Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 23:11 - Hindu Sindhi Bible

11 جڏهن رات ٿي تڏهن پولس کي پرڀو يسوع پنهنجي ڀرسان بيٺل نظر آيو جنهن چيس تہ ”دلجاءِ ڪر، جيئن تو يروشلم ۾ منهنجي لاءِ شاهدي ڏني آهي تيئن ئي روم ۾ بہ تو کي منهنجي لاءِ شاهدي ڏيڻي آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 جڏهن رات ٿي، تڏهن خداوند وٽس اچي بيٺو ۽ چيائينس تہ دلجاءِ ڪر، ڇالاءِ جو جيئن تو يروشلم ۾ منهنجي بابت شاهدي ڏني آهي، تيئن روما ۾ بہ توکي شاهدي ڏيڻي پوندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 جڏهن رات ٿي تڏهن پولس کي خداوند عيسيٰ پنهنجي ڀرسان بيٺل نظر آيو جنهن چيس تہ ”دلجاءِ ڪر، جيئن تو يروشلم ۾ منهنجي لاءِ شاهدي ڏني آهي تيئن ئي روم ۾ بہ تو کي منهنجي لاءِ شاهدي ڏيڻي آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 جڏھن رات ٿي تڏھن خداوند اچي پولس جي ڀرسان بيٺو ۽ چيائينس تہ ”دلجاءِ ڪر، جيئن تو يروشلم ۾ منھنجي لاءِ شاھدي ڏني آھي تيئن روم ۾ بہ تو کي منھنجي لاءِ شاھدي ڏيڻي پوندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 23:11
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن تي يسوع هڪدم کين چيو تہ ”ڊڄو نہ، آءٌ آهيان، دلجاءِ ڪريو.“


۽ کين سکيا ڏيو تہ انهن سڀني ڳالهين تي عمل ڪن جن جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي. يقين ڪريو تہ آءٌ سنسار جي پڄاڻيءَ تائين هميشہ اوهان سان هوندس.“


ڪن ماڻهن اڌرنگي جي بيماريءَ وارو هڪ ماڻهو کٽولي تي کڻي وٽس آندو. يسوع هنن جو ايڏو وشواس ڏسي اڌرنگي واري کي چيو تہ ”پٽ! دلجاءِ ڪر، تنهنجا پاپ معاف ڪيا ويا.“


جيئن تہ مون کي پنج ڀائر آهن، سو هو انهن کي وڃي تاڪيد ڪري تہ متان اهي بہ هن عذاب واري جاءِ ۾ اچي پون.‘


آءٌ ويندس تہ سهي، پر اوهان کي يتيم ڪري نہ ڇڏي ويندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان وٽ موٽي ايندس.


مون اهي ڳالهيون اوهان کي انهيءَ لاءِ ٻڌايون آهن تہ جيئن مون ۾ اوهان کي شانتي ملي. سنسار ۾ اوهين تڪليفون سهندا رهو ٿا، پر همت نہ هاريو. مون سنسار تي سوڀ حاصل ڪئي آهي.“


هڪڙيءَ رات پولس کي درشن ڏنو ويو، جنهن ۾ پرڀو يسوع کيس چيو تہ ”ڊڄ نہ، ٻڌائيندو رهہ ۽ بس نہ ڪر.


هنن ڳالهين جي ٿيڻ کان پوءِ پولس ارادو ڪيو تہ هو يونان جي صوبن مڪدُنيا ۽ اخيا مان ٿيندو يروشلم وڃي. هن وڌيڪ هي بہ فيصلو ڪيو تہ ”اتي وڃڻ کان پوءِ مون کي روم بہ ضرور وڃڻ گھرجي.“


سو راجا دائود اڳ ۾ ئي يسوع جا لفظ لکيا تہ ’مون تو پرميشور کي هر وقت پنهنجي اڳيان ڏٺو، ڇاڪاڻ تہ تون مون سان گڏ آهين، انهيءَ لاءِ تہ جيئن مون کي ڪو لوڏو نہ اچي.


هاڻي پوِتر آتما جي حڪم موجب آءٌ يروشلم ڏانهن وڃي رهيو آهيان. آءٌ نہ ٿو ڄاڻان تہ اتي مون سان ڇا ٿيندو.


پوءِ جيڪي تو ڏٺو ۽ ٻڌو هوندو، تنهن بابت تون سڀني ماڻهن جي اڳيان سندس شاهد ٿيندين.


جنهن ۾ مون پرڀو يسوع کي ڏٺو. هو مون کي چئي رهيو هو تہ ’جلدي ڪر، يروشلم مان هڪدم نڪري وڃ، ڇاڪاڻ تہ ماڻهو مون بابت تنهنجي شاهدي قبول نہ ڪندا.‘


ڇا ٻين وانگر آءٌ پنهنجو حق وٺڻ لاءِ آزاد نہ آهيان؟ ڇا آءٌ خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت نہ آهيان؟ ڇا مون يسوع کي نہ ڏٺو آهي جيڪو اسان جو پرڀو آهي؟ ڇا اوهين پرڀوءَ جي لاءِ منهنجي سيوا جو نتيجو نہ آهيو؟


ايتري قدر جو راجائي پلٽڻ جي سڀني سپاهين سميت سڀني ماڻهن ۾ مشهور ٿي ويو آهي تہ آءٌ مسيح جي خاطر قيد ۾ پيو آهيان.


پر پرڀو يسوع مون سان گڏ هو، جنهن مون کي شڪتي ڏني، انهيءَ لاءِ تہ منهنجي وسيلي خوشخبريءَ جو پرچار پورو ٿئي ۽ سڀ غير قومون ان کي ٻڌن. ائين ڄڻ تہ آءٌ شينهن جي وات مان ڇڏايو ويس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ