو هو.


منهنجي تقرير ۽ پرچار ڏاهپ جي دلفريب لفظن سان نہ، پر پوِتر آتما جي شڪتيءَ سان يقين ڪرڻ جهڙا ثابت ٿي پئي ويا،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ